اسلام آباد(بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي ۾ وفاقي وزارتن ۽ ڊويزنن لاءِ ايندڙ مالي سال دوران خرچن لاءِ گهربل رقم جي منظوري جو عمل مڪمل ٿي ويو آهي. قومي اسيمبلي جي ايوان 40 وزارتن، ڊويزنن ۽ ادارن  لاءِ  8883 ارب رپين کان وڌيڪ ماليت جي 133 مطالبن جي منظوري ڏئي ڇڏي. 7 وزارتن ۽ ڊويزنن جي رقم ۾ گهٽتائي لاءِ مخالف ڌر جا سموريون ڪٽوتي جون  رٿون ووٽنگ ذريعي رد ٿي ويون . قومي اسيمبلي اڄ فنانس بل جي منظوري ڏيندي, جنهن سال نئي مالي سال جي بجيٽ جي حتمي منظور جو عمل مڪمل ٿي ويندو , قومي اسيمبلي ۾ بجيٽ جي منظوري جو عمل جاري آهي. ايوان ۾ مختلف وزارتن ۽ ڊويزنن جا مطالبا منظور ڪيا ويا. قومي اسيمبلي ٻن ڏينهن دوران 6165 ارب رپين کان وڌيڪ جا 103 مطالبن جي منظوري ڏئي ڇڏي، جڏهن ته 7 وزارتن ۽ ڊويزنن جي 2860 ارب رپين کان وڌيڪ جي 30 رقم جي ڪٽوتي جا مطالبا رد ڪيا ويا. قومي اسيمبلي پرڏيهي معاملن واري ڊويزن جي 51 ارب 86 ڪروڙ روپين کان وڌيڪ جي ٻن مطالبن تي ڪٽوتي جون 27، گهرو وزارت جي 56 ارب 63 ڪروڙ 73 لک روپين کان وڌيڪ جي 5 مطالبن تي ڪٽوتي لاءِ 107 تحريڪون رد ڪري ڇڏيون. اسلام آباد ڪيپيٽل ٽيريٽري لاءِ 20 ارب 41 ڪروڙ رپيا، نيشنل ڪائونٽر ٽيررازم اٿارٽي لاءِ هڪ ارب رپين کان وڌيڪ جي منظوري ڏني وئي. ايوان فوڊ سڪيورٽي ڊويزن جي ٻن مطالبن تي 46 ڪٽوتين بابت اپوزيشن جي ٺهراءُ کي رد ڪندي 21 ارب 19 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ جا مطالبا منظور ڪري ورتا. جڏهن ته قانون ۽ انصاف ڊويزن جي ٽن مطالبن تي اپوزيشن جا 26 ٺهراءُ رد ڪندي ايوان 15 ارب 62 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ جا مطالبا منظور ڪري ورتا. گذريل ڏينهن بچاءَ واري وزارت لاءِ 2149 ارب 82 ڪروڙ رپيا، انٽيليجنس بيورو لاءِ 18 ارب 32 ڪروڙ رپيا، دفاعي پيداوار ڊويزن لاءِ 4 ارب 87 ڪروڙ رپيا، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام لاءِ 598 ارب 71 ڪروڙ رپيا، آب وسيلن جي ڊويزن لاءِ 263 ارب 48 ڪروڙ رپيا رکيا ويا هئا. اقتصادي معاملن واري ڊويزن جا 30 ارب 68 ڪروڙ رپين، وفاقي تعليم ڊويزن جا 198 ارب 55 ڪروڙ 26 لک رپين کان وڌيڪ جا مطالبا منظور ڪيا ويا. قومي صحت واري وزارت لاءِ 54 ارب 86 ڪروڙ رپيا، ريلوي ڊويزن لاءِ 109 ارب 43 ڪروڙ رپيا، اسلام آباد جي ضلعي عدالتن لاءِ 1 ارب 36 ڪروڙ رپيا، ايوي ايشن ڊويزن لاءِ 26 ارب 17 ڪروڙ رپيا، موسمياتي تبديلي لاءِ 7 ارب 26 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ جا مطالبا منظور ڪيا ويا. واپار واري وزارت جا 22 ارب 73 ڪروڙ، مواصلات ڊويزن جا 65 ارب 31 ڪروڙ، انفارميشن ٽيڪنالاجي ڊويزن جا 69 ارب 5 ڪروڙ، هائوسنگ اينڊ ڪنسٽرڪشن ڊويزن جا 36 ارب 74 ڪروڙ روپين جا مطالبا منظور ڪيا ويا. اطلاعات ۽ نشريات ڊويزن جي 17 ارب 91 ڪروڙ، بحري معاملن جي ڊويزن جا 7 ارب 45 ڪروڙ، اينٽي نارڪوٽڪس ڊويزن جي 7 ارب 77 ڪروڙ، پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ ڊويزن جي 73 ارب 45 ڪروڙ کان وڌيڪ جي مطالبن جي منظوري ڏني وئي.