اسلام آباد (بيورو رپورٽ + م ڊ) اپوزيشن اتحاد پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ (پي ڊي ايم) ۽ پيپلزپارٽي پارٽي وچ ۾ بيڪ ڊور رابطا شروع ٿي ويا، ذريعن موجب جي يو آءِ ۽ پي ڊي ايم جي سربراهه مولانا فضل الرحمان دعويٰ ڪئي آهي ته پ پ يوسف رضا گيلاني جي مامري تي نظرثاني لاءِ تيار آهي، ذريعن موجب نواز ليگ شهباز شريف جي مداخلت تي پ پ جي پي ڊي ايم ۾ واپسي تي راضپو ظاهر ڪيو، ليگي اڳواڻن پ پ جي واپسي تي کليل مخالفت نه ڪئي. ذريعن موجب شهباز شريف جو موقف آهي ته پ پ ۽ عوامي نيشنل پارٽي جي واپسي سان پي ڊي ايم مضبوط ٿيندي. اتحاد ۾ شامل محمود خان اچڪزئي، اختر مينگل، بي اين پي بزنجو به راضپو ڏيکاريو پر اويس نوراني ۽ پروفيسر ساجد مير تحفظات جو اظهار ڪيو. ذريعن موجب فضل الرحمان پ پ جي واپسي لاءِ راهه هموار ڪرڻ شروع ڪري ڇڏي آهي ۽ هن پي ڊي ايم جي ٻين اڳواڻن کي آصف زرداري جي پيغام تي اعتماد ۾ ورتو. ذريعن موجب فضل الرحمان پي ڊي ايم اڳواڻن آڏو موقف رکيو ته پ پ استعيفائن جي معاملي تي پنهنجي موقف تي قائم آهي پر پ پ يوسف رضا گيلاني جي مامري تي نظرثاني لاءِ تيار آهي. هوڏانهن اڄ پي ڊي ايم جو ٿيندڙ سربراهي اجلاس عيد تائين ملتوي ڪيو ويو آهي، ايندڙ اجلاس ۾ پ پ ۽ عوامي نيشنل پارٽي جي شرڪت جو به امڪان آهي. هوڏانهن پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان پاران پيپلز پارٽي ۽ اي اين پي کي پي ڊي ايم مان عليحدگي واري فيصلي تي نظرثاني جي مهلت ڏيڻ باوجود اي اين پي جي ميان افتخار جي جاءِ تي پي ڊي ايم جو ترجمان جي يو آءِ (ف) جي حافظ حمد الله کي مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، واضح رهي ته پيپلزپارٽي سان گڏ اي اين پي به پي ڊي ايم کان عليحدگي جو اعلان ڪيو هو، پيپلز پارٽي جي اڳواڻن پاران ته باضابطه طور تي پي ڊي ايم جي عهدن تان استعيفائون پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان کي لکت ۾ اماڻيون ويون هيون، پر اي اين پي پاران اڃا تائين پي ڊي ايم جي عهدن تان استعيفائون لکت ۾ اماڻڻ جي تصديق نه ٿي آهي. ياد رهي ته ٻه ڏينهن پهريان مولانا فضل الرحمان پيپلزپارٽي سميت اي اين پي کي پي ڊي ايم مان ڌار ٿيڻ واري فيصلي تي نظرثاني ڪرڻ جي مهلت ڏيڻ جي ڳالهه ورجائي هئي.

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) جي يو آءِ (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته حقيقت هي آهي ته اسان جي پوزيشن ڪمزور ٿيندي پئي وڃي، اسان منٿون ڪري رهيا آهيون، اسان 24 ڪلاڪن تائين به جنگ نه ٿا وڙهي سگهون، ڪمزور هجڻ ڪري اسان ڀارت سان مفاهمت ڪرڻ طرف وڃي رهيا آهيون، جي يو آءِ جي سربراهه مولانا فضل الرحمان پنهنجي رهائشگاهه تي اڱاري ۽ اربع جي وچ واري رات دير سان ٿيل تقريب کي خطاب ڪندي وڌيڪ چيو ته اسان وٽ معتبر سياسي قيادت هجي ها ته پاڪ فوج جو سربراهه 35 اينڪر پرسن کي گهرائي تفصيل پيش نه ڪري ها، هن چيو ته اسان پهريان به ميدان ۾ هئاسين، هاڻي به آهيون ۽ اڳتي به ميدان ۾ رهنداسين، رمضان کان پوءِ اسان پهريان کان وڌيڪ طاقت سان ميدان ۾ هونداسين، هن چيو ته جڏهن اسان بلڪل اڪيلا هئاسين تڏهن به پوري ملڪ جي سياست تي ڇانيل هئاسين، هاڻي به جيڪڏهن ڪوئي هڪ اڌ هيڏي هوڏي ٿي وڃي ته پرواهه نه ڪرڻ گهرجي، فضل الرحمان چيو ته ڪشمير جو سودو ڪري ڪشميرين کي دشمن جي رحم و ڪرم تي ڇڏيو ويو آهي، قوم جي مستقبل جا فيصلا منافقت سان ۽ چوري ۽ لڪي ڪيا پيا وڃن، ملڪي معيشت کي تباهه ڪيو ويو آهي ۽ پوءِ ان فيصلن جي ڪارنهن پارليامينٽ جي مٿي تي ملي ويندي.