فواد چوڌري جو قانون ۽ انصاف واري وزارت جو چارج سنڀاليندي ئي وڏو ايڪشن

0
240
تحريڪ انصاف سپريم ڪورٽ جي

اسلام آباد (بيورو) سڌ سماءُ واري وفاقي وزير فواد چوڌري قانون ۽ انصاف واري وزارت جو چارج سنڀاليندي ئي وڏو ايڪشن کڻي ورتو ۽ عالمي سازش تي ڪميشن جوڙڻ جي هدايت ڪري ڇڏي

ڪميشن عالمي سازش ذريعي حڪومت جي تبديلي ۽ عدم اعتماد جي تحريڪ سميت ٻين عنصرن کي ڏسندي، ڪميشن عالمي سازش جي جاچ ڪري رپورٽ ڏيندي

وفاقي وزير اسلام آباد، ڪراچي ۽ لاهور ۾ درجنين قانوني آفيسرن کي بدلي ڪرڻ جا به حڪم جاري ڪري ڇڏيا، قانون ۽ انصاف واري وزارت جي سمورن آفيسرن کي هدايتون ڏنيون آهن ته اهي پنهنجا فرض بهتر نموني سرانجام ڏين

ٻئي پاسي ڪابينا ڊويزن اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين کي قانون ۽ انصاف واري وزارت جو اضافي چارج ڏيڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو، جنهن بعد وفاقي وزير قانون ۽ انصاف جو عهدو سنڀاليو

قانون ۽ انصاف واري سيڪريٽري ۽ ٻين عملدارن وفاقي وزير جو استعقبال ڪيو ۽ قانون واري سيڪريٽري وفاقي وزير کي وزارت جي معاملن بابت بريفنگ ڏني

واضح رهي ته وزيراعظم عمران خان سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري  کي قانون ۽ انصاف واري وزارت جو اضافي چارج ڏنو هو

ھي به پڙھندا

 

پرويز الاهي يا حمزه شهباز، پنجاب جو ايندڙ وڏو وزير ڪير ٿيندو؟