قاضي احمد (ن پ ا) قاضي احمد ۾ ڳوٺ ھاشم راھو مان 8 مھينا اڳ مبينا اغوا ٿيل ناري ثنا راھو جي بازيابي لاءِ سندس وارثن، سول سوسائٽي، سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن 19 ھين ڏينھن به پوليس ٿاڻي اڳيان پاڪ ڪتاب کڻي علامتي بک ڪري احتجاج طور ڌرڻو ھنيو، احتجاج دوران مغوي ناري جي امڙ گلشن راھو زاروقطار روئيندي بيھوش ٿي وئي، جنهن کي اسپتال عملي پھچي طبي امداد ڏئي ھوش ۾ آندو، هوڏانهن بار اڳواڻن جي وفد الله بخش چانڊيو، امتياز چانڊيو، علي گل کورکاڻي، ڊاڪٽر غلام شبير چانڊيو، قربان مھڙ، بشير جوکيو ۽ ٻين پهچي احتجاج جي حمايت ڪئي، هنن مطالبو ڪيو ته اغوا ٿيل ناري ثنا راھو کي بازياب ڪرائي سندن وارثن مان بيچني ختم ڪئي وڃي.