فرانسس بيڪن ۽ چئن بتن جو ذڪر

0
36
فرانسس بيڪن ۽ چئن بتن جو ذڪر

  فرانسس بيڪن جي ڇتي تنقيد نگارن مطابق هن جو پهريون ڪتاب “نيو آرگينم “(علم جو نئون اوزار 1620ع) سندس عظيم ترين تخليق هئي. هن کان اڳ منطق کي نئين سر جيارڻ ۽ استقراري استدلال (Inductive Reasoning)کي سهڻو ۽ قابلِ تسخير بڻائڻ ۾ بيڪن کان سواءِ ڪنهن ٻئي بني بشر ايتري جاکوڙ نه ڪئي هوندي. جيڪڏهن ڪنهن کي منطق پڙهڻو آهي ته ان کي شروعات بيڪن جي هن ڪتاب کان ڪرڻ گھرجي. “انساني فلسفي جو هي حصو، جيڪو گھڻن ماڻهن جي پسنديده ذائقي وٽان نه آهي، منطق کي هڪ باريڪ، پيچيده ۽ ڪنڊيدار ڄار وانگر پيش ڪري ٿو. پر جيڪڏهن اسان شين کي سندن حقيقي معنيٰ ۽ ملهه مطابق تورڻ چاهيون ته سائنس ئي اسان کي سڀني شين جون بهتر ساهميون عطا ڪري ٿي”.

بيڪن مطابق فلسفو ڪافي عرصي کان سُڪل ۽ بي ثمر بڻجي چڪو هو، ان کي زرخيز بڻائڻ لاءِ هڪ نئون طريقو جيڪو يوناني فلسفين وٽ موجود نه هو، گھربل هو. يونان جي فلسفين جي بدترين غلطي اها هئي ته انهن نظرئي يا تصور جي اپٽار تي ته تمام گھڻو وقت خرچ ڪيو پر ان جي بر عڪس مشاهدي کي اوترو ئي نظرانداز ڪيو. ياد رهي ته سوچ يا تصور کي مشاهدي جو ساٿي هجڻ گهرجي، نه ڪي ان جو متبادل! بيڪن جو ڪتاب  “علم جو نئون اوزار” جي ابتدا ما بعدالطبيعات علمن کي بُري طرح ڌونڌاڙي ۽ للڪاري ڇڏي ٿي. پاڻ چوي ٿو ته انسان جيڪو فطرت جو ترجمان ۽ اڳواڻ آهي، پنهنجي وت آهر اوترو ئي سمجھي ۽ عمل ڪري سگھي ٿو، جيترو ان لاءِ سندس فطرت متعلق اڻ ڌريو مشاهدو رستا کولي ٿو. ان ڪري هو ان کان وڌيڪ نه ڄاڻي ٿو، نه وري ڄاڻي سگھي ٿو. سقراط کان اڳ وارا فلاسافر هن معاملي ۾ سندس پونئيرن کان بهتر هئا. مثال طور ڊيموڪرائيٽس حقيقت ۽ مشاهداتي ثبوتن کي تصوراتي نظرين تي ترجيح ڏيندو هو. ان ۾ ڪا حيرت جي ڳالهه نه آهي ته ارسطو کان وٺي (BC 399 کان 1620ع تائين) فلسفي ڪابه ترقي نه ڪئي ۽ جمود جو شڪار رهيو، ڇو ته فلسفو ارسطو جي جوڙيل منطقي ڪوڙڪي ۾ ڦاٿل هو (سقراط جي منطق جو مثال: سڀ انسان فاني آهن؛ سقراط هڪ انسان آهي؛ انڪري سقراط فاني آهي). هن ڳالهه کي فرانسس بيڪن هيئن پيش ڪري ٿو: “ارسطو جي روشني استعمال ڪندي ارسطو کان اڳتي وڌڻ بلڪل ايئن آهن، جيئن اهو سوچجي ته ڪنهن طريقي سان اڌاري ورتل روشني اصل روشني کان وڌيڪ تيز بڻائجي.” نتيجي ۾ ارسطو کان پوءِ ٻه هزار سالن تائين فڪر، علم ۽ فلسفي ۾ جمود رهيو. هن جي فلسفي بدولت مٿين عرصي ۾ سندس ٺاهيل مشين سان فلسفي جي ڇانگ ۽ ڇنڊ ڇاڻ جاري رهي پر ڪو خاص نتيجو ملڻو نه هو، انڪري فلسفي ڪا به ترقي نه ڪئي؛ ان ڪري بيڪن جي دور ۾ اهو ايترو ڪري پيو ھو، جو ڪوبه ان کي عزت جي نگاهه سان نه پيو ڏسي. ان ڪري بيڪن جو دليل ھو ته هن وچ واري عرصي جا سڀ نظريا، حسابي ٿيورم ۽ دليل اڇلائي ۽ وساري ڇڏڻ گھرجن ۽ هاڻي فلسفي کي نئين سر جيارڻ لاءِ اسان کي هڪ دفعو وري هڪ صاف ۽ شفاف ذهن سان شروعات ڪرڻي پوندي.

هن سلسلي ۾ پهريون ڏاڪو ذهن ۽ ذهانت جي صفائي ۽ ڇانگ آهي، يعني اسان کي هڪ دفعو وري هڪ ٻار بڻجڻو پوندو، جنهن جو ذهن هر نظرئي ۽ تصور کان پاڪ هوندو آهي؛ جنهن جو ذهن ماضي توڙي حال جي هر ساڙ ۽ بغض کان پاڪ هوندو آهي. ان ڪري اسان کي پنهنجن ذهنن منجھان چار قسمن جي غلط تصورن کي ڪوري ڪڍڻو پوندو، بيڪن مطابق چار قسمن جي بتن کي ڪيرائڻو پوندو. هن مطابق هڪ بُتُ اها تصوير آهي، جيڪا هڪ سچائي جي بدران انسانن طرفان گھڙِي وئي آهي. ان جو مطلب هي آهي تي هڪ حقيقي شيءَ لاءِ من گھڙت خيال هڪ بت آهي. دنيا جهان جون سڀ غلطيون ڪنهن نه ڪنهن قسم جي بت سان واسطو رکن ٿيون. منطق جو پهريون ڏاڪو هنن غلطين جا ڪارڻ هڪ هنڌ گڏ ڪرڻ آهي. ڪونڊيليڪ مطابق بيڪن کان وڌيڪ انساني ذهن جون غلطيون اڄ تائين ڪنهن به ڪونه ڪڍيون آهن. بيڪن هنن غلطين کي چئن بُتن هيٺ بحث ۾ آندو آهي.

(1) قبيلي جا بُتَ (Idols of the Tribe):

انساني ذهن جي هن قسم جي غلطين کي انسان ذات جون عمومي غلطيون چئي سگھون ٿا. بيڪن مطابق “قبيلي جا بت” وارين غلطين مان مراد انسان بذاتِ خود هڪ قبيلي طور ٻين انسانن تي اثرانداز ٿئي ٿو. ٻين لفظن ۾ هڪ انسان جا پيش ڪيل تصور ۽ نظريا انسانن تي اهڙي نموني اثر وجھن ثا جو اهي اڪثر ڪري انهن جي حمايت ڪندڙ ۽ حمايت ۾ دليل ڏيندڙ بڻجي ويندا آهن.

انساني حواسن کي غلط طور تي شين جي معيارن سان جوڙيو ويندو آهي، جڏهن ته اصل ۾ اسان جي حواسي تصورات جڙڻ ۾ حواسن ۽ تصوراتي ڪهاڻين جو هڪ جيترو عمل دخل ھوندو آهي. ٻئي پاسي حواسي شيون ۽ تصورات ماڻهن سان وابسته هوندا آهن، نه ڪِي پوري ڪائنات سان، ڇو ته اسان شين ۽ تصورن کي پنهنجي تناظر ۾ ڏسندا آهيون، جڏهن ته ڪائنات هڪ وسيع ڪينواس آهي، جنهن تائين اسان جي پهچ نه هوندي آهي. هن نقطي کي هيئن سمجھي سگھجي ٿو ته انساني ذهن غير هموار آئينن مثل آهي  جنهن کي شين جي عڪسن کي ٽوڙڻ ۽ مروڙڻ جي پنهنجي خاصيت هوندي آهي. ان ڪري اسان جا خيال ۽ نظريا اُهي بگڙيل تصويرون هونديون آهن، جن جو حقيقت سان گھڻو تعلق نه هوندو آهي. انساني سوچ ۽ سمجھه فطري طور تي شين ۾ ترتيب ۽ توازن ڏسڻ چاهيندي آهي پوءِ ڀلي حقيقت ۾ اهو توازن هجي يا نه هجي. مثال طور، هڪ ناقص تصور اهو به آهي ته سڀ آسماني جسم مڪمل ۽ پُورن دائرن ۾ گھمندا آهن، جڏهن ته ايئن آهي ڪونه! بيڪن چوي ٿو: عام عقيدي يا ان جي تسڪين لاءِ جڏهن ڪنهن انسان طرفان هڪ جملو پيش ڪيو ويندو آهي ته پوءِ اهو ان عقيدي سان لاڳاپيل هر ماڻهو کي مجبور ڪري ٿو ته هُو ان جي حمايت يا تصديق لاءِ پنهنجي طرفان ڪجھه چوي. پر اڪثر حالتن ۾ حقيقت ڪجھه ٻِي هوندي آهي، جيڪا هن اثر هيٺ نظر نه ايندي آهي. يا اهو تصور (جملو يا سچائي) نه مڃيندڙن کي ٿڏي ڇڏيندو آهي ۽ پاڻ سان مخالفت جي ڪري انهن کي پاڻ کان ڪٽي ڇڏيندو آهي، ۽ هن عمل ۾ اڪثر ڪري مخالفن سان تشدد ۽ تعصب وارا رويا شامل ٿي ويندا آهن. انهن سڀني ڳالهين باوجود شروع ۾ پيش ڪيل تصور ۽ پهرين نتيجي کي سندن پوئلڳن طرفان ڪڏهن به قربان نه ڪيو ويندو آهي. . . . هن قسم جا سڀ وهم ايئن ئي پيدا ٿيندا آهن چاهي اهي فلڪيات، خوابن، ساٺن سنئوڻن يا وري مذهبن سان تعلق رکندا هجن. هنن وهمن ۾ پڪي عقيدي وارا فقط انهن واقعن جو مشاهدو ڪندا آهن، جيڪي سچا ثابت ٿيندا آهن، پر جن واقعن (ڳالهين) ۾ اهي ناڪام ٿيندا آهن، اهي عام طور تي نظرانداز ڪيا ويندا آهن.

ڪنهن مسئلي يا سوال بابت جيڪڏهن اسان شروع ۾ ئي پنهنجو فيصلو يا ارادو مقدم رکون ۽ پوءِ تجربا ان جي پيروي ڪندا هجن ته پوءِ اهو ارادو ۽ اهو خيال گھڻو ممڪن آهي ته سچ ثابت ٿي وڃي. اهڙي ريت اسان پنهنجن فيصلن ۽ تصورن جا قيدي ٿي ويندا آهيون. مختصر  لفظن ۾ انساني شعور ۽ سمجھه خشڪ روشني مثل نه آهي پر ان سان سڀني حالتن ۾ اسان جي مرضي ۽ اسان جا جذبا ڪنهن نه ڪنهن نموني سلهاڙيل هوندا آهن. سائنسي طريقه ڪار به هن مسئلي کان آجو نه آهي پر وري به تصديق لاءِ ٻين ماڻهن لاءِ کليل رهي ٿو. جيڪڏهن انسان وٽ سچائي ميسر هجي ها ته اهو ان تي تڪڙو ئي يقين ڪري ها، ڇا ايئن نه آهي؟

هن جاءِ تي بيڪن هڪ سونهري صلاح پيش ڪري ٿو: “عمومي طور فطرت جي هر هڪ شاگرد کي هي اصول اپنائڻ گھرجي ته هن جو ذهن جن خيالن ۽ نظرين سان لاڳاپيل آهي، اهي سڀ وقتي طور ڪَٽي ڪوري پاسي تي رکِي ڇڏڻ گھرجن. ان سان اهو شاگرد جيڪو به سوال يا مسئلو حل ڪرڻ وڃي رهيو آهي ان تي اصل سبب ۽ نتيجا واضح ٿي ويندا.” اسان جي پنهنجي سوچ ۽ سمجھه کي مشاهدي جي بنياد تي ثابت ٿيندڙ شين ۽ نظرين کي ڇڏي آسمان تي اڏامڻ نه گھرجي ۽ ڪو به عام اصول يا قانون تڪڙو جوڙڻ جي ڪوشش نه ڪرڻ گھرجي پر ان کي مشاهدن ۽ تجربن جي آڌار تي ثابت ٿيندڙ ڳالهه يا نظرئي تائين محدود رهڻ گھرجي. هن جاءِ تي خيال جي اڏام ذهانت جي دشمن آهي. جڏهن ته ان کي مشاهدن جي آڌار تي عارضي تصور (مفروضي) جوڙڻ لاءِ استعمال ڪرڻ گھرجي، جنهن کي اسان جا تجربا اڳتي هلي رد يا قبول ڪري سگھن.

(2) غار جا بُتَ  (Idols of the Cave)

بيڪن مطابق هن قسم جي بُتن هيٺ اهي انساني غلطيون اچن ٿيون جيڪي هر انسان لاءِ انفرادي يا ذاتي طور سندس سمجھه ۽ شعور ۾ موجود رڪاوٽ يعني غار يا کاهِي جي ڪري پيدا ٿين ٿيون. انسان جي اها غار يا کاهِي فطرت جي حقيقي روشني ۽ سچائيءَ کي ٽوڙي مروڙي ۽ بي رنگ بڻائي ڇڏي ٿي. اها ڪوتاهي هر انسان جي جينياتي جوڙجڪ، ذهانت، ماحولياتي اثرن ۽ سندس وقتي رجحانن جي ڪري پيدا ٿئي ٿي. مثال طور ڪجھه انسان فطري طور تجزيو ڪندڙ هوندا آهن ۽ شين ۾ فرق ڏسڻ جي صلاحيت رکندا آهن، جڏهن ته ٻيا وري فطري طور هڪجهڙائيون ڏسندڙ ۽ شين کي ڳنڍيندڙ هوندا آهن. ان ڪري هڪ پاسي اسان وٽ دنيا ۾ سائنسدان ۽ مصور هوندا آهن ته ٻئي پاسي وري شاعر ۽ فلسفي هوندا آهن. ساڳي ريت ڪجھه جملا ۽ پهاڪا قديم ۽ پراڻين شين ۽ ريتن رسمن جي ساراهه ڪندڙ هوندا آهن جڏهن ته ڪجھه وري اسان کي نئين دنيا ڏيکاريندڙ هوندا آهن. دنيا ۾ چند ماڻهو اهڙا هوندا آهن جيڪي هنن ٻن انتهائن جي وچ وارو رستو وٺڻ جي قابل هوندا آهن. اهي ماڻهو قديم تهذيبن جي بيڪار ۽ نقصانڪار ريتن، روايتن ۽ تصورن کي رد ڪندي ۽ انهن جي خوبصورت ۽ فائديمند ريتن رسمن، روايتن ۽ تصورن کي تسليم ڪندي پنهنجين زندگين کي آسان بڻائيندا آهن. اها هڪ حقيقت آهي ته سچائي ڪنهن جي ميراث نه آهي! جيڪو وهي سو لهي.

(3) بازار جا بُتَ  (Idols of the Marketplace)

بيڪن مطابق هن قسم جي بُتن ۾ ٻوليءَ سان لاڳاپيل انساني غلطيون اچن ٿيون. دنيا جو ڪار وهنوار ۽ واپار ٻوليءَ جي ڪري ئي ممڪن ٿي سگھيو آهي. هر علائقي جي پنهنجي پنهنجي ٻولي هوندي آهي. ان ٻولي ۾ لفظ اسان جا ٺاهيل نه هوندا آهن پر ٻين ماڻهن طرفان ڪجھه خيالن جي نمائندگي لاءِ اهي مڙهيل هوندا آهن. اهي لفظ (يا ٻولي) اسان کي حقيقت ۽ سچائي تائين پهچڻ ۾ رڪاوٽ جو سبب به بڻبا آهن. جهڙي ريت هڪ ٻِي ٻولي ڳالهائيندڙ کي هڪ بازار مان پنهنجي/ڏسو صفحو 7 بقايا 01

 مقصد جي غير موجود شئي کي خريد ڪرڻ لاءِ تمام گھڻِي ڏکيائي پيش ايندي آهي، اهڙي ريت هر ٻوليءَ جي بناوت، گرامر ۽ شاهوڪاري جي سطح ان جي ڳالهائيندڙن لاءِ شين، تصورن ۽ نظرين کي سمجھڻ يا ٻين لفظن ۾ سچائي تائين پهچڻ ۾ آساني يا رڪاوٽ پيدا ڪندي آهي. فلسفين جي خيالن جي اڏام لامحدود ۽ لامڪان طرف هوندي آهي جڏهن ته ٻوليدان وري گرامر جي بناوتن ۽ فعل جي صورتن کان اڳتي چڙهي نه سگھندا آهن ۽ تصوراتي دنيا جون اوڻايون انهن جي تنقيد جو موضوع نه هونديون آهن. ان ڪري فلسفي جا تصور هڪ ٻولي ۾ صحيح طرح سان ٺهڪيل نه هوندي به صحيح سمجھيا ويندا آهن. مثال طور فلاسافر چوندا آهن ته هر شئي جو ٺاهيندڙ آهي پر خدا پنهنجو پاڻ ٺهيو آهي. ڇا اهڙي قسم جا جملا ٻوليءَ جي بناوت مطابق ۽ سببن ۽ نتيجن مطابق صحيح نموني ٺهڪي بيهن ٿا؟ هر سالم ذهن ۽ ايماندار ذهنيت وارو ماڻهو ڄاڻي ٿو  ته ڪو به سبب بنا سبب جي پيدا نه ٿو ٿئي.

(4) ٿيئٽر جا بُتَ  (Idols of the Theater)

بيڪن مطابق هي اهي انساني غلطيون آهن، جيڪي مختلف وقتن تي مختلف فلسفين طرفان سندن نظرين ۽ سندن مشاهدن جي قانونن جي صورت ۾ اسان جي ذهنن تائين پهتيون آهن. هنن کي ٿيئٽر جا بت ان ڪري چيو وڃي ٿو جو اهي نظريا غير حقيقي ۽ نمائشي انداز ۾ اسان جي ذهنن ۽ سوچن جي پردي يا ٿيئٽر ٿي ڏيکاريا ويندا آهن. فلسفي جي اسٽيج تي اهي ڊراما شاعرن جي تصوراتي ڪهاڻين وانگر هوندا آهن جيڪي اسان جي پسند مطابق مختصر ۽ سهڻي صورت ۾ هونديون آهن؛ جڏهن ته تاريخي حقيقت ۾ سچائي ايئن نه هوندي آهي. افلاطون جي دنيا اُها ئي آهي جيڪا افلاطون طرفان ٺاهي وئي هئي، نه ڪِي اصلي دنيا (هن مطابق دنيا اسان جي ذهن کان ٻاهر وجود نه ٿي رکي؛ مادي دنيا ۾ فقط اهي شيون حقيقتون آهن جيڪي اسان جي ذهني تصورات ۾ وجود رکي سگھن ٿيون.)

اسان هن قسم جي غلط نظرين کي ساٿي بڻائي سچائي ڏانهن ڪڏهن به گھڻو اڳتي وڌي نه ٿا سگھون. ان ڪري اسان کي سوچ، سمجھه ۽ استدلال جا نوان طريقا گھربل آهن. ويسٽ انڊيز جا ڳُوڙها علائقا ڪڏهن به دريافت نه ٿين ها، جيڪڏهن انسان ذات قطب نما(Compass)   ايجاد نه ڪري ها. ان ۾ حيرت جي ڳالهه ناهي ته جڏهن سائنس جي دنيا کان اسان ناواقف هئاسين ته ان وقت اسان جو معاشرو مختلف هنرن ۽ فنن کان به ناواقف هو. يقينن اها هڪ بدبختي آهي ته هن وقت مادِي دنيا جيتوڻيڪ اسان لاءِ هڪ کليل ڪتاب وانگر آهي پر پوءِ به اسان جي ذهني ۽ تصوراتي دنيا پراڻين دريافتن ۽ تصورن ۾ قيد آهي!  جڏھن سائنس ان قابل ٿي ويندي جو اها شين جا حقيقي تصور يعني قائدا قانون دريافت ڪري وٺندِي ته پوءِ هي سڄي دنيا انسان ذات لاءِ هڪ خام مال وانگر ميسر هوندي، جنهن منجھان انسان پنهنجي مرضي ۽ پنهنجي ذهن سان هر اها شيءَ ٺاهي سگھندو، جيڪا هُو چاهيندو!