ڪنڌڪوٽ/غوثپور (نمائندن وٽان) ڪنڌڪوٽ جي بي سيڪشن ٿاڻي جي حد مان ڌاڙيل ڏينهن ڏٺي جو انڊس ھاءِ وي تي ڪاهه ڪري غوثپور کان ڪنڌڪوٽ اناج منڊي ايندڙ ٽن واپارين کي اغوا ڪري ويا، رپورٽ موجب ڪنڌڪوٽ اناج منڊي جا ٽي واپاري پنهنجي شھر غوثپور کان ڪنڌڪوٽ طرف اچي رھيا ھئا ته ڌاڙيل قمبراڻي لاڙو وٽان انڊس  ھاءِ وي تان ڏينهن ڏٺي جو هٿيارن جي زور تي روڪي ڪار ڪچي طرف کڻي ويا، اغوا ٿيل واپارين ۾ نتيش ڪمار، سنجي ڪمار ۽ نتيش گيھاڻي شامل آهن، واقعي بعد غوثپور جي شھرين مکي سريش ڪمار تلريجا، سيد حبن شاھ، سيد سليم شاھ، برج لال، ڊاڪٽر واشديو جي اڳواڻي ۾ انڊس ھاءِ وي کان پريس ڪلب تائين احتجاجي مظاھرو ڪري نعريبازي ڪئي، اڳواڻن چيو ته بدامني سبب وڏو معاشي نقصان ٿي رھيو آهي، ڌاڙيل راڄ قائم ٿيل آهي، ڏوھارين کي روڪڻ ۾ پوليس ناڪام ٿي وئي آهي، هنن سنڌ حڪومت کي اپيل ڪئي ته اغوا ٿيل ھندو واپارين کي بازياب ڪرايو وڃي.