فريد آباد(ن پ ا) فريدآباد ڪاڇي جي ڪيھرجي واري علائقي مان ايس ٽي پي ضلع دادو جي اڳواڻ عبدالفتاح گائينچو جو ڀائيٽيو 19ورھين جو نوجوان معشوق گائينچو ولد خان محمد گائينچو ھٿياربندن ھٿان مبينا طور اغوا ٿي ويو آهي ھٿيار بند کائنس 200 کان مٿي ٻڪريون به ڦر ڪري فرار ٿي ويا آهن. واقعي خلاف متاثر ڌر جي ماڻهن ايس ٽي پي ضلع دادو جي اڳواڻ عبدالفتاح گائينچو، محمد خان گائينچو ۽ ٻين احتجاج ڪندي دانھيو ته ھٿياربند جوابدارن رکيل گائينچو، ستار گائينچو رسولو ۽ ٻين بيگناهه ھٿيارن جي زور تي ڪاڇي ۾ جبلن ۾ ٻڪريون چاريندڙ اسان جي نوجوان معشوق گائينچو کي اغوا ڪري کڻي وڃڻ سان گڏ اسان جون 200 ٻڪريون به ڪاھي ويا آهن. ھنن چيو ته ھٿياربندن اسان سان ظلم زيادتي ڪئي آهي. ھنن ايس ايس پي دادو آء جي سنڌ ۽ ٻين لاڳاپيل اختيارين کان گهر ڪئي ته جوابدارن خلاف ڪاروائي ڪري اسان جي نوجوان معشوق گائينچو کي بازياب ڪرائي ڦر ٿيل ٻڪريون واپس ڪرائي انصاف فراهم ڪيو وڃي.