واشنگٽن (م ڊ) آمريڪي پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن سڄي دنيا جي مسلمانن کي عيدالاضحيٰ جي مبارڪباد ڏني آهي. پنهنجي بيان ۾ انٽوني بلنڪن چيو ته هن ڀيري عيد اهڙي وقت ۾ آئي آهي، جڏهن ڪيترائي مسلمان اذيت ۾ مبتلا آهن، اسان جبر ۽ تڪرارن کي منهن ڏيندڙن سان گڏ آهيون. هن چيو ته اسان اسلامو فوبيا ۽ نفرت تي ٻڌل تشدد کي منهن ڏيندڙن سان به گڏ آهيون، اسان دنيا کي بهتر بڻائڻ لاءِ آمريڪي مسلم قيادت ۽ سڄي دنيا جي مسلم ڪميونٽيز جي خدمتن کي ساراهيون ٿا. سندس چوڻ هو ته اسان پرامن مستقبل لاءِ ڪم ڪرڻ جو عهدو ڪيون ٿا.