غلام شاهه موري ۾ اٽي جو اگهه چوٽ چڙهي ويو، شهرين جون دانهون

0
154
سنڌ ۾ اٽي جو بحران
سنڌ ۾ اٽي جو بحران

غلام شاهه موري (ن پ ا) غلام شاهه موري ۾ اٽي جو اگھه چوٽ چڙهي ويو، غريب مسڪين ماڻھو خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور بڻيل آهن، چڪي مالڪن هڪ هٽي قائم ڪري ڇڏي

شھرين نديم دل، اويس جکرو، بچو جت، محمد علي راهمون ۽ ٻين پنهنجي اخبارکي ٻڌايو ته اٽي جو اگھه چوٽ چڙهي ويو آهي، غريب مسڪين هڪ ويلي ماني کائڻ لاءِ پريشان ٿي ويا آھن جنهن سبب ماڻهون خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور آھن

چڪي مالڪن کي ملندڙ سرڪاري ڪڻڪ سرڪاري اگھه تي وڪرو ڪرڻ بجاءِ ھٿرادو اگھه 170 رپيا ڪلو وڪرو ڪري رهيا آھن چڪي مالڪن جي هڪ هٺي قائم آهي جنهن سبب غريب مسڪين ڏهاڙي  تي ڪم ڪندڙ مزدور پريشان ٿي خودڪشي ڪرڻ تي  مجبور آھن

جڏهن ته انهن چڪي مالڪن خلاف ڪير ڪاروائي ڪرڻ وارو نه آھي شهرين وزير اعلي’ سنڌ کان مطالبو ڪيو ته اٽي جي اگھه تي ضابطو آڻي چڪي مالڪن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي