اسلام آباد (اسلام آباد) سپريم ڪورٽ چيو آهي ته مخصوص سيٽن لاءِ فهرست نه ڏيڻ جو نقصان ته ٿيندو، سني اتحاد ڪيس هارائي يا کٽي، مخصوص سيٽون کٽيل سيٽن جي تناسب کان هٽي نٿيون ڏئي سگهجن. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي فل بينچ سني اتحاد ڪائونسل جي مخصوص نشستن بابت درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس آف پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ ريمارڪس ڏنا آهن ته آئين مقدس آهي، ان تي عمل ڪرڻ آپشن نه لازمي آهي. چيف جسٽس چيو ته  ڪنهن جو نالو کڻڻ بنا چيو ته ڪو ڊڪٽيٽر اچي ته سڀ وزير ۽ اٽارني جنرل بڻجي ويندا آهن، جمهوريت ايندي آهي ته سڀ ماڻهو ڇريون ڪڍي وٺندا آهيون. چيف جسٽس چيو ته آئين ۾ ڏنل اصول واضح آهي ته اسان ڇو نوان طريقا ڪڍي وٺندا آهيون؟ آئين مقدس آهي، ان تي عمل ڪرڻ آپشن نه لازمي آهي، تاريخ جي ڳالهه ڪرڻي آهي ته مڪمل طور ڪيو. جسٽس اطهر من الله ريمارڪس ڏنا ته اڄ به آئين تي عملدرآمد نه پيو ٿئي، اسان کي حقيقت کي منهن ڏيڻ بدران منهنجو مٿو ريتي ۾ نه دٻائڻ گهرجي، سڀ اهو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن ته ڄڻ اسان ماضي جي ڳالهه ڪري رهيا آهيون، اسان کي ماضي جون غلطيون تسليم ڪرڻ گهرجن. چيف جسٽس چيو ته عورتن ۽ اقليتن جي مخصوص سيٽن جي فهرست نه ڏني ته اُن جا اثر ته هوندا، جيڪڏهن پرائيز بانڊ خريد ئي نه ڪيو آهي ته نڪرندو ڪيئن؟ پرائيز بانڊ خريد ڪرڻ ته ضروري آهي، آئين مقدس آهي، ان تي عمل لازمي آهي، آئين تي عمل کانسواءِ ڪوبه آپشن ناهي، قاضي فائز عيسيٰ چيو ته سمجهه ۾ نٿو اچي ڇو سياسي پارٽين اندر چونڊون ڇو نه ڪرايون وينديون آهن، اها ئي جمهوريت آهي، جمهوريت جي ڳالهه ڪرڻي آهي، پر انٽرا پارٽي چونڊون نه ڪرائڻيون آهن، سپريم ڪورٽ ۾ به اسان پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ تحت جمهوريت آندي آهي، جسٽس اطهر من الله ريمارڪس ڏيندي چيو ته سپريم ڪورٽ جي بئٽ نشان بابت فيصلي مان مونجهارو ٿيو، چيف جسٽس چيو ته بئٽ جي نشان تي نه، سپريم ڪورٽ انٽرا پارٽي چونڊن تي فيصلو ڏنو هو، انٽرا پارٽي چونڊون ۽ بئٽ جي نشان بابت فيصلو چوڻ ۾ وڏو فرق آهي، اسان هڪ پاسي نظرثاني ڪري رهيا آهيون ته ٻئي پاسي تبصرو، ڪنهن ٻي بئنچ جي فيصلي تي ريمارڪس ڏيڻ مناسب ناهي، اڳتي هلو، جسٽس اطهر من الله چيو ته ڪير به فيصلي جي قانوني حيثيت تي سوال نٿو اٿاري، ڇا اليڪشن ڪميشن ٻڌايو ته جيڪڏهن بئٽ نه هوندي ته سمورا اميدوار هڪ نشان تي چونڊون ڪيئن وڙهندا؟ سني اتحاد ڪائونسل جي وڪيل فيصل صديقي دليل ڏيندي چيو ته حامد رضا جي نامزدگي فارمن ۾ سني اتحاد ڪائونسل اميدوار ظاهر ڪيو، نشان نه ملڻ سبب آزاد اليڪشن وڙهيو. جنهن تي چيف جسٽس چيو ته اوهان هوا ۾ اڇلائي ڳالهه ڪري رهيا آهيو، دستاويز به پيش ڪرڻا پوندا، جنهن تي وڪيل چيو  ته آئون دستاويز به پيش ڪندس. جسٽس منيب اختر ريمارڪس ۾ چيو ته مسلم ليگ (ن)، پيپلز پارٽي ۽ جي يو آءِ اميدوارن کي مخصوص سيٽون ڏيڻ لاءِ الڳ اصول جوڙيو ويو. تحريڪ انصاف اميدوارن کي مخصوص سيٽون ڏيڻ جي لاءِ الڳ اصول اپنايو ويو اليڪشن ڪميشن ائين ڪيئن ٿي ڪري سگهي؟: مخصوص سيٽن تي منتخب ميمبرن جي وڪيل مخدوم علي خان دليل جي شروعات ڪئي ۽ چيو ته اليڪشن پروگرام اليڪشن ايڪٽ تحت جاري ڪيو ويو. نامزدگي ڪاغذ تاريخ کان اڳ جمع ڪرائڻ ضروري هوندو. تاريخ ۾ اضافو ڪيو ويو. 24 ڊسمبر تائين مخصوص سيٽن جي لسٽ جي تاريخ جاري ڪئي وئي. اليڪشن ڪميشن ڪنفرم ڪندو. 24 ڊسمبر تائين مخصوص سيٽن جي لسٽ جي تاريخ جاري ڪئي وئي. اليڪشن ڪميشن ڪنفرم ڪندو. سني اتحاد ڪائونسل مخصوص سيٽن متعلق لسٽ جمع ڪرائي. ؟ جسٽس منصور علي شاهه چيو ته سني اتحاد ڪائونسل کي پارليماني جماعت تسليم ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن ڪڏهن جاري ٿيو؟ وڪيل مخدوم علي خان چيو ته هن سوال جو جواب اليڪشن ڪميشن بهتر ڏئي سگهي ٿو. سپريم ڪورٽ حڪم امتناع ڏنو ته اضافي مخصوص سيٽن تي منتخب ميمبرن جي رڪنيعت معطل ٿي وئي. چونڊن کان اڳ مخصوص سيٽن جي فهرست جمع ڪرائڻ وارا ئي بعد ۾ دعوي ڪري سگهن ٿا. پشاور هاءِ ڪورٽ اليڪشن ڪميشن جو فيصلو برقرار رکيو. چيف جسٽس چيو ته حيران ڪن ڳالهه آهي ته سلمان اڪرم راجه ۽ فيصل صديقي پشاور هاءِ ڪورٽ جي ڳالهه ئي ناهي ئي. ٻنهي وڪيلن صرف اليڪشن ڪميشن جي فيصلي جي ڳالهه ڪئي. جسٽس اطهر من الله چيو ته  نامزدگي ڪاغذ نه مڃڻ ۽  اميدوارن کي آزاد ظاهر ڪرڻ ئي اصل تڪرار آهي، اڄ به آئين تي عمل نه پيو ٿئي،  ائين اکيون بند نه ڪرڻ گهرجن جنهن مان اهو تاثر وڃي ته عدالت به مليل آهي جنهن تي چيف جسٽس چيو ته پنهنجون غلطيون سڀني کي مڃڻ گهرجن