فريد آباد سانحي جي جاچ جو اعلان: متاثرن کي معاوضو ۽ گهر ٺاهي ڏنا ويندا

0
258
فريد آباد سانحي جي جاچ جو اعلان
فريد آباد سانحي جي جاچ جو اعلان: متاثرن کي معاوضو ۽ گهر ٺاهي ڏنا ويندا

ڪراچي، ميهڙ، فريد آباد: سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه فريد آباد سانحي جي جاچ ڪرائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، فوت ٿي ويل ٻارن جَي وارثن لاءِ 5-5 لک ۽ زخمي لاءِ 2-2 لک رپيا معاوضي، متاثر ڳوٺاڻن کي گهر ٺاهي ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي هدايتن تي وڏو وزير فريد آباد لڳ باهه سبب سڙي تباهه ٿي ويل ڳوٺ پهتو، مراد علي شآهه فوتين جَي وارثن سان تعزيت ڪئي

وڏي وزير چيو ته واقعي جي انڪوائري ڪرائي ويندي، ڪمشنر حيدرآباد جِي نگراني ۾ جاچ ٽيم جوڙي وئي آهي، ڪا به غفلت ثابت ٿي ته ذميوارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي، بينظير هائوسنگ اسڪيم تحت متاثر ڳوٺاڻن کي گهر ٺاهي ڏينداسين، فريد آباد کي ٽائون جو درجو ڏنو ويندو