اسلام آباد (م ڊ) اڳوڻي ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل (ر) فيض حميد جو فيض آباد ڌرڻو ڪميشن کي ڏنل بيان سامهون اچي ويو. ليفٽننٽ جنرل (ر) فيض حميد ڪميشن کي ڏنل بيان ۾ چيو آهي ته حڪومت 22 نومبر 2017ع تي وزيراعظم جي سربراهي ۾ ڌرڻو ختم ڪرڻ جي ذميواري ڏني هئي،تحريڪ لبيڪ پاران معاهدي تي آرمي چيف جي صحيُن جي گهر ڪئي وئي هئي، انڪري معاهدي تي صحيُون ڪيون، معاهدي تي صحيح جي اجازت تڏهوڪي آءِ ايس آءِ چيف ۽ آرمي چيف ڏني هئي، فيض حميد چيو ته ٽي ايل پي جي مالي معاملن جي جاچ نه ڪئي، ڇو ته اهو اسان جي مئنڊيٽ ۾ نه هو.  ياد رهي ته فيض آباد ڌرڻي جي انڪوائري ڪميشن فيض حميد کي ڪلين چٽ ڏيندي پنجاب حڪومت کي ذميوار قرار ڏنو آهي، جڏهن ته ڪميشن فيض حميد سان گڏ ڊي جي رينجزر پنجاب ميجر جنرل نويد اظهر حيات کي به آجو قرار ڏئي ڇڏيو آهي.