اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ کنڀي گم ڪيل شهرين کي بازياب ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، چيف جسٽس اطهر من الله کنڀي گم ڪيل ماڻهن جي بازيابي لاءِ حڪومت کي آخري موقعو ڏيندي چيو ته جيڪڏهن حڪومت لاپتا ڪيسز ۾ قدم نٿي کڻي ته 9 سيپٽمبر تي وزيراعظم پيش ٿئي، آخري  موقعو ڏئي رهيا آهيون ڪجهه نه ٿيو ته چيف ايگزيڪيوٽو کي طلب ڪنداسين، وزيراعظم عدالت ۾ پيش ٿي آئين ڏنل ذميواريون پوريون ڪرڻ ۾ ناڪامي جا سبب ٻڌائي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ مدثر نارو ۽ ٻين گم ٿيل ماڻهن بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس اطهر من الله ريمارڪس ڏيندي چيو ته سموريون ايجنسيون ڪنهن جي ڪنٽرول ۾ آهن؟ ڪير ذميوار آهي؟ جنهن تي ڊپٽي اٽارني جنرل ٻڌايو ته ايجنسيون حڪومت جي ماتحت آهن، چيف جسٽس چيو ته التوا نه ڏينداسين، دليل ڏيو يا چيف جسٽس کي سمن جاري ڪريون؟ چيف جسٽس چيو ته ٻن فورمز ڊڪلير ڪري ڇڏيو ته هي جبري گمشدگين جو ڪيس آهي پوءِ ڇا ٿيو؟ جي آءِ ٽي ۾ آءِ ايس آءِ ۽ ٻيا ادارا آهن انهن به چيو ته هي جبري گمشدگين جو ڪيس آهي، موجوده ۽ اڳوڻي حڪومت جو لاپتا ماڻهن بابت ڪردار ناهي، بنيادي ذميواري حڪومت ۽ چيف ايگزيڪيوٽو جي آهي، ڊپٽي اٽارني جنرل چيو ته خاطري ڪرايون ٿا ته ڪابينا جي ڪاميٽي ان سموري مامري کي ڏسندي،  مڃون ٿا صحيح طرح ڪيس ڊيل ناهي ڪيو ويو، موجوده حڪومت کي ٿورو وقت ڏيو، حساس مامرو آهي، اڳوڻن چيف ايگزيڪيوٽوز کي پنهنجو بيان جمع ڪرائڻ جو چيو وڃي، چيف جسٽس چيو ته جنهن جي دور ۾ مسنگ ٿيا آهن اهي ذميوار آهن، عدالت اڳوڻن چيف ايگزيڪيوٽو کي به حلفي بيان جمع ڪرائڻ جو چيو هو، جنهن تي ڊپٽي اٽارني جنرل چيو ته عدالت سمورن چيف ايگزيڪيوٽو کي پاڻ سمن جاري ڪري ته بهتر ٿيندو، ٿورو وقت ڏنو وڃي. چيف جسٽس چيو ته عدالت تمام گهڻو وقت ڏنو آهي هاڻ وڌيڪ وقت نٿا ڏئي سگهون. درخواستگذارن جي وڪيل ڪرنل انعام الرحيم چيو ته آرمي سپريم ڪورٽ ۾ مڃي چڪي آهي ته اسان کنيو آهي، ملٽري آفيشلز 37 ماڻهن کي کڻڻ جي ذميواري قبولي هئي، ڪلڀوشن کي به فيملي سان ملاقات جي اجازت ڏني وڃي ٿي پر درخواستگذار جو ڀاءُ لاپتا آهي ملاقات جي اجازت نٿي ڏني وڃي، عدالت پڇاڻو ڪيوته آرمڊ فورسز ڇو هن قسم جي غيرقانوني ڪارروائي ۾ ملوث رهيون؟ درخواستگذارن جي وڪيل ايمان مزاري چيو ته ڪميشن پهرين رپورٽ ۾ تجويزون ڏنيون هيون انهن تي عمل ناهي ٿيو. فرحت الله بابر چيو ته 2018ع ۾ چيئرمين لاپتا ڪميشن سينيٽ ڪاميٽي ۾ چيو ته 153 آرمي جا ماڻهو ملوث آهن، جي ايچ ڪيو ۾ باقاعده طور لاپتا ماڻهن لاءِ سيل ٺاهيو ويو، اڊيالا جيل مان 111 ماڻهو آزاد ٿيا جيل جي در تان ئي کنڀيا ويا. جنهن تي چيف جسٽس چيو ته پارليامينٽ ڇا ڪيو؟ فرحت الله بابر چيو ته پارليامينٽ قانون ٺاهيو جنهن ۾ چيو ويو ته آءِ ايس آءِ کي دائري اختيار ۾ آندو وڃي، مسئلو اهو آهي ته آءِ ايس آءِ ڪنهن به قانون تحت نٿي اچي، چيف جسٽس چيو ته آءِ ايس آءِ وزيراعظم جي ماتحت آهي جيڪو آئين ۾ لکيو ويو آهي عدالت ان جو قدر ڪري ٿي ۽ عمل ڪندي، چيو پيو وڃي ته پارليامينٽ ۾ هڪ بل آيو اهو به غائب ٿي ويو، حڪومت ڪنهن کي جوابده آهي جنهن تي فرحت الله بابر چيو ته حڪومت پارليامينٽ کي جوابده آهي.آمنه جنجوعه چيو ته ڪميشن کي اِن ڪيمرا سيشن گهرائڻ گهرجي، منهنجو مڙس ۽ ٻين جو گهٽ ۾ گهٽ پتو ته پوي اهي زنده به آهن يا نه. عدالت عابد نظير ايڊووڪيٽ کان پڇاڻو ڪندي چيو ته پارليامينٽ کي ته هيلپ ليس نه هجڻ گهرجي، سپريم ڪورٽ 2013ع ۾ فيصلو ڏنو ان تي اڃا تائين عمل ناهي ٿيو، ڪنهن کي ذميوار قرار ڏجي؟ عابد نظير ايڊووڪيٽ چيو ته گهرو وزير کي طلب ڪري پڇاڻو ڪيو وڃي، وزيراعظم کي به سمن جاري ڪري سگهجي ٿو، چيف جسٽس چيو ته جيڪڏهن ان معاملن ۾ فوج جو ڪو شخص ملوث هجي ته ان جو ڪورٽ مارشل ڪرڻ گهرجي، عابد نظير ايڊووڪيٽ چيو ته جانورن جا به حق هوندا آهن، لاپتا ماڻهو ته وري به انسان آهن انهن جا به حق آهن، آرڊر پاس ڪرڻ کان اڳ وزيراعظم کي گهرايو وڃي. چيف جسٽس اطهر من الله چيو ته جڏهن ماڻهن کي اهو لڳندو ته آرمڊ فورسز لاپتا ڪرڻ ۾ ملوث آهن تڏهن قومي سلامتي ڪمزور پئجي ويندي آهي، غلط ڳالهيون نه ڪريو، چيف جسٽس چيو ته پوليس ڪهڙو ڪم پئي ڪري؟، اها حقيقت آهي ته ڪير به ڪم نٿو ڪري. عدالت پڇاڻو ڪيو ته هن وقت ڪيترا شهري گم آهن؟ ٻڌڻي دوران ڊپٽي اٽارني جنرل آگاهي ڏيندي چيو ته رپورٽ موجب 8 هزار 400 شهرين مان 600 اڃا گم آهن، ڪيئي ماڻهو هن ڪيس ۾ ڊبل رول ادا ڪري رهيا آهن، جيڪي هيڏانهن به آهن هوڏانهن به آهن. ڊپٽي اٽارني جنرل جي جواب تي عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته ايتري پوليس کي ڀرتي ڪيو ويو آهي، انهن جو ڪم ڪهڙو آهي؟ ان دوران فرحت الله بابر عدالت کي ٻڌايو ته ايترن ماڻهن کي کنڀيو ويو آهي، اڃا تائين پتو ناهي پيو کين کنڀڻ وارو ڪير آهي؟. چيف جسٽس چيو ته گم ٿيل ماڻهن جا وارث پريشان آهن، چيف جسٽس اطهر من الله گم ٿيل شهرين کي بازياب ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته عدالتي حڪم تي عمل نه ٿيو ته وزيراعظم پيش ٿئي. جنهن بعدعدالت  ڪيس جي ٻڌڻي 9 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.