فورسز تي حملو ڪندڙ 4 کان 5 دهشتگرد فرار ٿيا، اڃان زنده آهن: ضياءَ لانگو

0
169
فورسز تي حملو ڪندڙ دهشتگرد فرار
فورسز تي حملو ڪندڙ 4 کان 5 دهشتگرد فرار ٿيا، اڃان زنده آهن: ضياءَ لانگو

ڪوئيٽا: بلوچستان جي وڏي وزير جي گهرو صلاحڪار ضياءَ لانگو چيو آهي ته گذريل ڏينهن سڪيورٽي فورسز جي ڪئمپس تي حملو ڪندڙ 4 کان 5 دهشتگرد مقابلي دوران بازار ۾ ويا ۽ اڃا تائين زنده آهن

ڪوئيٽا ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ضياءَ لانگو چيو ته علائقي ۾ بازار بند آهي ۽ دهشتگردن جي مارجڻ تائين بند رهندي

هن چيو ته نوشڪي ۾ ايف سي ڪيمپ تي حملو ڪيو ويو، 12 جوان زخمي ٿيا، گذريل رات به دهشتگردن خلاف آپريشن ڪيو ويو، نوشڪي ۾ دهشتگردن خلاف آپريشن مڪمل ڪيو ويو آهي

نوشڪي ۾ هڪ شهري جي مارجڻ جا به اطلاع آهن.  ضياءَ لانگو موجب پنجگور ۾ 7 اهلڪار شهيد ۽ 12 زخمي ٿيا آهن، پنجگور ۾ دهشتگردن خلاف آپريشن جاري آهي

هن چيو ته هن مهيني اسان کي دهشتگرد تنظيمن کان ٿريٽس هئا، دهشتگرد تنظيمن کي افغانستان مان مدد ملي رهي آهي، حملي آور ڪير هئا، انهن جو تعلق ڪهڙي تنظيم سان هو، اسان اڃا ڪجهه نٿا چئي سگهون، اڄ انٽيليجنس ادارن جو اجلاس سڏايو آهي، ان ۾ سڀ ڪجهه سامهون اچي ويندو