نئون ديرو (ن پ ا) پاڪستان پيپلز پارٽي جي باني قائد قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 44 هين ورسي اڄ اڱاري ڏينهن پوري ملڪ جي ضلعي هيڊ ڪوارٽرن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ پ پ شهيد ڀٽو پاران ڌار ڌار ملهايون وينديون. پاڪستان پيپلز پارٽي قيادت پاران رمضان المبارڪ مهيني جي ڪري ورسي جو مرڪزي جلسو ملتوي ڪري ورسي سادگيءَ سان ضلعي هيڊ ڪوارٽرن ۾ ملهائڻ جو اعلان ڪيو ويو هو جنهن ڪري ورسي جي مرڪزي تقريب نئون ديرو هائوس ۾ شام جو افطار وقت منعقد ڪئي ويندي، جنهن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جو چيئرمين وزير خارجه بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصفه ڀٽو زرداري خصوصي شرڪت ڪندا ۽ پ پ چيئرمين ورسي تقريب کي خطاب ڪندو، جڏهن ته  پارٽي جا مرڪزي توڙي صوبائي اڳواڻ جلسي کي خطاب ڪندا. جڏهن ته ان کان اڳ پيپلز پارٽي ضلعي لاڙڪاڻي پاران ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ صبح جو 9:00 وڳي قرآن خواني ڪئي ويندي، جنهن بعد قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي مزار تي حاضري ڀري خراج عقيدت پيش ڪيو ويندو. جڏهن ته پيپلز پارٽي شهيد ڀٽو پاران ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ صبح جو 11:00 وڳي  قرآن خواني ڪري اجتماعي دعا گهري قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو سميت شهيد قائدين جي مزارن تي حاضري ڀري خراج عقيدت پيش ڪيو ويندو.