فيصل آباد ۾ ٻن ڀينرن جو قتل، هڪ جي مڙس جو به لاش هٿ

0
175
سيوھڻ ويجهو 35 ورھين

ڪراچي( ڊ) فيصل آباد ۾ ٻن ڀينرن جي قتل ڪيس ۾ گرفتار جوابدار جي نشاندهي تي ٽئين شخص جو لاش پڻ هٿ ڪيو ويو آهي, گرفتار جوابدارن قتل ٿيل ڀيڻ جي مڙس کي به قتل ڪرڻ ۽ لاش واهه ۾ اڇلائڻ جو به اعتراف ڪيو آهي

پوليس موجب فيصل آباد جي علائقي مامون ڪنجن جي سم نالي مان ٻن ڀينرن زينب ۽ آمنه جا لاش پلاسٽڪ جي ڊرم مان مليا هئا جن کي پوليس اسپتال منتقل ڪيو هو، جوابدارن کي ٻه ڏينهن اڳ گرفتار ڪيو ويو هو

پڇا ڳاڇا دوران جوابدار عمر فاروق آمنا سان سوشل ميڊيا تي دوستي کانپوءِ وهاڙي جي رهواسي ان جي مڙس ظفر کي قتل ڪرڻ جو اعتراف ڪيو

جوابدار جي نشاندهي تي گذريل ڏينهن مقتول ظفر جو لاش هٿ آيو هو، جڏهن ته ٻنهي ڀينرن جا لاش پڻ وارثن حوالي ڪيا ويا هئا

پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار ٻن ڀينرن کي قتل ڪرڻ بعد سندن ٽن معصوم ٻارن کي مامون ڪنجن کان وٺي ساهيوال واري علائقي ۾ ريلوي ٽريڪ وٽ درياهه پار ڪري ڇڏي آيو هو، جن کي مقامي پوليس چائلڊ پروٽيڪشن بيورو لاهور جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي