لاهور(شوبز نيوز) پاڪستاني اداڪار،مصنف ۽ هدايتڪار ياسر حسين جو فادرز ڊي تي خصوصي پيغام سوشل ميڊيا جي زينت بڻجي ويو. انسٽاگرام تي ياسر حسين پوسٽ شيئر ڪئي، جنهن ۾ هن پنهنجي والد جي تصوير جاري ڪئي ۽ پنهنجي والد بڻجڻ جو دلچسپ وڊيو  جي صورت ۾ شيئر ڪيو. ياسر حسين پوسٽ جي ڪيپشن ۾ والد جي اهميت کي اجاگر ڪندي لکيو ته ”انهن سمورن پيئرن کي فادرز ڊي مبارڪ، جن جي پيرن هيٺان جنت ته نه پر انهن جو دل ڪائنات جيترو وڏو هوندو آهي.