قاضي احمد (ن پ ا) قاضي احمد لڳ نوابشاهه لنڪ روڊ تي تيز رفتار ڪار جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾ ٽنڊو آدم واسي 60 سالا اسلم وسطڙو ۽ نور محمد شاهه سخت زخمي ٿي پيا، جن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ نوابشاهه اسپتال منتقل ڪيو پئي ويو ته اسلم وسطڙو زخمن جا سور نه سھندي رستي ۾ ئي فوت ٿي ويو، زخمي نور محمد شاهه ٻڌايو ته اسان ٽنڊو آدم کان قاضي احمد وڃي رھيا هئاسين ته ڪار ٽڪر ھنيو، هوڏانهن حادثي بعد ڪار ڊرائيور فرار ٿي ويو.