عِيدَ ۽ قُربانيءَ جو فلسفو

0
19
آبپاشي عملدارن جي غفلت سبب سکر بئراج کي پهتل نقصان

اڄ عيد الاضحيٰ آهي. حضرت ابراهيم عليه السلام جي قربانيءَ جي ياد ۾ اڄوڪو ڏڻ ملهايو ويندو آهي. عيد جو ڏڻ آهي. عيد خوشين جو استعارو آهي. ڪَئين ڏهاڪن کان عيدون سنڌ جو دڳ ڀُلجي ويون آهن. سنڌ ۾ اڻهوند جي موسم ڇانيل آهي، ماڻهن کان ان اڻهوند ۾ خوشي ۽ خريد وسري وئي آهي. سالَ جا سمورا ڏينهن سخت پورهيو ڪرڻ باوجود اهي عيد جي ٻن ڏينهن لاءِ پنهنجي ٻچن لاءِ خوشين جا پل خريد ڪري نٿا سگهن. عيد ٻين سان خوشيون ونڊڻ جو نالو آهي. ٻين کي پنهنجي خوشين ۾ حصيدار بنائڻ جو نالو آهي. اهو ئي قربانيءَ جو فلسفو آهي. جنهن کي ان تناظر ۾ سمجهڻ جي ضرورت آهي.

عيدون مذهبي ڏڻ هجڻ سان گڏ ثقافتي تهوار پڻ آهن، انهن جي مذهبي اهميت سان گڏوگڏ ثقافتي اهميت پڻ آهي. انهن ڏينهن تي ويڇا وسارڻ جي ضرورت آهي، خوشيون ونڊڻ جي ضرورت آهي، قربانيءَ کي فلسفي کي سمجهڻ جي ضرورت آهي. ڪي اهڙا ماڻهو به آهن، سال جا سمورا ڏينهن انهن لاءِ عيد جا ڏينهن آهن، ڏُک ڏاکڙا ته پري جي ڳالهه، نامهربان موسمن جي تلخي به انهن جي ڀر مان نٿي گذري پر اڪثريت اهڙن ماڻهن جي آهي، جيڪي سڄو سال اڻهوند جي انگاس تي ٽنگيل هوندا آهن. عيد جو مقصد اهڙن ماڻهن کي هن ڏينهن تي ياد رکڻ آهي. جانورن جي قرباني ڏيڻ سان گڏ خوشين جي قرباني ڏيڻ جي ضرورت آهي. اهو ئي هن عيد جو فلسفو آهي.

عيدالاضحيٰ يا قربانيءَ واري عيد تي جانورن جي قرباني ڏني وڃي ٿي، پر ان حوالي سان صفائي سٿرائي جي اصولن تي عمل نٿو ڪيو وڃي ۽ ڪئين ڏينهن تائين قربان ڪيل جانورن جون باقيات هٽايون نٿيون وڃن ۽ قرباني ڪندڙ اهو سمجهندا آهن ته،  اهو ميونسپل ادارن جو ڪم ۽ فرض آهي. جڏهن ته سنڌ جا ميونسپل ادارا ڪيترا مستعد ۽ فعال آهن، اهو ڪنهن کان به لڪل ڪونهي. اسان سمجهون ٿا ته، قربانيءَ جي جانورن جون باقيات هٽائڻ ميونسپل ادارن جو ڪم آهي پر ان سان گڏ قرباني ڪندڙن جو به بنيادي فرض بيهي ٿو ته، اهي انهن باقيات کي هٽائڻ جو ڪم ڪن ۽ نه هٽائڻ جي ڪري اهو سڄو پاڙو، گهٽيون ڌپ ۽ جي ور چڙهيل هوندو آهي ۽ اتي جا رهواسي نه صرف عذاب ۾ هوندا آهن پر گڏوگڏ بيمارين ڦهلجڻ جا امڪان به پيدا ٿي ويندا آهن.

عيد واري ڏينهن عيد نماز ج اجتماع ٿيندا آهن ۽ دهشتگرديءَ جي هن بالادست ماحول ۾ اهي اجتماع دهشتگردن جو سافٽ ٽارگيٽ هوندا آهن. ان ڪري سنڌ سرڪار کي امن امان جي فول پروف انتظامن کي يقيني بنائڻ گهرجي. خاص طور تي ڪراچيءَ سميت وڏن شهرن ان جي ضرورت تمام گهڻي آهي. روايتي “هاءِ الرٽ” وارن بيانن کان اڳتي وڌي حقيقي اُپاءَ وٺڻا پوندا.

عيد واري ڏينهن به انهن ماڻهن جي گهرن ۾ ماتم هوندو، جن جا گهر ڀاتي ڌاڙيلن جي گرفت ۾ آهن ۽ پوليس انهن کي بازياب ڪرائڻ جي ذميواري پوري ڪري نه سگهي آهي. چند سئون ڌاڙيلن جي اڳيان رياست بيوس بڻيل آهي ۽ عوام جي تحفظ واري آئيني ذميواري پوري نه ٿي سگهي آهي. حڪمرانن جي ان بيحسيءَ کي اڄوڪيءَ ڏينهن تي تمام گهڻو محسوس ڪيو ويندو.

عيد کي حقيقي معنيٰ ۾ خوشين جو ڏڻ بنائڻ لاءِ خوشيون انهن محروم خلق ۾ ونڊڻ نه وساريو وڃي، جن جي پهچ ۽ رسائي انهن خوشين تائين نه آهي، جيڪي سماج جا محروم طبقا آهن. قربانيءَ وارن ڏينهن ۾ ميونسپل ادارن کي پنهنجو فرض احسن طريقي سان ادا ڪرڻ گهرجي. امن امان جي سخت اپائن جي اهميت کي به نظر ۾ رکيو وڃي.