دادو: فوڊ کاتي پاران دادو ضلعي جي اٽي چڪي مالڪن کي ڪڻڪ جي فراهمي شروع نه ڪرڻ سبب کليل مارڪيٽ ۾ ڪڻڪ جي في ٻوري تي 200 رپين جي اضافي سان ڪڻڪ جي في ٻوري جو اگهه 6200 رپين تي پهچي ويو آهي جنهن سبب دادو، ميهڙ ، ڪي اين شاهه ۽ جوهي ۾ اٽي جو في ڪلو 80 رپيا ۽ ٻين ننڍن شهرن ۽ ٻهراڙي وارن علائقن ۾ اٽو في ڪلو 85 رپين ۾ وڪرو ڪيو پيو وڃي جنهن سبب دادو ضلعي جو عوام ڪڻڪ تي ڏنل سبسڊي کان محروم بڻيل آهي.