فقيرآباد لڳ هڪ ئي ڳوٺ جا 100 کان وڌيڪ گهر پٽ، ٽائون آفيسر تي روڊ کي ڪٽ هڻي ڳوٺ ٻوڙائڻ جو الزام

0
388

فقيرآباد (ن پ ا) ٽائون ڪميٽي فقير آباد جي سڀ کان وڏي آبادي واري ڳوٺ حاجي محمد لائق راڄپر ٻڏي ويو. رهواسين ٽائون آفيسر تي بااثرن سان گڏجي روڊ کي ڪٽ هڻائي ڳوٺ کي ٻوڙائڻ جو الزام هنيو آهي

مليل اطلاعن موجب فقيرآباد ويجهو 4سئو کان وڌيڪ گهرن تي مشتمل ڳوٺ حاجي محمد لائق راڄپر جي هر گهر ۾ چيلهه جيڏو پاڻي بيٺل آهي، 8 ڏينهن کان مسلسل پاڻي بيهڻ ڪري 100 کان وڌيڪ گهر مڪمل طور تي ڊهي پٽ پئجي پئجي ويا آهن، جن ۾ صحافي فضل ابڙي جو گهر شامل آهي

8ڏينهن کان سوين متاثر پنهنجا گهر ڊهڻ بعد چوپائي مال سميت روڊن تي بنا ڪنهن تنبو جي کلي آسمان هيٺ ويٺل آهن، ڳوٺ جي رهواسين جو چوڻ آهي ته ٽائون آفيسر بااثرن جون زمينون ۽ گهر بچائڻ لاءِ روڊ کي ڪٽ هنيو جنهن ڪري سمورو پاڻي ڳوٺ ۾ ڪاهي پيو ۽ ڳوٺ ٻڏي ويو

هنن چيو ته تڪ جي چونڊيل نمائندن سميت ٽائون آفيسر متاثرن جي ڪا به واهر ناهي ڪئي، فضل ابڙي چيو ته اسان سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ٽائون آفيسر خلاف پٽيشن داخل ڪنداسين، متاثرن تڪ جي ايم پي اي منور وساڻ ۽ صوبائي صلاحڪار منظور وساڻ کان مطالبو ڪيو ته فوري طور تي اسان جي واهر ڪئي وڃي

ھي به پڙھندا

برسات سبب قيامت خيز منظر: ٺري ميرواهه شهر ٻڏي ويو

نوشهروفيروز پاڻي هيٺ آيل، اسپتال ۾ داخل مريض رلي ويا، ٻيڙي گهرائي وئي