غزه (م ڊ) غزه ۾ اسرائيلي بربريت عيدالفطر تي به جاري رهي، ڪالهه وڌيڪ 84 شهيد ٿي ويا جنهن بعد انگ انگ 33 هزار 680 ٿي ويو، جڏهن ته ٻه ڏينهن اڳ وحشياڻي بمباري جي نتيجي ۾ حماس جي سربراهه اسماعيل هنيه جي 3 پٽن ۽ پوٽن سميت وڌيڪ 125 فلسطيني به شهيد ٿي ويا هئا،  عرب ميڊيا جي رپورٽن موجب غزه تي اسرائيل جي وحشياڻي بمباري ۾ 24 ڪلاڪن دوران گهٽ ۾ گهٽ 125 فلسطيني شهيد ٿيا جن ۾ حماس اڳواڻ اسماعيل هنيه جا 3 پٽ ۽ پوٽا به شامل آهن. جڏهن ته بمباري جي نتيجي ۾ درجنين ماڻهو به زخمي ٿي پيا آهن. غزه ميڊيا آفيس طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران مختلف اسپتالن ۾ 125 شهيدن جا لاش آندا ويا آهن. حماس سربراهه اسماعيل هنيه عرب ٽي وي سان ڳالهائيندي پٽن جي شهادت جي تصديق ڪندي چيو ته منهنجا پٽ حازم، عامر ۽ محمد شمالي غزه ۾ واقع پناهگيرن جي ڪيمپ ۾ پنهنجن ويجهن مائٽن سان عيد ملي رهيا هئا ته کين نشانو بنايو ويو. اسماعيل هنيه ٻڌايو ته 3 پٽن سان گڏ منهنجا پوٽا به اسرائيلي بمباري ۾ اچي شهيد ٿي ويا آهن پر منهنجي پٽن جو رت فلسطيني عوام جي ٻارن جي رت کان وڌيڪ قيمتي نه آهي. حماس سربراهه وڌيڪ چيو ته منهنجي خاندان تي حملو اسرائيلي ناڪامي کي ظاهر ڪري ٿو. هن وڌيڪ چيو ته گهر ڀاتين کي نشانو بنائڻ جي باجود فلسطيني عوام جي اڳواڻي کان پوئتي نه هٽندس.