فيض گنج: ليلان جا آتڻ جي زمين وڪرو ٿيڻ جو انڪشاف، گروي رکي قرض کنيو ويو

0
48
فيض گنج: ليلان جا آتڻ جي زمين وڪرو ٿيڻ جو انڪشاف، گروي رکي قرض کنيو ويو
فيض گنج: ليلان جا آتڻ جي زمين وڪرو ٿيڻ جو انڪشاف، گروي رکي قرض کنيو ويو

فيض گنج (رپورٽ: رياض سولنگي) فيض گنج لڳ قديمي آثار ليلان جا آتڻ جي مبينا طور 6 ايڪڙ 7 گهنٽا زمين وڪرو ٿيڻ جو انڪشاف

زمين تي زرعي قرض به کنيو ويو، پنهنجي اخبار زمين گروي وارا ڪاغذ هٿ ڪري ورتا، رپورٽ موجب ديھه اڪري چودڳي ۾ قائم قديمي ماڳ ليلان جا آتڻ جي 259 ايڪڙ زمين مان 6 ايڪڙ 7 گهنٽا زمين وڪرو ٿيڻ ڪرڻ بعد زرعي بئنڪ ۾ گروي رکي قرض کڻڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، حاجي مکڻ ولد محمد ابراهيم لاکو  جي نالي سان زمين گروي ٿيل آهي

گروي ٿيل زمين بابت زرعي ترقياتي بئنڪ پڪاچانگ پاران عام نيلامي جو اشتهيار پڻ جاري ٿيل آهي، جنهن بعد قديمي آثارن جي زمين جي مالڪي ڪندڙ محمد سليمان لاکو 2 لک 30هزار 9 تاريخ تي بئنڪ ۾ قسط جمع ڪرائي، جڏهن ته قديمي آثارن جي زمين تي هيوي مشنري ذريعي ڪم به جاري آهي

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڪيس هجڻ باوجود قديمي آثارن تي ڪم ڪرايو پيو وڃي، جڏهن ته پوليس توڙي لاڳاپيل کاتي جون اختياريون به خاموش بڻيل  آهن

قديمي آثار ليلان جي آتڻ جي 25 ايڪڙ زمين جي مالڪي جي دعويٰ

فيض گنج: قديمي آثارن ليلان جي آتڻ جي 25 ايڪڙ زمين جي مالڪي جي دعويٰ ڪندڙ محمد سليمان لاکو ۽ جلالدين لاکو پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته جنهن هنڌ ڪم هلي رهيو آهي اها زرعي زمين آهي

ليلان جا آتڻ اتي نه آهي، اها زمين اسان 1994۾ کڻت ڪئي آهي، ڪاغذ به موجود آهن، هنن موجب هتي مختلف برادرين پاران زمين کڻت ڪئي وئي آهي پر انهن خلاف ڪير به ڳالهائڻ لاءِ تيار نه آهي

هنن چيو ته اسان مٿان قبضي جا ڪوڙا الزام لڳايا پيا وڃن، هنن موجب جنهن زمين تي معاملو هلندڙ آهي، ان جو ڪيس هاءِ ڪورٽ ۾ آهي جنهن بابت جي آءِ ٽي پڻ جوڙيل آهي، هنن چيو ته  اسان جو ان سان ڪو به تعلق نه آهي