قبرص وارو تڪرار ۽ نيٽو لاءِ وڌيل پريشانيون

0
13
قبرص وارو تڪرار ۽ نيٽو لاءِ وڌيل پريشانيون

 روسي ۽ چيني اڳواڻن جي هنگامي دورن کانپو يوڪرين جنگ ۾ نئين شدت اچڻ ۽ آمريڪي ۽ اتحادي فوجن جا هٿيار روس خلاف سرعام استعمال ٿيڻ بعد وچ اوڀر ۾ هاڻ هڪ وڏي گيم شروع ٿي وئي آهي، جنهن ۾ قبرص واري تڪرار يورپي يونين کي به ان جنگ ۾ گهلي آڻي بيهاريو آهي، جنهن تي نيٽو لاءِ به پريشانيون وڌي ويون آهن، عالمي جنگي ماهر ڪيتري وقت کان خبردار ڪري رهيا هئا ته اسرائيل ۽ حزب الله جي ڀرپور جنگ خطي جي ڪيترن ملڪن جي کيڏارين کي به گهلي آڻيندي. حزب الله کي قبرص بابت ڪيترائي خدشا هئا ۽ آهن. اسرائيل تيل بدلي خوراڪ واري معاهدي جي نالي ۾ لبنان تي ڪيترائي حملا ڪندو رهيو آهي ۽ هاڻ حزب الله جي قبرص خلاف جوابي ڪارروائي ان رومي سمنڊ جي نازڪ ٻيٽ لاءِ مسئلا پيدا ڪري ڇڏيا آهن. غزه تي گذريل سال کان اسرائيلي حملن اسرائيل ۽ حزب الله جي جنگ جي گهنٽي وڄائي ڇڏي آهي. لبنان قبرص مان اسرائيلي سامان جي رسد کي روڪڻ لاءِ ڪيترائي ڪامياب حملا به ڪيا آهن ۽ هاڻ اهي جنگ جي صورت اختيار ڪري ويا آهن. قبرص جيڪو جنگي علائقن بجاءِ پنهنجي ٻيٽن جي ڪري مشهور آهي، اهو ملڪ يورپي يونين جو ميمبر آهي، جيڪو لبنان جي سامونڊي ڪناري کان صرف سئو ميل پري آهي.

جڏهن 1960ع ۾ برطانيا قبرص کي آزاد ڪيو ته ان وقت هو اتي پنهنجا ٻه فوجي اڏا ڇڏي آيو هو. 2006 ۾ حزب الله ۽ اسرائيل جنگ دوران برطانوي شهري اتان نڪري ويا هئا. پر اهي ٻئي فوجي اڏا آمريڪا ۽ اسرائيل ڳجهي نموني لبنان خلاف استعمال ڪري رهيا هئا. غزه تي حملن لاءِ اسرائيل جنگي جهاز قبرص جي انهن ڳجهن ٻيٽن تان اچي حملا ڪري هليا ويندا هئا، جنهن جي برطانيا ترديد ڪئي هئي ته اسان کي ان بابت ڪا به خبر ناهي. اهڙي فوجي چرپر بعد قبرص يوڪرين جنگ ۾ روس کان پري به ٿي ويو ۽ يورپي يونين سان گڏ ٿي بيٺو. شام جنگ دوران هزارين پناهگير يورپي يونين جي ملڪن پهتا ته انهن کين قبرص جي ٻيٽ تي آباد ڪيو، ڇو جو ڏاکڻو قبرص شام کان ڪجهه ڪلاڪن جي فاصلي تي واقع آهي. مئي ۾ حسن نصر الله لبناني حڪومت کان سمنڊ کولڻ جو مطالبو ڪيو هو، جيئن قبرص جو رستو بحال ڪري سگهجي پر هاڻ قبرص نئين وچ اوڀر واري جنگ جو اهم مرڪز بڻجي ويو آهي.

هن ئي هفتي حزب الله جي سربراهه حسن نصرالله هڪ تقريب ۾ خطاب ڪندي پنهنجي ويجهي پاڙيسري قبرص جو ذڪر ڪندي ڌمڪي ڏني هئي ته جيڪڏهن لبناني ويڙهاڪن سان اسرائيل جي امڪاني جنگ ۾ هنن اسرائيل جي مدد ڪئي ته هو رومي سمنڊ جي ان ننڍي ٻيٽ کي نشانو بڻائي تباهه ڪري ڇڏيندا. اسرائيل پاران لبنان کي ڏنل “آل آئوٽ” جنگ ويجهو آهي واري ڌمڪي تي حسن نصرالله ٽي وي تي خطاب ۾ چيو ته اسان اسرائيل جي گهر اندر گهڙي وڊيو ٺاهي سگهون ٿا ته انهن جي پوري رياست جي ڪا به جاءِ اسان جي حملن کان محفوظ ناهي. هاڻ من ماني نه هلندي. هر شئي کي ڄاڻي واڻي نشانو بڻائي تباهه ڪنداسين، هو لبنان تي حملا ڪن ۽ اسان ماٺ ڪري ويهي ڏسون، اهو ڪٿان جو انصاف آهي. اسان وٽ حيفه جي چپي چپي کي تباهه ڪرڻ جي صلاحيت آهي.

ڇا قبرص به هاڻ ان جنگ جو حصو ٿيندو؟

جيڪڏهن هو اسرائيلي فوج کي وري پنهنجا اڏا ڏئي ٿو ته پوءِ قبرص هڪ نئين مصيبت ۾ ته پاڻ ڦاسندو پر پاڻ سان گڏ يورپي يونين کي به ڏچي ۾ وجهي ڇڏيندو. حسن نصرالله  جي ڌمڪي لبنان کي به نئين جنگ ۾ گهلي ڇڏيو آهي. قبرصي صدر نيڪوس ڪرسٽوڊولائڊس ان جنگ ۾ پوڻ جي سختي سان ترديد ڪندي چيو آهي ته ٻنهي ڌرين جا بيان خوشگوار ناهن. جيتوڻيڪ اسان جا عربن ۽ اسرائيل سان لاڳاپا بهتر آهن پر قبرص جنگي ڪارروائين ۾ ملوث آهي ان ۾ ڪا به صداقت ناهي. ان حوالي سان لبنان ۽ ايران سان ڳالهيون جاري آهن. يورپي يونين به قبرص جي دفاع ۾ اچي ويو آهي جنهن چيو آهي ته جيتوڻيڪ قبرص يورپي يونين جو حصو آهي ان ڪري قبرص تي حملو مطلب يورپي يونين تي حملو تصور ڪيو ويندو. يونان به قبرص جي حمايت ۾ سامهون اچي ويو آهي. جنهن چيو آهي ته “طاقت جو استعمال گڏيل قومن جي چارٽر جي ڀڃڪڙي آهي”. لبنان معاملي کي سڌو ڪرڻ لاءِ حرڪت ۾ اچي ويو آهي. سندن پرڏيهي وزير عبدالله بو حبيب پنهنجي قبرصي هم منصب ڪانسٽيٽنٽينوس ڪومبوس سان فون تي ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن کي بهتر رکڻ تي ڳالهيون ڪيون آهن.

قبرص جي ايتري اهميت ڇو آهي؟

جنگي ماهرن جو چوڻ اسرائيل ۽ حزب الله وچ ۾ جيتوڻيڪ جنگ جو ڪو امڪان ناهي پر قبرص جو ذڪر غزه ۾ اسرائيل ۽ حماس جي جهيڙي ۾ هڪ نئين لائين ڇڪي رهيو آهي. ان سان يورپي يونين جي هڪ ملڪ کي اهڙي جنگ ۾ ڌڪڻ جي ڪوشش آهي جيڪا پهرين ئي وچ اوڀر ۾ ڦهلجي وئي آهي. قبرص رومي سمنڊ جي وچ واري علائقي جو هڪ اهم ٻيٽ آهي جيڪو وچ اوڀر ۽ ڏکڻ يورپ وچ ۾ جاگرافيائي سياسي فالٽ لائين تي موجود آهي. قبرض جاگرافيائي طور تي وچ اوڀر جي جهيڙي ۾ يورپي طاقت جو مرڪز به رهيو آهي. اهو ٻيٽ آمريڪي رياست ڊيلاويئر کان ٻيڻ تي وڏو آهي. اهو ٻن حصن ۾ ورهايل آهي. ڏاکڻو حصو يوناني ڳالهائيندڙن تي مشتمل جنهن کي جمهوريه قبرص چيو ويندو آهي ان جو ٻيون حصو ترڪي ۾ موجود آهي جنهن کي ترڪ جمهوريا اتر قبرص چيو ويندو آهي. يونان ۽ سلطنت عثمانيا جي ويڙهه سبب ان کي ٻن حصن ۾ ورهايو ويو هو. عالمي برادري يونان واري قبرص کي تسليم ڪندي آهي ۽ ترڪ قبرص کي ”مقبوضه“ قرار ڏيندي آهي. ۽ ان ئي نظرئي کي حسن نصرالله هاڻ اڳتي کڻي رهيو آهي. ڏاکڻو قبرص يورپي يونين جو حصو آهي پر نيٽو جو فوجي اتحادي ناهي جيڪي هڪ ٻئي تي حملي جي صورت ۾ مدد جا پابند آهن. ان ڪري نيٽو ان حوالي سان ڪا وضاحت ئي ناهي ڪئي.

قبرص جا اسرائيل سان ڪهڙا لاڳاپا آهن؟

1960ع ۾ برطانوي نو آبادياتي حڪمراني مان قبرص کي آزادي ملي ته هن پهرين اسرائيل سان لاڳاپا بحال ڪري پوءِ 1994ع ۾ تل ابيب ۾ سفارتخانو کوليو. 1980ع کان 1990ع تائين ترڪي ۽ اسرائيل سان ڇڪتاڻ وڌي وئي ته قبرص به پاڻ کي پري رکيو. پوءِ عرب اسرائيل جنگ ۾ قبرص عربن جو ساٿ ڏنو ۽ فلسطيني رياست جي حمايت ڪئي. وري 1990ع ۽ پوءِ2000  ۾ اهي لاڳاپا وري بحال ٿي ويا. قدرتي گيس جي ڪري اسرائيل قبرص کي ترڪي ۽ ايران جي ويڙهاڪ گروپن کان تحفظ جي بهاني سان قبرص کي وري پاڻ سان ملائي ڇڏيو. اسرائيل پنهنجن فوجين کي تربيت ڏيڻ لا قبرصي زمين استعمال ڪرڻ شروع ڪئي. حزب الله تي حملن لاءِ قبرصي اڏن کي استعمال ڪرڻ شروع ڪيو. اسرائيل جي ايئر ڊفينس فورسز جو وڏو اڏو قائم ڪيو، ڇو جو ان علائقي مان لبنان تي سولائي سان حملا ڪري سگهجن ٿا. 2022 ۾ اسرائيلي فوج ڪيتري وقت تي اتان حزب الله سان ويڙهه ڪندي رهي. 2023 جون تازيون جنگي مشقون به قبرص ۾ ئي ڪيون ويون. جڏهن ته هاڻ قبرصي صدر وضاحت ڪندي چيو آهي ته اسان جو ملڪ ڪنهن به جنگي ڪارروائين يا سهولتڪاري ۾ ملوث ناهي رهيو.

غزه جنگ ۾ قبرص فلسطينين جي تمام گهڻي مدد به ڪئي آهي. يورپي يونين يا ٻين ملڪن مان آيل امدادي سامونڊي جهازن کي رستو ڏئي غزه پهچايو هو. اسرائيلي مخالف خلاف قبرص سامهو ٿي بيهي رهيو. قبرص جيتوڻيڪ سالن کان پنهنجن ئي اندروني جهيڙن جو شڪار به آهي هاڻ وري ان جي ٻن ڳجهن اڏن جي لاڳيتي استعمال غزه جنگ کي يورپي يونين تائين وڌائي ڇڏيو آهي. ان جو مطلب ته يورپي يونين جو ڪو به ملڪ پهريون ڀيرو غزه جي توسيع ٿيل جنگ ۾ سڌي ريت ملوث آهي. حزب الله پاران اسرائيل جي حساس هنڌن جي ڊرون فوٽيج جاري ڪرڻ جو مقصد اسرائيل کي سڌي وارننگ آهي. اًڱاري تي حزب الله 9 منٽ واري جاري ڪيل ڊرون وڊيو جنهن ۾ اسرائيل شهر حيفه ۽ ان جي ڀرپاسي وارن شهري علائقن ۽ فوجي اڏن کي ڏيکاريو ويو آهي، اها اصل ۾ نئين جنگ جي صف بندي آهي. جنگي ماهرن جو چوڻ آهي ته حزب الله کي خبر آهي ته اسرائيل سان سڌي جنگ لبنان لاءِ تباهه ڪن هوندي پر اها جنگ آمريڪا کي به وچ اوڀر ۾ ٻن محاذن تي وڙهن تي مجبور ڪندي جيڪو پنهنجي اليڪشن جي ڪري في الحال ان معاملي کان پري رهڻ جي چڪر ۾لڳو پيو آهي. جيڪڏهن ايئن ٿيو ته پو ايران به ان جنگ ۾ شامل ٿي ويندو ۽ پو ان جا روسي، شامي ۽ ٻيا اتحادي به سندن مدد لا اچي نڪرندا. جيتوڻيڪ ايران ايڏي وڏي قيمت چڪائڻ لا تيار ناهي پر آمريڪا به وچ اوڀر جي ان دٻڻ ۾ ڦاسڻ کان پري ڀڄي رهيو آهي.

9 منٽن واري ان ڊرون وڊيو تي اسرائيلي پرڏيهي وزير اسرائيل ڪاٽز “هر قسم جي جنگ” جو نالو ڏيندي چيو ته اها جنگ شروع ٿئي ٿي ته اسان غزه جيان لبنان کي به ڌرتي تان مٽائي گم ڪري ڇڏينداسين. حزب الله ڊرون فلم ۾ اسرائيلي شهر حيفه جي اترين ڳتيل آبادي، رهائشي ڪامپليڪس، ڪرائيوٽ، لبناني سرحد کان 17 ميل پري ڏکڻ جا مالز، تفريحي ماڳ مڪان، ملٽري ڪمپليڪس، جنهن ۾ اسرائيل ڪمپني رافيل هٿيار ٺاهيندي آهي. آئرن ڊوم بيٽريان، ميزائل اسٽوريج سائيٽس، ريڊار سائيٽس، حيفه جي بندرگاهه، فوجي جنگي ٻيڙيون، سامونڊي جهاز، تيل ذخيرو ڪندڙ آئل ڊپوز، رائيٽرز ۽ سي اين اين موجب انهن وڊروز ۾ اسرائيل جا ٻه حساس فوجي اڏا شامل آهن، جيڪي حيفه جي اترين علائقي ۾ زير زمين آهن. زمين کان مٿي هڪ فوجي اڏو جتي پنجاهه کان وڌيڪ آمريڪي ۽ اسرائيل جهاز بيٺل آهن. ڊرونز ڪيمرا تيل جي اڏن، آئل ريفائنري ۽ جهازن جي به وڊيو ڀري آهي. اسرائيلي شهر ۾ حزب الله جو ڊرون ڪيمرا ڪيترائي ڪلاڪ اڏامندو رهيو. هاڻ ان جي انتهائي ويجهي انداز سان جاچ شروع ڪئي وئي آهي.

هٿيارن جي ماهر ويم زو جننبرگ موجب فوٽيجز ۾ نظر ايندڙ هڪ ڊرون قاسف k2 ايراني ماڊل آهي جيڪو مقامي سطح تي تيار ڪيو ويو آهي.حيفه جي ميئر يونا ياهو ان کي “نفسياتي دهشتگردي” قرار ڏيندي چيو آهي ته اسرائيلي فوج چوڻ باوجود شهر جي دفاع لا ڪجهه ناهي ڪيو. حزب الله چيو آهي ته اها فلم جي پهرين قسط آهي ٻئين جلد جاري ٿيندي. ان بعد اسرائيل ۾ هنگامي بنيادن تي جنگي تياريون شروع ڪيون ويون آهن ۽ آمريڪا سفارتي ڪوششن وڌائي قبرص تي اجلاس طلب ڪري ورتو آهي.