قاضي احمد (ن پ ا) قاضي احمد لڳ کنگهه ۽ ساهه جي بيماري وگهي 2 معصوم سڳا ڀائر فوت، خبر موجب ڳوٺ  سلطان خاصخيلي ۾ کنگھه ۽ سھڪي جو وائرس ڦھلجي ويو آهي، ڪالهه بيماري وگهي 2 معصوم سڳا ڀائر 3 سالا ظفر علي خاصخيلي ۽ 4 سالا اظھر علي خاصخيلي فوت ٿي ويا، وارثن جو چوڻ آهي ته ٻارن کي کنگهه ۽ سھڪو ٿيو، جنهن بعد سندن موت واقع ٿيو، ڳوٺاڻن بشير خاصخيلي، آچر خاصخيلي ۽ ٻين صحت کاتي کان مطالبو ڪيو ته ڊاڪٽرن جون ٽيمون موڪلي وڌيڪ معصوم ٻارن جون زندگيون بچايون وڃن.