قائد اعظم جي پاڪستان ۾ هر مذهب جي ماڻهن کي کُليل نموني عبادت جو حق حاصل آهي: وڏو وزير

0
514
قائد اعظم جي پاڪستان ۾ هر مذهب جي ماڻهن کي کُليل نموني عبادت جو حق حاصل آهي: وڏو وزير
قائد اعظم جي پاڪستان ۾ هر مذهب جي ماڻهن کي کُليل نموني عبادت جو حق حاصل آهي: وڏو وزير

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته قائد اعظم جي پاڪستان ۾ هر مذهب جي ماڻهن کي کُليل نموني عبادت جو حق حاصل آهي، شهرين کي تعليم، صحت ۽ روزگار سوڌو سمورا بنيادي حق مليل آهن

مزارِ قائد تي حاضري بعد گورنر  سان گڏ ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته قائد اعظم جي اصولن تي هلندي اڳتي وڌنداسين، وڏي وزير مهمانن جي ڪتاب ۾ پنهنجا تاثرات به لکيا

وڏي وزير مسيحي برادري کي ڪرسمس جون واڌايون ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان جي قيام ۾ اقليتن جو اهم ڪردار رهيو آهي، اڄوڪي ڏينهن تي ڪشميري ڀائرن کي نه وسارڻ گهرجي، اسان ڪشمير کي ڀارتي ظلم کان آزاد ڪرائڻ لاءِ جدوجهد جي حمايت جاري رکنداسين