قاضي احمد ۾ نائين ڪلاس جي شاگردياڻي جو پيءُ تي حراسمينٽ جو الزام: وڊيو وائرل

0
590

قاضي احمد : قاضي احمد ۾ نائين ڪلاس جي شاگردياڻي آسيا لاشاري پنهنجي سڳي پيءُ تي حراسمينٽ جو الزام هڻي وڊيو وائرل ڪري ڇڏي

پير محلا واسي شاگردياڻي آسيا لاشاري اسڪول مان وڊيو رڪارڊ ڪري پنهنجي فيس بڪ اڪائونٽ تي وائرل ڪري تحفظ جي گهر ڪئي سندس چوڻ آهي ته  پيءُ مولابخش مون ۾ بري نظر رکي ٿو آئون ساڻس گڏ رهڻ نه ٿي چاهيان مون کي پي  ۽  چاچي  مان جان جو خطرو آھي جيڪڏھن قتل ٿي وڃان ته اهي ذميوار هوندا

 وڊيو وائرل ٿيڻ بعد مقامي پوليس ڄاڻايل اسڪول پهچي شاگردياڻي کي حفاظتي تحويل ۾ وٺي پوليس اسٽيشن منتقل ڪيو

هوڏانهن الزام هيٺ آيل پيءُ مولا بخش لاشاري چيو ته مون مٿان ڌيءُ جا الزام ڪوڙا آھن کيس موبائل فون تي ڳالھائڻ کان روڪڻ تي اهڙا الزام هڻي رهي آھي

هن چيو ته نياڻي جي امڙ فوت ٿي وئي آھي جنهن ڪري کيس انصاري برادري سان تعلق رکندڙ سالي جي گهر رهائڻ لاِءِ ڇڏيو هو، منهنجي ڌي مون کي پيءُ بدران چاچو ڪري سڏيندي آھي اڄ مون فون تي ڳالهائڻ کان منع ڪئي انڪار ڪرڻ تي کيس مارڪٽ به ڪئي

هن چيو ته منهنجي ڌيءُ  گهر ۾ ننڍڙي ڀيڻ سان رهندي آھي جڏھن آئون ٻاهر ويندو ھئس ته گهر کي تالو لڳائي ويندو هئس، هاڻ نينگري پوليس جعمدار حبيب انصاري سان گڏ رهڻ چاهي ٿي