غير نصابي سرگرميون نفسياتي ماهرن جي نظر ۾!

0
249
غير نصابي سرگرميون نفسياتي ماهرن جي نظر ۾!

 غير نصابي سرگرميون اهي دلچسپ سرگرميون هونديون آهن، جن ۾ شاگرد پنهنجي  پڙھائي ۽ ڪلاس کان ٻاهر سرگرميونن ۾ حصو وٺندا آهن. غير نصابي سرگرميون نئين صلاحيتن کي سکڻ ۽ موجوده صلاحيتن کي بهتر ڪرڻ لاءِ هڪ بهترين پليٽ فارم مهيا ڪن ٿيون۔ جيڪڏهن توهان اسڪول، ڪاليج، يا يونيورسٽي ۾ پڙهندا آهيو، اوهين  به انهن سرگرمين ۾ شامل ٿي يا حصو وٺي ڪري ڪيترن ئي موقعن جو فائدا حاصل ڪري سگھو ٿا. هن آرٽيڪل ۾، اسين غير نصابي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ جي ڪيترن ئي فائدن تي ڳالهه ڪنداسين ۽ توهان کي توهان جي تعليمي سفر دوران انهن ۾ شامل ٿيڻ جا عملي طريقا به ٻڌائينداسين.

                 هارورڊ يونيورسٽي جي نفسياتي ماهر ڊاڪٽر رچرڊ ويسبورڊ  مطابق، غير نصابي سرگرميون شاگردن کي ضروري زندگي جي صلاحيتن کي وڌائڻ ۾ مدد ڪن ٿيون، جهڙوڪ:  ٽيم ورڪ سکڻ، وقت جو انتظام ۽ پابندي سکڻ، قيادت جون صلاحيتون بهتر ڪرڻ، وغيره ۾ بهتر ثابت ٿينديون آهن. ان خيال جي برعڪس ته غير نصابي سرگرميون شايد شاگرد جي تعليمي ترقي ۾ رڪاوٽ ٿين ٿيون يا تعليم کي متاثر ڪري سگهن ٿيون ، ان خيال کي رد ڪندي  تحقيق مان معلوم ٿئي ٿو ته اهي غير نصابي سرگرميون حقيقت ۾ ان تعليمي ترقي کي وڌائي سگهن ٿيون. هڪ تحقيق جيڪا “جرنل آف يوٿ اينڊ ايڊولسينس” ۾ شايع ٿيل آهي، جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته جيڪي شاگرد غير نصابي سرگرميون ۾ حصو وٺندا آهن. انهن وٽ اڪثر بهتر گريڊ ۽ اعليٰ تعليم جي شرح  وڌيڪ هوندي آهي. ان کان علاوه، نوجوانن جي ترقي جي هڪ ماهر ڊاڪٽر مارلن پرائس مچل جي مطابق غير نصابي پروگرامن ۾ حصو وٺڻ ذريعي توهان کي نه صرف هڪجهڙي دلچسپي رکندڙ ماڻهن سان ملڻ جو موقعو پر نئين دوستي کي وڌائڻ ۾ پڻ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿو ۽ ان نتيجي ۾ اوهين هڪ مضبوط نيٽ ورڪ ٺاهي سگهو ٿا، جيڪو توهان جي سماجي صلاحيتن ۽ اعتماد کي آساني سان وڌائيندو رهي ٿو.

ٻارن جي بيمارين جي ماهر ڊاڪٽرڪينيٿ گينسبرگ جي مطابق غير نصابي سرگرمين ۾ مشغول ٿيڻ سان ذھني دٻاءُ ۽ پريشانيءَ کي گهٽائڻ  لاءِ هڪ صحتمند ذريعو ٿي سگهي ٿو ۽ اهو پرسڪون ٿيڻ جو هڪ  بهترين طريقو  پڻ آهي ،  جنهن ذريعي اوهين پر سڪون  ٿي سگهو ٿا، ۽ تعليمي دٻاءُ مان پڻ وقفو وٺي سگهو ٿا. وڌيڪ تعليمي ماهر، ايلسن ڊول جي صلاح مطابق غير نصابي سرگرمين ۾  حصو وٺڻ  سان توهان جي سي وي بهتر ٿيڻ سان گڏ اوهان کي نوڪري حاصل ڪرڻ ۾ بہ  مددگار ٿي سگهي ٿو. ان کان علاوه ڪاليج يا يونيورسٽي  جي داخلا ۽  سڀ کان وڏي ڳالھ  ته دنيا جي اسڪالرشپس جي موقعن کي کٽڻ ۾ مدد ڪن ٿيون. ٻين لفظن ۾ لکجي ته غير نصابي سرگرمين ۾ باقاعدگي سان حصو وٺڻ وارا ٻين شاگردن  کان گهڻي حد تائين نمايان ٿين ٿا. غير نصابي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ توهان جي نہ  صرف عزم کي ظاهر ڪري ٿو، پر صلاحيتن ۽ دلچسپين کي پڻ نکاري ٿو. غير نصابي سرگرمين ۾ شموليت ذاتي ترقي ۽ پاڻ کي سمجهڻ ۾ پڻ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿو. هڪ ماهر نفسيات ۽ تعليمدان ڊاڪٽر برناڊٽ مطابق اهي سرگرميون توهان جي اندر ٽيلنٽ کي اجاگر ڪرڻ ۽ لڪل صلاحيتن کي ٻاهر نکارڻ ٿيون. ليکڪ ۽ ڪيريئر ڪوچ مارسي ٽوئيٽ مطابق غير نصابي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ سان اوهان اڪثر ڪري مختلف شعبن جي پيشي وارن ۽ ماهرن سان  رابطي ۾ ايندا آهيو، جيڪي رابطا هلي ڪري اوهان کي انٽرنشپس حاصل ڪرڻ ۾ مددگار ٿي سگهندا آهن،  صلاح مشوري جي موقعن، ۽ توهان جي ڪيريئر جي  باري ۾ بہ ڪارائتي ڄاڻ پڻ ڏئي سگهن ٿا. اسڪول ۾ غير نصابي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ جا طريقا ڪجھ ھي آھن: اڪثر اسڪولن ۾ مختلف ڪلبس جڙيل هوندا آهن، جنهن ۾ تقريرن جي مقابلي ۾ حصو وٺڻ، ڊرامن ۾ حصو وٺڻ، سائنس ۽ آرٽ جي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ، وغيره شامل هوندا آهن. اوهين ڪا ھڪڙي سرگرمي چونڊيو جيڪا توھان جي  پسند مطابق هجي. ۽ پو۽ اوهين ان ۾ حصو وٺڻ شروع ڪيو. ان کان علاوه ،جيڪڏهن توهان فٽبال، باسڪيٽ بال، ڪرڪيٽ يا ڪنهن ٻئي راند کي به پسند ڪندا آهيو، اسڪولن ۾ عام طور تي ٽيمون ٺهيل هونديون آهن، جنهن ۾ اوهين به آسانيءَ سان شامل ٿي سگهو ٿا۔ تنهن کان علاوه اوهين شاگرد سياست ۾ بہ حصو وٺي سگهو ٿا، جنهن  سان توهان پنهنجي قيادت جي صلاحيتن کي بهتر بڻائي سگهو ٿا، جيڪو توهان جي اسڪول ۾ به مثبت اثر ڇڏي سگهي ٿو۔ ڪجهه ڪاليجن ۾ ڪيترائي ڪلبس ۽ شاگرد تنظيمون هونديون، جنهن کي اوهين به جوائن ڪري سگهو ٿا، جنهن ۾ اڪثر دلچسپ موضوعن تي ڪارائتا بحث پڻ ٿيندا آھن. توهان پنهنجي ڪيريئر سان ڳنڍيل يا توهان جي پسند جي اهم مضمونن سان جڙيل انٽرنشپس ڳوليندا ڪريو. جيڪي اوهان کي عملي تجربو ۽ نيٽ ورڪنگ ڪرڻ جا موقعا پڻ ڏئي سگهي ٿو.

جڏهن ڳالهه ڪجي يونيورسٽي جي، اڪثر يونيورسٽين ۾ تحقيق جا ڪم اڪثر ڪري ٿيندا رهندا آهن، اتي پڙهندڙ شاگرد پاڻ کي پنهنجي شعبي سان جڙيل يا شوق سان لاڳاپيل ريسرچ پروجيڪٽس ۾ پاڻ کي مصروف ڪري سگهن ٿا. اوهين ان سلسلي ۾ لاڳاپيل پروفيسرن سان ملي سگهو ٿا، يونيورسٽي جي رضاڪارانه سرگرمين ۾ شامل ٿجي يا ڪيمپس جي رضاڪارانه تنظيمن ۾ حصو وٺڻ گهرجي. تنهن کان علاوه ڪجهه يونيورسٽي ڪيمپسس ۾ ئي اوهين پارٽ ٽائيم نوڪريون ڪري سگهو ٿا، جيڪي اوهان جي دلچسپي جي شعبي سان لاڳاپيل هجن، جنهن ۾ توهان نه صرف پيسا ڪمائي بلڪه اهو اوهان ان ذريعي عملي تجربو  پڻ حاصل ڪري سگهو ٿاـ غير نصابي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ توهان جي تعليمي پس منظر (بيڪ گرائونڊ) کي بهتر بنائڻ جو هڪ بهترين ذريعو آهي. اهي سرگرميون نه صرف ڪيترائي ذاتي ۽ پيشه ورانه فائدا ڏيڻ سان گڏوگڏ توهان کي مسلسل يادون جوڙڻ  واسطا (ڪنيڪشن) ٺاهڻ لاءِ پڻ فائدو ڏين ٿيون. تنهن ڪري، جيڪڏهن توهان اسڪول، ڪاليج، يا يونيورسٽي ۾ پڙهندا آهيو، پنهنجي تعليمي سفر دوران پاڻ کي مشغول رکي انهن موقعن جو ڀرپور فائدو وٺندا ڪريو  ياد رکو البرٽ آئن اسٽائن جنهن هڪ دفعي چيو هو ته، “تعليم اها آهي جيڪا توهان اسڪول ۾ سکيل شيءِ کي وساري ڇڏڻ کان پوءِ به ياد رهي ٿي. ان سلسلي ۾ غير نصابي سرگرميون ان تعليم جو هڪ اهم حصو پڻ آهن.”