اسلام آباد(بيورو رپورٽ) عدالتي حڪم باوجود فوجي عدالتن متعلق ڪيس ٻڌڻي لاءِ مقرر ناهي ٿي سگهيو. جلد ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪيو وڃي. ايڊووڪيٽ لطيف کوسا سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي. فوجي عدالتن متعلق ڪيس جلد ٻڌڻي لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي وئي. درخواست ۾ ڪيس کي پهرين جولاءِ کان شروع ٿيندڙ هفتي ۾ مقرر ڪرڻ جي استدعا ڪئي وئي. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته سپريم ڪورٽ  ڪيس کي جنوري 2024 جي ٽئين هفتي ۾ مقرر ڪرڻ جي هدايت ڪئي هئي. عدالتي حڪم باوجود ڪيس هن وقت تائين ٻڌڻي لاءِ مقرر ناهي ٿي سگهيو. درخواست گذار جو چوڻ آهي ته 103 فوجي عدالتن ۾ زير حراست جوابدارن جي ڪيسن جو فيصلو سپريم ڪورٽ ڪاروائي سبب رڪيل آهي. 13 ڊسمبر کان هن وقت تائين ڪيس جي ٻڌڻي ناهي ٿي سگهي.