راولپنڊي (م ڊ) پاڪ فوج جي ترجمان چيو آهي ته فوج کي سياست ۾ مداخلت جي دعوت ڏيڻ ٺيڪ ناهي، آرمي چيف جي عهدي کي بنا جواز بحث جو موضوع نه بڻايو، اهو ڪنهن جي مفاد  ۾ نه آهي. پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي آءِ ايس پي آر پشاور ڪور ڪمانڊر بابت سينيئر سياستدانن جي تازن بيانن کي انتهائي غيرمناسب قرار ڏئي ڇڏيو. آءِ ايس پي آر جاري ڪيل هڪ بيان ۾ چيو ته پشاور ڪور پاڪستان آرمي جي هڪ مشهور فارميشن آهي، پشاور ڪور ٻه ڏهاڪن کان دهشتگردي خلاف قومي جنگ ۾ هر اول دستي جو ڪردار ادا ڪري رهي آهي، ان اهم ڪور جي قيادت سدائين بهترين پروفيشنل هٿن ۾ سونپي وئي آهي. آءِ ايس پي آر چيو ته پشاور ڪور ڪمانڊر بابت اهم ۽ سينيئر سياستدانن جا تازا بيان انتهائي غيرمناسب آهن، سينيئر قومي سياسي قيادت مان اميد آهي ته اها اداري خلاف تڪراري بيانن کان پاسو ڪندي، پاڪ فوج جا آفيسر ۽ سپاهي جان هٿ تي رکي وطن جي خودمختياري ۽ سالميت جي حفاظت ڪري رهيا آهن، اهڙا بيان سپاهين ۽ قيادت جي مورال ۽ وقار تي منفي اثر وجهن ٿا. ٻئي طرف ڊي جي آءِ ايس پي آر نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي چيو ته اسان تفصيلي بيان جاري ڪيو آهي، ڪافي عرصي کان چئي رهيا آهيون ته فوج جو سياست سان ڪوبه سروڪار ناهي، ڪجهه ڏينهن کان سياسي قيادت جا بيان انتهائي غيرمناسب آهن. ميجر جنرل بابر افتخار چيو ته اسان بار بار درخواست ڪري رهيا آهيون ته فوج کي سياست ۾ نه گهليو، فوج جو سياست ۾ عمل دخل نه آهي، آرمي چيف جي مقرري جو طريقيڪار آئين ۾ واضح آهي، پاڪستان جي قانون موجب فوج کي سياست کان پري رهڻ جو حڪم آهي، آرمي چيف جي عهدي تي بنا جواز ڳالهائڻ هن عهدي کي تڪراري بڻائڻ برابر آهي، آرمي چيف جي عهدي تي بنا جواز ڳالهائڻ ملڪ جي مفاد ۾ آهي ۽ نه وري اداري جي مفاد ۾ آهي، آرمي چيف جي عهدي کي بنا جواز بحث جو موضوع نه بڻايو وڃي. هن چيو ته اسان اداري طور ڪافي عرصي کان برداشت ۽ صبر جو مظاهرو ڪري رهيا آهيون، بطور ملڪ اسانجا سيڪيورٽي چيلنجز گهڻا آهن، فوج اوڀر، اولهه سرحد سميت اتر ۾ اندروني سيڪيورٽي جون اهم ذميواريون ادا ڪري رهي آهي، اسانجي سموري قيادت جو ڌيان انهن ذميوارين ۽ ملڪ جي حفاظت تي آهي، درخواست آهي سياستدان هجن يا ميڊيا، فوج کي سياسي گفتگو کان ٻاهر رکو. ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته ضمني اليڪشن هجي، ڪينٽونمينٽ يا مڪاني اليڪشن، فوج سياست کان پري رهڻ جو عملي مظاهرو ڪيو، جيڪي به سياسي سرگرميون هلنديون آهن، بطور اداري اسان فوج کي سياست کان پري رکيو، جنهن جي تصديق سمورا سينيئر سياستدان به ڪري رهيا آهن. ميجر جنرل بابر افتخار چيو ته جلسن ۽ تقريرن ۾ فوج کي سياسي صورتحال ۾ مداخلت جي دعوت ڏيڻ انتهائي غيرمناسب آهي، فوج جي سياسي صورتحال ۾ مداخلت جي ڳالهه ڪنهن کي به نٿي سونهي، اسان پنهنجا فرض سرانجام ڏئي رهيا آهيون، فوج جي قيادت پنهنجي طور تي پاڪستان جي سيڪيورٽي ۽ پاڪستان جي حفاظت تي انچ اچڻ نه ڏينداسين.