غزه (م ڊ) فلسطين ۾ اسرائيلي ظلم عيد جي ڏينهن به بند نه ٿيا، غزه ۾ اسرائيلي ڪارروائين جي نتيجي ۾ وڌيڪ 41 بي گناهه فلسطيني شهيد ٿي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا. فلسطيني اختيارين موجب گذريل ڏينهن  عيد جي موقعي تي به اسرائيلي فوج پاران وحشياڻي بمباري ڪئي وئي. جنهن جي نتيجي ۾ 41 کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ٿي ويا آهن ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا. هوڏانهن البريج ڪيمپ تي وڌيڪ هڪ اسرائيلي حملي ۾ ڪيترائي فلسطيني شهيد ٿي ويا آهن. ڪيمپ تي ٿيل حملي ۾ شهيد ٿيندڙن ۾ سڀ کان وڌيڪ انگ ٻارڙن جو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب اسرائيلي فوجين ڪيترن ئي گھرن کي باهه پڻ  ڏئي ڇڏي. شهيد فلسطينين ۾ ٻارڙا ۽ عورتون به شامل آهن. فلسطيني صحت واري وزارت موجب 41 ڄڻا شهيد ٿيڻ کان پوءِ  گذريل سال 7 آڪٽوبر کان هن وقت تائين اسرائيلي فوج هٿان شهيد ٿيندڙ فلسطينين جو انگ 37 هزار 337 ٿي ويو آهي، جڏهن ته هن وقت تائين 85 هزار 229 زخمي ٿي چڪا  آهن.  هوڏانهن فلسطيني ويڙهاڪ تنظيم حماس جي مزاحمت پڻ جاري آهي. گذريل ڏينهن حماس جي هڪ حملي ۾ 10 اسرائيلي فوجي مارجي ويا. حماس جي القسام برگيڊ بيان جاري ڪندي چيو آهي ته دشمن جي گاڏين تي هڪ پيچيده حملو ڪيو، جڏهن ته اسرائيلي فوجين کي ريسڪيو لاءِ ايندڙ ٽيمن کي به نشانو بڻايو ويو.  ٻئي پاسي اسرائيلي فوج پاران مختلف قسمن جون رڪاوٽون وجھڻ باوجود فلسطيني نوجوان بيت المقدس ۾ داخل ٿي ويا جنهن سبب مسجد الاقصيٰ تڪبير جي نعرن سان گونجي ويو. 30 هزار کان وڌيڪ فلسطينين قبله اول ۾ داخل ٿي عيد الاضحيٰ جي نماز ادا ڪئي. ان موقعي تي ظالم اسرائيلي فوجين نمازين تي تشدد ڪيو. يهودي فوج مسجد اقصيٰ جي اڱڻ ۾ ڀڃ ڊاهه ڪئي، نمازين جا سڃاڻپ ڪارڊ چيڪ ڪري کين هراسان ڪيو. نمازين جي چرپر ۾ خلل وڌو. ان موقعي تي هزارين فلسطيني اهڙا به هئا، جن کي عيد جي نماز لاءِ مسجد اقصيٰ ۾ داخل ٿيڻ کان روڪيو ويو. اسرائيلي فوج جي اهڙي عمل سان سڄي دنيا جي مسلمانن ۾ ڪاوڙ جي لهر ڇانئجي وئي آهي.