سکر (بيورو رپورٽ) سنڌ ۾ هر خوشيءَ واري ڏينهن کان اڳ منافعي خور واپاري سبزي، فروٽ سميت کاڌ گهڻو استعمال ٿيندڙ شين جي اگهن ۾ هٿرادو اضافو ڪري ڇڏين ٿا، نتيجي ۾ عوام ۾ سخت مشڪلاتن کي منهن ڏيڻ تي مجبور هجي ٿو، ورتل جائزي موجب هر ايٽم تي 20 کان 80 روپين تائين يا اِن کان به وڌيڪ في ڪلو جي حساب سان اضافو ڪيو ويو آهي. ٽماٽر جيڪي 80 کان 100 روپيا في ڪلو وڪامجي رهيا هئا هن وقت مارڪيٽ ۾ ٽماٽر في ڪلو 210 روپيا وڪرو ٿي رهيو آهي. مٽر سٺي ڪواليٽي وارو 815 روپيا، ليمون 415، ساوا مرچ 150، شملا مرچ 340، پٽاٽو 125، بصر 120 روپيا في ڪلو جي حساب سان مارڪيٽ ۾ وڪرو ٿي رهيا آهن. اهڙي طرح فروٽ فروٽ جي اگهن ۾ به اضافو ڪيو ويو آهي. صوف 240، ايراني صوف 415، انگور 300، آلو بخارا 250، چيري 190، چيڪو 140، پپيتو 170 روپيا في ڪلو جي حساب سان وڪرو ڪيو پيو وڃي. جڏهن ته ڪيلا 130 روپيا في درزن ملي رهيا آهن. سرندي وارا مهانگي اگهن تي سبزي سان گڏ فروٽ به خريد ڪري رهيو آهي. جڏهن ته پورهيت توڙي وچولو طبقو مجبوريءَ سبب روزانو جي استعمال هيٺ ايندڙ سبزي وارا ايٽم خريد ڪرڻ تي مجبور آهي. مهانگائي هجڻ ڪري خوشين واري ڏهاڙي تي به غريب ۽ پورهيت طبقو فروٽ خريد ڪرڻ کان قاصر آهي. سکر جي رهواسين پاران حڪومت کان مطالبو ڪيو ويو ته هٿرادو مهانگائي جي عذاب کان نجات ڏياري وڃي.