قاضي احمد ( ن پ ا) قاضي احمد جي ڳوٺ ھاشم راھو مان 8 مھينا اڳ هٿياربندن هٿان اغوا ٿيل عورت ثناءَ راهو بازياب نه ٿي سگهي، وارثن جي مسلسل احتجاج کانپوءِ گھوٽڪي پوليس ڪيس ۾ نامزد ٻن جوابدارن نصر علي  لنڊ ۽ ضمير حسين لنڊ کي گرفتار ڪري ورتو، قاضي احمد پوليس ٿاڻي اڳيان ستين ڏينهن به ناري ثناءَ راهو جي وارثن امجد راهو، سونهن راهو، گلشن راهو، رضا محمد راهو سميت ٻين مردن ۽ عورتن معصوم ٻارڙن سميت احتجاج ڪيو، وارثن اڄ عيد ڏھاڙي به بک هڙتالي ڪئمپ جاري رکڻ ۽ عيد نه ملھائڻ جو اعلان ڪيو، شاعر ڊٻائي مھر، سماجي اڳواڻ جان محمد ڪليار، ايس ٽي پي اڳواڻ بشير جوکيو، سماجي اڳواڻ حاجي خان لاکو سميت ٻين اڳواڻن ڀرپورساٿ ڏيڻ جو وچن ورجايو ويو، مغوي ناري جي وارثن جو چوڻ هو ته واقعي جو رخ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، جوابدارن کي بچائڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن.