فرائيڊ جي تحليل نفسي ۾ خوابن جي تعبير

0
162
مثبتيت جو فلسفو

 انسان جا اڪثر اندروني سرشتا ۽ سندن عضوا ڄمڻ کان مرڻ تائين بنا ساھي جي ڪم ڪندا رھندا آھن جھڙوڪ نيڪال، رت جي دوري، ھاضمي، پيدائشي، ساھ کڻڻ، واڌ ويجهه، بيمارين کان بچاءُ، غدود يا ھارمونز وارا، ۽ تنتي سرشتا ۽ سندن مکيه عضوا مثلاً گردا يا بڪيون، دل، معدو، خصيا/ بيضيداني، ڦڦڙ، ھڏن جي مک/جسم جا تقسيم ٿيندڙ جيوگهرڙا، پچوٽري توڙي ٻيا غدود ۽ دماغ وغيرہ جاڳ ۾ توڙي ننڊ ۾ پنھنجو سونپيل ڪم ڪندا رھندا آھن. ٿلهي ليکي ننڊ ۾ اسان جا فقط حواسي عضوا (اک، ڪن، نڪ، زبان ۽ کل) گهڻو تڻو غير فعال رھندا آھن باقي وڏي سطح تي اندروني سرشتا ۽ سندن عضوا ۽ ننڍي سطح تي جسم جا سڀ جيوگهرڙا ۽ انھن سان لاڳاپيل ماليڪيول ۽ ائٽم ھر وقت سرگرم ۽ مصروف عمل ھوندا آھن. ننڊ ۾ اسان جو دماغ جيتوڻيڪ آرام ته ڪري رھيو ھوندو آھي پر ساڳئي وقت ڪجھه اھم ڪم پڻ ڪري رھيو ھوندو آھي جن ۾ خواب ڏسڻ پڻ شامل آھي. مختلف نفسياتدانن خوابن جي مختلف تشريح ڪئي آھي. سگمنڊ فرائيڊ (Sigmond Freud 1856-1939) جو نه رڳو انسان جي روين، عملن ۽ شخصي پھلوئن جي نفسياتي محرڪن خاص طور جنسي آسودگي يا نا آسودگي تي تمام گهڻو ۽ تاريخ ۾ پھريون ڀيرو روايت کان ھٽي ڪري سائنسي طرز تي بيمثال ڪم ٿيل آهي پر ھن جو خوابن متعلق ڪم پڻ انساني نفسيات ۾ اڄ به ھڪ اھم سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿو. ھتي آئون سندس تحليل نفسي (Psycho-analysis) نظريي تحت خوابن جي تشريح متعلق پڙھندڙن جي سامهون مختصر تعارفي معلومات پيش ڪريان ٿو.

فرائيڊ مطابق اسان شعوري طور يا جاڳ دوران پنھنجي اڻيل حفاظتي خول اندر زندگي گذاريندا آھيون؛ يعني اسان روز مره جي زندگي ۾ پنھنجي چوڌاري حفاظتي ديوارون (حواسي ادراڪ يعني ڏسڻ، ٻڌڻ، سنگهڻ، چکڻ ۽ ڇھڻ جي تجربن مان بي ضرر ۽ چونڊ تجربا محسوس ڪرڻ؛ بي ضرر ۽ چونڊ يادگيريون دھرائڻ؛ ٿيل واقعي جو سري کان ئي انڪار ڪرڻ؛ تشويش پيدا ڪندڙ ماڻهن ۽ شين کان ٽھڻ يا ڀڄڻ؛ گهٽائڻ يا گهٽ خطرو محسوس ڪرڻ؛ ۽ پنھنجون غلطيون ۽ شرمناڪيون ٻين تي لاڳو ڪري پنھنجي بجاءِ انھن کي تنقيد جو نشانو بنائڻ) تعمير ڪري ڇڏيون آھن ته جيئن دٻايل خواھشون، پيڙايون ۽ انهن سان لاڳاپيل ناڪاري طوفاني جذبا لاشعور ۾ ئي دفن ھجن ۽ اھي شعور ۾ ظاھر ٿي تڪليف ۽ تباھي جو باعث نه بڻجي سگهن. پر جيئن ته ننڊ ۾ اسان جو مڙھيل ۽ اڻيل حفاظتي خول ۽ بچاءُ جو نظام ايترو مؤثر نه رھندو آھي انڪري لاشعور کي ايترو موقعو ضرور ملي ويندو آھي جو ان ۾ اسان جون دٻيل خواھشون ۽ پيڙائون خوابن جي صورت ۾ ظاھر ڪري سگھي. خوابن ۾ اسان جو مڙھيل حفاظتي نظام مڪمل ختم نه ٿيندو آهي ان ڪري اھو ماڻهن ۽ شين کي ٽوڙي مروڙي ڇڏي ٿو.  خواب جي اصلي مواد جي اھا ٽوڙ مروڙ اصلي ماڻهن ۽ شين جي ٻين بي ضرر ماڻهن ۽ شين سان مٽاسٽا ڪرڻ، ھڪ ئي ماڻهو يا شيءَ جو ھڪ کان وڌيڪ ماڻهن ۽ شين لاءِ استعمال ڪرڻ ۽ جاڳڻ کان پوءِ خواب کي شعوري يا غير شعوري طور تبديل ڪرڻ وسيلي ڪئي ويندي آھي. پر تنھن ھوندي به ڪو خوفناڪ ماڻهو يا ڪا خوفناڪ شيءَ خواب ۾ ڏسڻ جو مطلب اھو ضرور آھي ته ڪو خوفناڪ ڪردار يا ڪا خوفناڪ شيءَ خواب ڏسندڙ ماڻهو جي لاشعور ۾ ان کي پريشان ضرور ڪري رھي آھي. ان ڪري خواب جي تعبير ڪندڙ نفسياتدان فقط ھڪ خواب جي بنياد تي ڪو به فيصلو نه ٿو ڪري سگهي پر اھو ان ماڻهو جي مڪمل ذاتي معلومات، ان جي ڏٺل مختلف خوابن جي معلومات ۽ ان ماحول ۾ ٻين ماڻهن جي خوابن جي ڇنڊ ڇاڻ کان پوءِ ئي ڪو درست اندازو يا تعبير ڪري سگهي ٿو. اچو ته ھاڻي خوابن ۾ ڏٺل ڪجهه واقعن جي مثالن سان وضاحت ڪريون.

فرائيڊ مطابق جيڪڏھن ڪنھن کي خواب ۾ اھو نظر اچي ته ھن سان سندس اسڪول جي استاد جنسي زيادتي ڪئي آھي يا اھڙي ڪوشش ڪري رھيو آھي ته اھو ان ڳالهه ڏانھن اشارو ٿي سگھي ٿو ته خواب ڏسندڙ سان سندس ويجھو عزيز جھڙوڪ والد، چاچو، مامو، سؤٽ، ماسات وغيرھ مان ڪو ماڻهو جنسي زيادتي ڪري چڪو آهي يا اھڙي ڪوشش ڪري رھيو آھي يا وري اھڙي ڪم لاءِ زباني توڙي اشارن ۾ چئي رھيو آھي. جيڪڏھن خواب ڏسندڙ اھو ڏسي ٿو ته ھو ھڪ خوفناڪ رڇ سان وڙھي رھيو آھي ته ھن صورت ۾ ٿي سگهي ٿو ته سندس لاشعور اھو ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪري رھيو آھي ته ان ماڻهو سان ڪنھن طاقتور ڌر جھڙوڪ سندس گھر ۾ والد يا آفيس ۾ باس/آفيسر سان ڪو نفسياتي تنازعو ھلي رھيو آھي. جيڪڏھن ڪو ماڻھو خواب ۾ اھو ڏسي ٿو ته سندس ڀيڻ ھڪ مئل ٻار کي جنم ڏنو آھي ته ان جو مطلب اھو ٿي سگهي ٿو ته ھن پاڻ ھڪ مئل ٻار کي جنم ڏنو آھي(جيڪڏھن پاڻ عورت آھي) يا وري ھن جي ازدواجي زندگي ناڪام ٿي چڪي آھي يا وري ھو پاڻ پنھنجي پيشه ورانه زندگيءَ ۾ ناڪام ٿي چڪو/چڪي آھي يا وري پاڻ ھڪ شاھڪار فن پاري جي تخليق ۾ ناڪام ٿي چڪو/چڪي آهي يا وري ھو/ھوءَ پاڻ کي تنھا، بي يارو مددگار ۽ مايوس محسوس ڪري رھيو/رھي آھي؛ مطلب ته خواب ۾ ٻار ڏسڻ جو تعلق ڪنھن نه ڪنھن حوالي سان اسان جي مجروح جذبن سان سلهاڙيل ھوندو آھي.

اھڙي طرح سان خواب ۾ ڪو ماڻهو ڏسي ٿو ته پاڻ بکايل آھي ۽ کاڌو ڳولي رھيو آھي ته ان جو مطلب اھو آھي ته ھو لاشعوري طور پيار يا جذباتي آسودگي چاھي ٿو.

خواب ۾ پاڻي ڏسڻ جو مطلب پڻ حقيقي زندگيءَ وانگر پيچيدہ آھي ڇو ته ڪڏھن اھو آرام ۽ راحت بخشيندڙ آھي، ڪڏھن اھو اندازي کان وڌيڪ گھرو آھي، ڪڏھن اھو ٻوڙيندڙ آھي ته وري ڪڏهن ٺاريندڙ آھي. ان ڪري جيڪڏهن ڪو خواب ۾ پاڻي ڏسي ٿو ته ان جو امڪاني مطلب اھو ٿي سگهي ٿو ته لاشعور ۾ اھو سندس جنسي خواھش جي اٿل پٿل جو اھڃاڻ ھجي يا وري سندس دٻايل جذبن جي لڇ پڇ ھجي. ساڳيءَ طرح جيڪڏھن ڪو پاڻ کي پاڻي جي لھرن ۾ لڙهندي ڏسي ٿو ته اھو پڻ ڪن دٻايل يا دٻيل جذبن ۾ طوفان ۽ ڀونچال جي عڪاسي آھي. ان کان علاوہ پاڻيءَ ۾ اندر ٻڏڻ يا ترڻ وري ماءُ جي پيٽ ۾ ھجڻ واري يادگيري يا ماءُ سان جذباتي لڳاءُ کي ظاھر ڪندڙ آھي. باقي خواب ۾ مختلف عمارتون جھڙوڪ اسڪول، چرچ/مسجد، ڪم واري آفيس وغيرہ ڏسڻ متعلقه ماڻهو جو انھن ادارن سان پيشه ورانه لاڳاپو يا متعلقه قائدن قانونن سان تعلق کي ظاھر ڪري ٿو. ھڪ ڳالهه طئي آھي ته بار بار ڏٺا ويندڙ ڏکارا، ڀوائتا ۽ تڪليف وارا خواب اسان جي لاشعور طرفان زندگي ۾ حل طلب ۽ جاري رھندڙ جذباتي مونجهارن ۽ دٻيل خواھشن جي نشاندهي ڪندڙ ھوندا آھن. جيڪڏھن خواب حد کان وڌيڪ ڏکارو يا ڀوائتو ٿي ويندو آھي ته اسان ننڊ مان جاڳي پوندا آھيون؛ جيڪڏھن جاڳندي به اسان اوچتو خوف ۾ وٺجي ٿا وڃون ته ان جو مطلب اھو آھي ته اسان جي لاشعور جون حفاظتي ديوارون ٽٽي چڪيون آھن؛ پر جيڪڏھن جاڳ ۾ به اسان جو خوف عارضي نه پر مستقل رھي ٿو ته ان جو مطلب اھو آھي ته اسان جي نفسياتي حالت ڳڻتي جوڳي بڻجي چڪي آھي ۽ اسان کي مناسب طبي ۽ نفسياتي مدد جي ضرورت آھي!

ڳالھه جو ڳر اھو آھي ته سگمنڊ فرائيڊ مطابق جاڳ ۾ اسان جي لاشعور ۾ دٻيل خواھشن، آزارن ۽ جذباتي مونجهارن جي شعور ۾ ظاھر ٿيڻ جا امڪان اسان جي حفاظتي ديوارن جي ڪري نه ھجڻ برابر ھوندا آھن پر ننڊ ۾ اھي لاشعور مان شعور ۾ ٽوڙيل مروڙيل خوابن جي صورت ۾ ظاھر ٿيندا آھن. خواب ۾ نظر ايندڙ ۽ پريشان ڪندڙ انساني ڪردار  اسان جي زندگي ۾ حقيقي ڪردار ئي ھوندا آھن پر انھن جا روپ ۽ نالا خوابن جي ٽوڙڦوڙ جي ڪري تبديل ٿيل ھوندا آھن. دٻيل جنسي خواھشون ۽ زيادتيون ۽ تشدد خوابن ۾ ٽاورن، بندوقن، تيرن تلوارن، گولي يا تير ڇٽڻ، غارن، اونداھن ڪمرن، پيالن، ڪوپن ۽ کاڌي جي ٿانون وغيرہ جي روپ ۾ ظاھر ٿينديون آھن. ان کان سواءِ خواب ۾ پاڻي ڏسڻ، ان ۾ ترڻ يا اندر ٻڏڻ وغيرہ جون پڻ انيڪ معنائون ٿي سگھن ٿيون.

مددي ڪتاب:

Lois Tyson, 2006. Critical Theory Today: A User friendly guide. 2nd Ed. Routledge, New York-London)