حيدرآباد (رپورٽ: امتياز کوسو) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ حيدرآباد جي حڪم کانپوءِ ايڇ ايم سي کي تاريخي پڪي قلعي جو خيال اچي ويو آهي. ايڇ ايم سي جي ٽيڪسينيشن شعبي پاران پڪي قلعي جي چئني پاسن کان قائم حددخليون ڊاهڻ لاءِ سروي جو عمل شروع ڪندي ابتدائي طور باچا خان چوڪ واري پاسي اسٽيشن ڏانهن ويندڙ روڊ تي قائم مانڊڻيون ۽ دڪان ڊاهڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ايڇ ايم سي جي ٽيڪسينيشن شعبي جي اسسٽنٽ ٽيڪس آفيسر افتخار احمد قائمخاني جي سربراهي ۾ ٽيم گذريل ڏينهن 40 مانڊڻيون ۽ 12 دڪان سيل ڪري ڇڏيا آهن جن کي ڪجهه ڏينهن ۾ ڊاٺو ويندو. ”پنهنجي اخبار“ پاران رابطو ڪرڻ تي اسسٽنٽ ٽيڪس آفيسر افتخار احمد قائمخاني دعويٰ ڪئي ته ڄاڻايل مانڊڻيون ۽ دڪان پڪي قلعي جي ديوار ڀرسان غيرقانوني طور قائم ٿيل آهن جتي ڪيتري ئي عرصي کان مبينا طور قبضا مافيا جا ماڻهو مختلف ڪاروبار ڪري رهيا هئا. هن چيو ته ڄاڻايل مانڊڻيون ۽ دڪان ڊاهڻ لاءِ ابتدائي طور انهن کي سيل ڪيو ويو آهي ته جيئن ڪاروبار ڪندڙ ماڻهو انهن دڪانن ۾ ٻيهر نه ويهي سگهن. عدالتي حڪم تحت ڄاڻايل مانڊڻيون ۽ دڪان ڊاهڻ لاءِ اڄ پوليس کان مدد لاءِ خط پڻ لکيو ويندو. ايڇ ايم سي ذريعن جو چوڻ آهي ته ڄاڻايل دڪانن مان ڪجهه دڪان حيدرآباد ميونسپل ڪارپوريشن جي ملڪيت آهن جيڪي انتظامي عملدارن ڪاروبار ڪندڙن کي غير قانوني طور ڪرائي تي ڏئي ڇڏيا هئا ڇاڪاڻ ته جنهن جاءِ تي دڪان قائم ٿيل آهن اتي واسا جي آفيس ۽ ايڇ ايم سي جو ورڪشاپ پڻ قائم ٿيل آهي. ذريعن تصديق ڪئي ته ڄاڻايل علائقي ۾ قائم ٻين دڪاندارن ۽ فٽ پاٿ تي ڪاروبار ڪندڙن کان ايڇ ايم سي جا ڪجهه عملدار مبينا طور ڀتو به وٺندا رهيا آهن. واضح رهي ته حيدرآباد جي تاريخي پڪي قلعي جي چئني پاسن کان قبضا مافيا جي ماڻهن غيرقانوني طور دڪان، هوٽلون ۽ گهر ٺاهي ڇڏيا آهن جنهن ڪري قلعي جي تاريخي حيثيت ميسارجڻ سان گڏ سونهن به متاثر ٿي رهي هئي پر ايڇ ايم سي پاران پڪي قلعي جي چئني پاسن کان قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ ڪو به تحرڪ نه ورتو ويو. هاڻي جڏهن سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ حيدرآباد شهر ۾ حددخليون ڊاهڻ جو حڪم ڏنو آهي تنهن کانپوءِ ايڇ ايم سي کي به پڪي قلعي سميت تاريخي عمارتن تان قبضا ختم ڪرائڻ جو خيال اچي ويو آهي.