فيض گنج: علي نواز واهه کي لڳل گهارو نه ٿيو، 6ڳوٺ پاڻي هيٺ

0
184
فيض گنج: علي نواز واهه

فيض گنج (رپورٽر) فيض گنج ڀرسان علي نواز واهه کي لڳل گهارو ٻئي ڏينهن به بند نه ٿي سگهيو ، گهاري سبب سوين ايڪڙ زمين ۽ ڇهه ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا آهن

جڏهن ته رهواسي گهرن مان سامان ڪڍي روڊن رستن تي ويٺل  آهن، ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته اطلاع باوجود هن وقت تائين آبپاشي عملدار نه پهتا آهن، وڏو نقصان ٿيو آهي، ڳوٺاڻن موجب، گهاري سبب ڳوٺ يار محمد، سليمان راڄپر، عباس مجيداڻو، رڪن الدين ۽ ڳوٺ ستار پاڻي هيٺ اچي ويا ۽ 8گهر ڪري پيا آهن، رابطو ڪرڻ تي ايس ڊي او ايريگشن عبدالغني شر ٻڌايو ته تيز برسات هئي جنهن سبب گهارو نه ٻڌجي سگهيو، ڪرين مشين ۽ ٽريڪٽر موڪليا آهن، گهارو جلد بند ڪيو ويندو