شهدادڪوٽ/قبوسعيدخان (نمائندن وٽان) قبوسعيدخان جي ڳوٺ تونڪلي خان کوسو جي رهواسي 18 ورهين جي ٽيڪسي ڊرائيور بدرالدين کوسو جو بلوچستان جي علائقي استاد محمد ٿاڻي جي حد ۾ مان هٿ پير ٻڌل گوليون لڳل لاش هٿ آيو، جڏهن ته مقتول جي ٽيڪسي گم آهي، اطلاع تي اوستا محمد پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي مقتول نوجوان جو مڙھ تعلقي اسپتال پھچايو، جنهن بعد مقتول جي وارثن کي اطلاع ڏنو ويو، مقتول جي وارثن ذوالفقار کوسو ۽ سئوٽ سردار علي کوسو اسپتال پهچي پوسٽ مارٽم بعد مڙهه وصول ڪيو، ان موقعي تي وارثن ٻڌايو ته نوجوان ٽيڪسي ڊرائيور ھو، گذريل ڏينهن شام جو دير سان ڪجهه نامعلوم ماڻهوَ ڪار ٽيڪسي ڪرائي کيس بلوچستان جي شھر اوستا محمد وٺي ويا ھئا، جنهن بعد ھٿياربندن نوجوان کي گوليون ھڻي بيدردي سان قتل ڪري سندس ڪار ڪاھي فرار ٿي ويا آهن، هنن چيو ته اسان جي ڪنهن سان به دشمني ناهي، ظلم ٿيو آهي، جوابدار گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي، جڏهن ته قتل جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو.