سوشل ميڊيا کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ فائر وال لڳائڻ جي ڪوشش ٿي رھي  آھي.  جنهن ذريعي مختلف سوشل ميڊيا پليٽ فارمز جهڙوڪ فيس بوڪ، ايڪس (اڳوڻو ٽوئيٽر)، يوٽيوب ۽ ٻين سائيٽن کي ڪنٽرول ڪري سگهبو.

                         ان فائر وال  جي مدد سان ”رياست مخالف پروپئگينڊا“ کي پکيڙيندڙ اڪائونٽس جون  انٽرنيٽ پروٽوڪول (IP) ايڊريسون فوري طور تي حڪومت کي ملي وينديون ۽ انھن خلاف ڪارروائي ٿيندي

                         رپورٽن موجب فائر وال جو اھو سسٽم چين کان ورتو ويو آهي. ان تي آيل خرچ ۽ ان جي ڪم جي طريقي بابت في الحال معلومات ظاهر نه ڪئي وئي آهي.

                         ميڊيا پاران رابطو ڪيو ويو پر اختياريون معاملي جي سنگيني ۽ حساسيت سبب ان تي معلومات فراھم نه ڪري رھيون آھن.

                         فائر وال سسٽم بنيادي طور تي انٽرنيٽ گيٽ ويز تي لڳايو ويندو آھي.جتي انٽرنيٽ  اپ لنڪ ۽ ڊائون لنڪ ھوندو آهي. ان جو مقصد انٽرنيٽ ٽرئفڪ کي فلٽر ڪرڻ آهي. فائر وال جي مدد سان  اڻوڻندڙ ويب سائيٽس، سوشل ميڊيا پليٽ فارمز ۽ خاص مواد کي ڪنٽرول ڪري سگهجي ٿو. اھڙي ڪنهن به مواد کي فائر وال ذريعي بلاڪ ڪرڻ پڻ ممڪن ھوندو آھي.

هن سسٽم جي مدد سان، مواد جي اصل ڌر يعني جتان اھو شروع ٿيو آھي.ان بابت پڻ  جلدي مدد ملي سگھندي آھي ۽ IP  ايڊريس ظاهر ٿيڻ بعد مواد جي خالق جي خلاف پڻ ڪارروائي ٿي سگهي ٿي.

ڊجيٽل رائيٽس تي ڪم ڪندڙ تنظيم ”بولو“ جي ڊائريڪٽر فريحا عزيز جو چوڻ آهي ته فائر وال سسٽم جو بنيادي مقصد انٽرنيٽ ٽرئفڪ کي فلٽر ڪرڻ ھوندوآهي.

ماضي ۾ پي ٽي سي ايل ۽ ٻين انٽرنيٽ سروس فراهم ڪندڙ ادارن ۾. فائر وال لڳائي وئي ھئي ۽ هاڻي گيٽ ويز تي فائر وال لڳائي پئي وڃي. حڪومت طرفان ڪو به واضح بيان  ان بابت سامهون ناهي آيو. قانون موجب انٽرنيٽ کي سنڀالڻ جو اختيار پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي(پي ٽي اي) وٽ آهي. پر انهن وٽ فائر وال خريد ڪرڻ ۽ انسٽال ڪرڻ جو اختيار آهي يا نه آھي؟

فائر وال لڳڻ بعد ٻاھران ايندڙ ۽ ھتان ويندڙ انٽرنيٽ ٽرئفڪ کي مانيٽر ڪري سگهجي ٿو.

پاڪستان ۾ انٽرنيٽ تي پابندي ڪا نئين ڳالهه ناهي ۽ حڪومت مختلف وقتن تي سڄي ملڪ ۾ صارفين جي انٽرنيٽ تائين رسائي کي روڪيندي رهي آهي. خاص ڪري موبائل فون ڪمپنين جي ڊيٽا بند ڪرڻ عام ٿي چڪو آهي. 8  فيبروري  2024ع تي چونڊن جي موقعي تي به موبائل فون استعمال ڪندڙ انٽرنيٽ کان محروم ڪيا ويا ھئا. ان سان گڏ پاڪستان ۾ مختلف ويب سائيٽون به بلاڪ ٿينديون رھيون آھن. 2008ع ۾ھڪ تڪراري فلم سبب  يوٽيوب تي ملڪ ۾پابندي لڳي هئي.بعد ۾ ڪافي عرصي کانپوءِ هٽي.

هن وقت به ملڪ ۾ سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ’ايڪس‘ تي لڳ ڀڳ چئن مهينن کان پابندي آهي ۽ حڪومت جو چوڻ آهي ته ايڪس رياست مخالف مواد کي ريگيوليٽ ڪرڻ ۾ پاڪستان حڪومت جي مدد نه ڪئي ھئي.نه رڳوايترو پر پاڪستان ۾ مختلف اخبارن ۽ خبرن سان لاڳاپيل ويب سائيٽن کي به بلاڪ ڪيو ويو آهي.

ماهرن جو چوڻ آهي ته موجوده دور ۾ انٽرنيٽ تي فائر وال لڳائڻ سان ڪو خاص فائدو نٿو ٿئي.چين ۾ انٽرنيٽ کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ڪيترائي فائر وال انسٽال آهن، پر صارفين  مختلف ورچوئل پرائيويٽ نيٽ ورڪ (VPNs) استعمال ڪندا آهن.حڪومت طرفان مختلف وي پي اينز بلاڪ ڪيا وڃن ٿا پر  ڪجهه وي پي اين، پوءِ به ڪم ڪن ٿا. وي پي اين، استعمال جي حوالي سان به ڏکيائي کي منهن ڏيڻو پوندو ڇو ته جيئن ئي ڪو ماڻهو وي پي اين استعمال ڪندو ته فائر وال جي مدد سان ڄاڻ ملي ويندي ته هي سسٽم وي پي اين استعمال ڪري رهيو آھي….