فيض گنج پوليس چوري جي الزام ۾ جوابدارن کي نجي جيل ۾ رکي ڇڏيو

0
233
ٻن نوجوانن کي هٿڪڙيون لڳائي خانگي جڳهه ۾ واڙَي ڇڏيو
فيض گنج پوليس چوري جي الزام ۾ جوابدارن کي نجي جيل ۾ رکي ڇڏيو!!

فيض گنج: پڪاچانگ شهر مان دڪاندارن جي گهر مان چوري الزام هيٺ گرفتار ڪيل محمد وارث ۽قاسم لنجواڻي کي پوليس مبينه طور نجي جيل ۾ هٿ ڪڙيون هڻي کٽ سان ٻڌي ڇڏيو، نوجوانن جي ويڊيو وائرل ٿي وئي. پڪاچانگ شهر مان دڪاندارن جاويد ميمڻ جي گهر مان 9تولا سون ۽70هزار رپيا روڪ رقم چوري ٿيا هئا جنهن جو الزام لاڏائوقبيلي جي چئن معصوم ٻارن مٿان لڳايو ويو هو،

پوليس ڄاڻايل ٻنهي نوجوانن کي گرفتار ڪري نجي جاء تي رکي ڇڏيو آهي، وڊيو ۾ واضع طور ڏسي سگهي ٿو ته نوجوان کي هٿ ڪڙيون لڳل آهن ۽کٽ تي ويٺل آهي.

نوجوانن جي نجي جاء ۾ قيدهجڻ بابت وڊيو وائرل ٿيڻ بعد فيض گنج پوليس سان رابطو ڪيو ويو ته پوليس موقف ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. ان سلسلي ۾ ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته جنهن جاء تي نوجوانن کي قيد رکيو ويو هو اتي پوليس هن کان اڳ ۾ گرفتار ٿيلن جوابدارن کي رکي سخت تشدد ڪندي رهي آهي.