غير قانوني فنڊنگ ڪيس: پي ٽي آءِ جي وڌيڪ 3 ڳجهن اڪائونٽس جو پتو لڳائڻ جو انڪشاف

0
300
اسان وٽ فائرنگ ۾ ايجنسيز جي اهلڪارن جي ملوث هُجڻ جا ثبوت آهن: پي ٽي آءِ
اسان وٽ فائرنگ ۾ ايجنسيز جي اهلڪارن جي ملوث هُجڻ جا ثبوت آهن: پي ٽي آءِ

اسلام آباد: ايف آءِ اي غير قانوني فنڊنگ ڪيس جي جاچ ۾ اِهم اڳڀرائي جِي دعويٰ ڪندي پي ٽي آءِ جي وڌيڪ ٽن ڳجهن اڪائونٽس جو پتو لڳائڻ جو انڪشاف ڪيو آهي

ايف آءِ اي ذريعن موجب پي ٽي آءِ اِهي بينڪ اڪائونٽس ووٽن ڪرڪيٽ ڪلب مان رقم جي منتقلي لاءِ استعمال ڪيا، ٽنهي اڪائونٽس ذريعي ڳري رقم پرڏيهه مان پاڪستان منتقل ٿي

ايف آءِ اي ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته طارق شفيق نالي شخص انصاف ٽرسٽ کوليو، ڄاڻايل شخص اڪائونٽس منجمد ڪري کانئس جواب طلب ڪيو ويو آهي

ايف آءِ اي طارق شفيق جي پرڏيهه وڃڻ تي به عارضي طور پابندي لڳائي ڇڏي آهي

ھي به پڙھندا

دھشتگردي ٽوڙ عدالت عمران خان جي عبوري ضمانت منظور ڪري ورتي