غُربت، خُودڪشيون ۽ ظُلم جون زنجيرون!

0
118
غُربت، خُودڪشيون ۽ ظُلم جون زنجيرون!

 15 سال گذري ويا ڀوتار جي ظلم کان تنگ، شاھ عنايت جي نگري  جھوڪ شريف  جي  خودڪشي ڪندڙ ڪولھي جوڙي جي ٻارن کي اعلانيل زمين نہ ملي سگھي آھي.  اڄ اھي ٻار ڪسمپرسي ۾ تقريبن دربدري واري سخت زندگي گذارڻ تي مجبور آھن، ھي پھريون واقعو ناھي جيڪو ھن سماج جي  ڀوتارڪي ظلم ۽ رويي جي نتيجي ۾ ٿيو  آھي. پر  جيتري سنڌ جي تاريخ پراڻي آھي،  جھڙي طرح سنڌ سڀني وسيلن کان مالامال ۽ تھذيب تمدن، ثقافت جي حوالي سان شاھوڪار، شاداب  رھي آھي،  تھڙي طرح  وڏيرن ، ميرن، پيرن، سردارن، راجائن جي ظلمن، اڻبرابري ۽ طبقاتي سوچ ۽ ان جا سماج تي پوندڙ اثرن جا داستانن ھن سماج جي  ريتن رسمن ۽ خطي جي پر امن ماحول ۾ وڏو خلل پيدا ڪيو آھي، انھن روين نہ فقط  سنڌ جي  پرامن تاريخ کي   داءُ تي لڳائي بدنامي پيدا ڪري ڪجھ سوال  ڇڏيا آھن پر اھڙن ڪڌن  عملن  اسان جي  سماج جي ترقي ۾ رڪاوٽ بنجي وڏو نقصان ڏنو آھي. بس ائين  کڻي چئجي اھي بہ ھن سماج جو حصو  آھن، دنيا جي تاريخ  اھڙن  ظلمن جي داستانن مان ڀريل آھي، سرڪشن ھميشہ غريبن تي ظلمن جا پھاڙ ڪيرايا آھن، ڪيترن کي موت جي ننڊ سمھاري ڇڏيو آھي، چاھي اھي سرڪش ظالم فرعون جي صورت ۾ ھجن، چاھي اھي وڏيري، ڀوتار، مير، پير جي صورت ۾ ھجن، انھن ھر دور ۾ غريب  عوام کي ستايو آھي.ھونئن  ظلم پوري دنيا ۾ ٿيو  آھي ۽ اڄ بہ  ٿي رھيو آھي، بھرحال  جڏھن ٿورڙو ماضي ۾ وينداسين تہ خبر پوندي تہ ظالم جتي ڪٿي پيدا ٿيا آھن ۽ ظلم بہ جاري رھيو آھي پر خاص ڪري اڄوڪي امن جي  چئمپيئن شپ جي دعويدار  آمريڪا بھادر جي بنياد پوڻ ڏسنداسين تہ پيو ئي ظلم تي  آھي، ان جي  جاگيرداري  سسٽم ۾  غلامن مٿان ڪيل ظلم اڄ بہ  تاريخ  جو حصو بڻيل آھن، جيڪڏھن  ائين کڻي چئجي غلامن جي ڪمائي، پگھر ۽ رت ست شامل آھي  تہ انھي ۾ ڪا حيرانگي يا  وڌاءُ جھڙي ڳالھ  تصور ڪانہ  ڪئي ويندي، ڇو تہ ھر پڙھيل لکيل ماڻھو کي اھا بخوبي ڄاڻ آھي تہ1492 کان اڳ ۾ امريڪا جو ڪو وجود نہ ھو، ايستائين جو ڪرسٽو فر ڪولمبس  آمريڪا دريافت ڪري اچي الھندي واري ملڪن ۾ ھوڪو ڏنو، جنھن کان پوء اسپين، فرانس، پرتگال، اٽلي، پولينڊ جي ماڻھن اتي وڃي ڊيرا ڄمائڻ شروع ڪيا، انھن  آمريڪا جي  اصل رھاڪن  ريڊ انڊين  ماڻھن مان  گھڻن  کي ماري ختم ڪري باقين کي غلام بڻايو، انھن جي زرخير زمين تي قبضو ڪيو ويو، انھن سان انسان سوز ظلم ڪيا ويا، انھن کي غلام بنائي انھن ماڻھن تي لانگ ورائي چڙھي سواري تائين ڪندا رھيا،   ٻئي طرف آفريڪا جي ماڻھن  کي زوري زبردستي اغوا ڪرائي انھن جي اسمگلنگ شروع ڪئي وئي، سرمائيدارن ڪارخانا ھلائڻ، کانسواء ھر ڪم انھن غلامن کان وٺي خوب ڌن ڪمايو ۽ انھن غلامن جون زندگيون عذاب بڻيل ھيون، اھي انساني اسمگلر ڪيڏا نہ ظالم ھئا، جيڪي انھن کي آفريڪا مان اغوا ڪري پوري دنيا کي وڪرو ڪري ڏيندا ھئا، ھڪڙي خاندان جي فردن کي مختلف ملڪن م الڳ الڳ ماڻھن کی ڏيندا ھئا، زال مڙس کان الڳ، ٻار والدين کان،ڀائر، ڀينرن کان الڳ ڪري وڪيو ويندو ھو، انھن کان جبري پورھيو ورتو ويندو ھو،  جڏھن ڪنگ مارڪ لوٿر  قرباني ڏني، سن کان پوء انھن مٿان ظلم ڪجھ گھٽ ٿيا  پر اڄ بہ ھو اڇوت تصور ڪيا وڃن ٿا، اھا حالت آھي آمريڪا جي، ٻئي پاسي اسان جي پاڙيسري ملڪ  انڊيا ۾ اھا حالت آھي جو اتي جا قرض ۾ دٻيل ھاري ھر سال سون جي تعداد ۾ خودڪشي ڪن ٿا، حڪومت ان طرف ڪو ڌيان نٿي ڏي، خاص ڪري مودي سرڪار جي خلاف ھارين دھلي ۾ مظاھرا ڪيا.

ساڳي طرح پاڪستان ۾  چوڌري،  خان، سردارن بہ غريبن، ھارين سان وڏا ظلم ڪيا آھن، ان ۾ ائين کڻي چئجي سنڌي ڀوتار، وڏيري ڪلور ڪيا آھن تہ ان ۾ ڪو وڌاءُ نہ  ٿيندو، اھڙي ظلم  سنڌ ۾ ڌاڙيل ڪلچر کي ھٿي ڏني  آھي،  ان ڪري ڏوھ عروج تي رھيا آھن، ان  جا ڪافي داستان آھن  ۽ ڪافي اھڙا ڌاڙيل ٿي گذريا آھن، جيڪي وڏيرن جي ظلم کان تنگ ٿي ڏوھن جي دنيا ۾ شامل ٿيا آھن،  رڳو  ٽنڊو بھاول جي سانحي کي ڏسون  جنھن ۾ مائي جندو جي پٽن سميت ٻين ھارين کي ڌاڙيل ڄاڻائي ماريو ويو، تنھن کان علاوہ  اخبارن ۾ بہ ڪافي وڏيرن چوڌرين جي ظلمن جون خبرون ڇپجنديون رھنديون آھن پر ڏٺو وڃي تہ مجموعي طور تي سنڌ جو ھاري ھڪ طرف وياج خور مافيائن وٽ تيزي سان گروي ٿي رھيو آھي، ٻئي پاسي وڏيري جي قرض ۾ دٻيل رھي وڏيرا انھن ھارين کي مستقل طور ھيسائڻ لاء انھن مٿان خوامخواہ جو قرض چاڙھي  انھن کي نجي  قيد ۾  رکي جبري پورھيو ورتو وڃي  ٿو  يا ڀوتار ھاري  جي سڄي اپت کڻي ويندو آھي ۽ کيس صحيح  حساب نہ ڏنو ويندو آھي ۽ جي کڻي ڏنو بہ ويندو آھي تہ  وقت سر  نہ ڏنو ويندو  آھي، جنھن سبب ھتي جي ھارين، ھارياڻين ۽ انھن جي اولاد ۾ خودڪشي جو رجحان تيزي سان وڌيو آھي ۽ وري انھن خودڪشي ڪندڙن ھارين کي اگر ڏسبو تہ انھن ۾ ھندو، مسلمان ۽ ھر ذات جا ماڻھو  شامل  ھوندا پر  زيادہ ريشو غريب ھندن جو ھوندو. اڃان وڌيڪ تور تڪ ڪبي تہ خبر پوندي تہ انھن اقليتي ھاري طبقي  جي خودڪشي ڪندڙن جو وڏو ريشو ٻين جي بنسبت ڪولھي ھارين جو آھي.

آئون اڄ اھڙي ھڪ ڪولھي ھاري جوڙي جي ڳالھ ھن ڪالم ۾ ڪندس  جيڪو واقعو ھارين سان ھمدردي ڪندي شھادت ماڻيندڙ شاھ عنايت شھيد جي نگري جھوڪ جي پاسي 2008ع ۾  ڪولھي جوڙي جمعي ڪولھي ۽ سندس زال ماريہ جي خودڪشي جي صورت ۾ ٿيو، جن  جي ڪيترن ڏينھن کان چلھ نہ ٻري سگھي ھئي، ھنن جي ٻن معصوم ٻارن جا بک کان پيٽ سڪي ويا ھئا، اھي معصوم رات ڏينھن بک کان روئي روئي بيحال ٿي چڪا ھئا، ٻارن جي بک ۽ مسلسل ڪيھاٽن جمعي ۽ ماريہ کي بہ اڌ مئو ڪري ڇڏيو ھو، جمعو روزانو  ڀوتار کي پئسن لاء ايلاز ڪري ڪري رات جو  خالي  ھٿ واپس ايندو ھو، ھو پاڻ ۽ ھن جي  زال رات جي وقت  ٻارن کي مانيءَ جا دلاسا  ڏيئي سمھاريندا ھئا تہ انتظار ڪريو ماني ٿي اچي، ٻار انتظار ڪندي ڪندي آخر سمھي پوندا ھئا، اولاد جي تڪليف جمعي ۽ ھن جي گھر واري جي اندر کي  گھائي ڇڏيو ھو، آخر اھو وقت بہ  آيو تہ ٻار سڄي رات روئندا رھيا جمعي جي گھر ۾ ڪا شئي نہ ھئي، آخرڪار  شاھ عنايت شھيد جي نگري ۾ جمعي ۽ ماريہ ٻارن جا ڪيھاٽ نہ سھندي خودڪشي  ڪري زندگي جو ڏيئو ھميشہ لاءِ وسائي ڇڏيو.

جمعو ۽ ماريہ تہ ھميشہ لاء  ھليا ويا پر انھن جا يتيم ٻار ڪنھن جي  در وڃن، ڪجھ ٻين جي درن تي پلجڻ لڳا، آخر اھي بہ  وڌيڪ بار نہ کڻي سگھيا پر افسوس ان وقت جي  دعويدار حڪومت تي ڪجي يا ووٽ وٺندڙ ڀوتارن تي ڪجي جن جمعي ۽ ماريہ جي ٻارن لاء ڪجھ ناھي ڪيو، انھن  حڪومتي خرچ تي پڙھائڻ ۽ 18 ايڪڙ زمين ڏيڻ جو اعلان محض ھڪ اعلان ثابت ٿيو، ان تي عمل ٿيو ائين کڻي چئجي اھي اعلان بہ  ماضي جو خواب بڻجي ويا  آھن، زمين ڏيڻ جو اعلان ٿيو پر اھي اعلان مڙيئي ٺڪاءُ ثابت ٿيا، تنھنڪري اڄ اھي يتيم حڪومتي فائدي کان پري آھن، پوء ڇا فائدو ھو اھڙي  اعلان جو جنھن يتيمن کي ايذايو آھي، ان کان بھتر اھو ھوتہ  انھن ٻنھي  ٻارن کي ھن وڏيرڪي سماج کان پري رکي ايڌي جھڙي اداري جي حوالي ڪجي ھاتہ  اڄ ھو ڪافي خوش ھجن ھا پر وري بہ جس ھجي پرائمري اسڪول  سليمان جلالاڻي جي ڳوٺ جي ماستر عبدالشڪور کي، جيڪو جمعي ۽ ماريہ جي  ڇوڪري مڪيش ۽ ڇوڪريءَ جمنا جو ڪپڙن، ڪتابن سميت سڄو  خرچ پاڻ ڪري کين ڪجھ وقت پڙھايو، ھن وقت ڇوڪري جي شادي بہ ٿي وئي آھي ۽ ڇوڪرو تعليم اڌ ۾ ڇڏي مزدوري ڪري پيٽ پالي رھيو آھي پر ھو اڄ  ھتي جي  سياسي  ووٽ وٺي  چونڊجندڙ  ڀوتارن  کان ايندڙ اليڪشني مھم  ۾ اھو سوال ضرور ڪندو تہ اھو واعدو ڪڏھن پورو ٿيندو جنھن کي پندرھن سال ٿي ويا، توھان ھر وقت ووٽ ورتا پر اسانجي ڪابہ سار  اڄ  تائين  ڪانہ لڌي آھي. ان کي سماجي بيحسي ئي چئي سگھجي ٿو. تنھنڪري ضرورت ان ڳالھ جي آھي تہ  انھن ٻنھي يتيمن کي حڪومتي اعلانيل زمين ڏني وڃي، جتي ھو  زمين تي پنھنجو گھر ٺھرائي  رھي سگھن.