ڊبلن / لنڊن (م ڊ) غزه ۾ اسرائيلي ظلم رڪجي نه سگهيا آهن، جنهن جي نتيجي ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 58 فلسطيني شهيد ٿي ويا آهن. ٻئي پاسي برطانيا ۾ غزه ۾ اسرائيلي ظلمن خلاف ۽ جنگبندي لاءِ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. مختلف علائقن مان نڪتل ريلي پارليامينٽ هائوس آڏو پهتي. جتي مظاهري ۾ لکين ماڻهن شرڪت ڪئي. ميڊيا موجب مظاهري ۾ 3 لک کان وڌيڪ مظاهرين شريڪ هئا. مظاهرن ۾ مسلمانن ۽ ٻين مذهبن جا ماڻهو شريڪ ٿيا. ان موقعي تي مظاهرين مطالبو ڪيو ته فوري جنگبندي ڪئي وڃي. برطانيا اسرائيل کي هٿيارن جي فراهمي بند ڪري. غزه ۾ قتل عام ڪرڻ تي اسرائيل خلاف جنگي ڏوهن جو ڪيس داخل ڪرايو وڃي.  ٻئي پاسي آئرلينڊ، ناروي ۽ اسپين طرفان جلد فلسطيني رياست کي تسليم ڪرڻ جا امڪان آهن. آئرلينڊ ۽ ناروي جي اڳواڻن فلسطين جي حامي اسپينش وزيراعظم پيڊرو سانچيز سان ملاقات ڪئي، جنهن بعد انهن اهڙو اشارو ڏنو. آئرلينڊ جي وزيراعظم سائمن هيرس ڊبلن ۾ پيڊرو سانچيز سان ملاقات ڪندي چيو ته جلد ئي فلسطين کي تسليم ڪرڻ چاهيون ٿا پر اهو ڪم اسپين ۽ ٻين يورپي ملڪن سان گڏجي ڪرڻو پوندو. ان کان اڳ اسپين جي وزيراعظم ناروي جي گادي واري هنڌ اوسلو پهچي ناروي جي وزيراعظم جوناس گهراسٽور سان ملاقات ڪئي. جنهن بعد ناروي جي وزيراعظم ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جو ملڪ به هم خيال ملڪن سان گڏجي فلسطين جي رياست کي تسليم ڪرڻ لاءِ تيار آهي.