ڪراچي (اسٽاف رپورٽر ) سنڌ جي گورنر ڪامران ٽسوري چيو آهي ته عيد کانپوءِ قبضا مافيا خلاف ڀرپور آپريشن ڪيو ويندو. ڪالهه سرجاڻي ٽائون جي فوڊ اسٽريٽ تي عوام سان گڏ 12هين سحري ڪرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڪيترن ماڻهن کي عوام جي افطاري لاءِ منھنجي پڪوڙا ترڻ تي اعتراض آهي، آئون کانئن پڇان ٿو ته عوامي افطاري لاءِ  پڪوڙا ترڻ ۾ڪهڙي خرابي آهي؟ آئون عوام لاءِ ھر ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آھيان، هن وڌيڪ چيو ته آئون صوبي جي ٻين شهرن ۾ به افطاري ڪرڻ ويندس، هن چيو ته ڪجهه ماڻهن کي عورتن لاءِ مفت ميندي لڳائڻ واري انتظام تي به اعتراض آهي، اعتراض ڪندڙ ٻڌي ڇڏيو، عورتن کي چوڙيون به ڏنيون وينديون، هن چيو ته 50 هزار نوجوانن کي مفت آءِ ٽي ڪورسز ڪرائڻ لاءِ تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن، ڪورس لاءِ نوجوانن جي چونڊ لاءِ گورنر هائوس ۾ جلد ٽيسٽ ورتي ويندي، آءِ ٽي ٽريننگ کانپوءِ اهي نوجوان 3 کان 5 لک رپيا ماهوار ڪمائي سگهندا، هن چيو ته اعليٰ تعليم لاءِ 1000 اسڪالرشپ ڏنيون وينديون، هن چيو ته قبضا مافيا ڪراچي مان ھنڌ بسترا گول ڪري، عيد کانپوءِ سرجاني ۾ قبضا مافيا خلاف ڀرپور آپريشن ڪيو ويندو.