اسلام آباد: وفاقي حڪومت ٽيڪس ادائگي لاءِ پاڪستاني شهري جي وصف تبديل ڪري ڇڏي آهي، هاڻ پاڪستان ۾ 184 ڏينهن گذاريندڙ شخص پاڪستان جو شهري ليکيو ويندو ۽ ان کان ٽيڪس به اوڳاڙيو ويندو، اها تبديلي فنانس بل وسيلي ايف بي آر ڪئي آهي. رپورٽ موجب وفاقي ٽيڪس اداري ايف بي آر پاڪستان ۾ ٽيڪس جي ادائگي لاءِ پاڪستاني شهري جي وصف تبديل ڪري ڇڏي آهي، هاڻ 184 ڏينهن پاڪستان ۾ رهندڙ شخص کي ٽيڪس ادا ڪرڻو پوندو. اها تبديلي فنانس بل 2021ع وسيلي ڪئي وئي آهي، ان کان اڳ هڪ سال ۾ 120 ڏينهن رهندڙ شخص پاڪستان جو شهري شمار ٿيندو هو.