عيد، اڻھوند ۽ سماجي ذميواري

0
17
عيد، اڻھوند ۽ سماجي ذميواري

اڄ عيد جو ڏينهن آھي, پر اسان جي ملڪ ۾ عام ماڻهن جون خوشيون گهڻو عرصو اڳ حڪمرانن, بيورو ڪريسي جي نااهلين, پيسي جي حوس, لوڀ ۽ لالچ جو کاڄ ٿي چڪيون آھن. حالت ان حد تائين وڃي پهتي آھي جو عام ماڻهو ۽ انهن جا ننڍا ٻارڙا جيڪي عيد جي ڏينهن کي واقعي ئي پنهنجي زندگي جي عام ڏينهن کان مختلف ڏينهن تصور ڪندا هئ،ا هاڻي مهانگائي جو بي قابو ٿيل جن کين اهو محسوس ڪرائي رهيو آھي ته عيد جو ڏينهن به هاڻي انهن جي زندگين ۾ عام ڏينهن کان مختلف ته نه رهيو آھي پر عيد جو ڏينهن انهن جي زندگي ۾ وڌيڪ پيڙا محسوس ڪرائيندڙ ڏينهن بڻجي ويو آھي , عيد جي ڏينهن بابت عام ماڻهن جون معصوم حسرتون, خواهشون جڏهن حقيقت جو روپ اختيار ڪري نٿيون سگهن، تڏهن   اڌوريون  ۽ اڻپوريون  خواهشون کين بي وسي ۽ لاچاري جي اهڙي ڪن ۾ ڦٽو ڪري ڇڏين ٿيون، جتي خواهشن ۽ حسرتن جي ڪسجڻ جو درد محسوس ڪري سگهبو آھي  ۽ بي وسي , لاچاري دنيا جي سمورين بيمارين کان وڌيڪ ڀيانڪ, ازيتناڪ , ۽ پيڙا واريون بيماريون لڳنديون آھن , جنهن بيماري جو علاج رياست کي هڪ ڊاڪٽر وانگر ڪرڻو هوندو آھي پر اسان جي رياست ۾ هلندڙ وهنوار کي ڏسي ائين محسوس ٿئي ٿو ته رياست عام ماڻهن کي بي يارو مددگار ۽ حالتن جي حوالي ڪري ڇڏيو آھي. نه رڳو ايترو، حڪومت ڀلي ڪهڙي پارٽي جي به هجي پر انهن جي پاليسين ۾ هڪ جهڙائي اها هوندي آهي، جو غريب وڌيڪ غريب ٿيندو ويندو آھي. ڪجھ سالن کان ته غريب وڌيڪ غريب نه پر غريبن جو ڏينهون ڏينهن ڄيئڻ جنجال ٿيندو پيو وڃي. هاڻي غريب ماڻهن لاء ‘ ڀلي بک ڀرم جي، شال نه وڃي شان ‘ واري چوڻي وانگر پنهنجي غربت جو ڀرم رکڻ به مشڪل ٿي ويو آھي. جڏهن عيد اچڻ واري هوندي آھي، تڏهن ڪئين هفتا اڳ محنت ڪش طبقن کي اها پريشاني ورائي ويندي آھي ته ڪيئن به ڪري عيد تي ٻچن لاء هڪ هڪ جوڙو وٺي سگهي, غريباڻي حال تحت ئي ڪا چپل يا جتي کين وٺي ڏئي سگهي. آھن ته مزدور طبقي جون اهي معصوم ۽ ننڍڙيون خواهشون پر سندن آمدني اڳيان اهي خواهشون هماليه وانگر هونديون آھن. اهو ئي سبب آھي ته غريب ماڻهو هر روز حسرتن جو ڪوس ٿيندي ڏسي ٿو ۽ خواهشن کي دفن ڪندو رهي ٿو.

سنڌ سوڌو سڃي پاڪستان ۾ اهڙي اذيت ۽ پيڙا مان گذرندڙن جو تعداد ڪو معمولي نه آھي. اهڙي اذيت کي هر روز منهن ڏيندڙن جو تعداد  لکن ۽ ڪروڙن ۾ آھي. ٿي سگهي ٿو ته ڪو حڪومتي عهديدار يا مها دانشور  سمجهي ته مان انگ اکر وڌائي پيش ڪري رهيو آھيان پر حقيقت اها آھي ته  اهڙي اذيت مان گذرندڙ ماڻهن جو انگ لکن ۽ ڪروڙن ۾ ڄاڻائي مان انگ اکر  گهٽائي ئي پيش ڪري رهيو آھيان. مان انهي عذاب کي ڀوڳيندڙن جا ڪجھ تفصيل پيش ڪريان ٿو. اوهان پاڻ اندازو لڳايو ته ملڪ جي ڪل آبادي ۾ انهن جو تعداد ڪيترو آھي.

مزدور طبقو هر روز اذيت کي ڀوڳيندڙن ۾ سرفهرست آھي. سنڌ جي ٻهراڙين ۾ مزدور کي ست سئو روپين تائين مزدوري ملي ٿي. سنڌ سوڌو ملڪ جي شهري علائقن ۾ اهي ٿورا خوش نصيب مزدورن آھن، جن کي هڪ هزار روپيا مشڪل روزاني اجرت ملي ٿي. اگر ڪنهن مزدور کي امڙ ابي کانسواء اگر گهرواري ۽ ٻه ٻار به هجن ته انهي آمدني مان روزانو کاڌي پيتي جي پورت ڪرڻ ڇا انهن جي وس جي ڳالھ آھي؟

حڪومتي سرويز ٻڌائن ٿيون ته ملڪ اندر لڳ ڀڳ چاليھ سيڪڙو جي لڳ ڀڳ ماڻهن جو  روزگار  زراعت سان واڳيل آهي  ۽ زراعت سان سڀ کان وڌيڪ واڳيل هاري آھن جن جي محنت تي اسان جي ملڪ ۾ ڌاڙو لڳڻ ڄڻ ته معمول بڻجي ويو آھي. وفاقي حڪومت هن سال ڪڻڪ جي في مڻ قيمت 39 سئو روپيا ۽ سنڌ حڪومت في مڻ جي قيمت 4 هزار روپيا مقرر ڪئي پر هارين جي حقن تي راتاهي لڳرائڻ ۽ نااهلي جو ثبوت ڏيڻ ۾  سنڌ حڪومت ۽ وفاقي حڪومت هڪ ٻئي کان ٻه قدم اڳتي نظر آيون. نتيجي ۾ سنڌ ۾ هارين کان ڪڻڪ في مڻ اڪثر طور تي 26 سئو کان 28 سئو روپين تائين ورتو ويو. هارين کان ڪڻڪ سستي وٺي مڊل مينن سرڪاري اگهن تي ڪڻڪ سرڪار کي کپائي موجون ڪيون آھن. هارين سان ائين رڳو ڪڻڪ جي فصل لهڻ وقت نه ڪيو ويو آھي پر ڀينڊيون جڏهن لهنديون آھن، تڏهن اسلام آباد ۽ ٻين وڏن شهرن ۾ ٻه کان اڍائي سئو روپيا في ڪلو وڪرو ڪيون وينديون آھن. تڏهن به هارين کي في ڪلو ڀينڊين جا 20 کان 25 روپيا به نه  ڏنا ويندا آھن, سنڌ سوڌو سڃي ملڪ ۾ انبن جي سيزن هلي رهي آھي پر جن ننڍن هارين انب لڳايا آھن، انهن کان ڪچا انب وڌ ۾ وڌ 50 کان 60 روپيا وٺي شهرن ۾ ڪيتري ۾ کپايا وڃن ٿا، اهو هر ڪو ڄاڻي ٿو. رڌ پچاء ۾ استعمال ٿيندڙ ڪاٺين جو في مڻ ڇھ سئو روپين تائين وڪرو ٿئي ٿو پر هارين کان ڪمند جو مڻ اڌ رقم تي به نٿو ورتو وڃي .

 گذريل سال غير هنرمند مزدورن لاء ماهوار اجورو 32 هزار مقرر ڪيو ويو هو. هن سال ماهوار گهٽ ۾ گهٽ اجورو وڌائي 37 ھزار ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آھي. اهو سرڪار جو اهڙو اعلان آھي جنهن تي سرڪار جو روپيو به خرچ نٿو ٿئي. هن سال ڪيل اعلان تي ڪهڙو عمل ٿي سگهندو، ڇو ته  حڪومت جي گذريل سالن دوران گهٽ ۾ گهٽ ماهوار اجوري واري فيصلي کي فيڪٽرين کان دڪانن تائين، ننڍن دڪاندارن کان  وڏن ڪاروبارين تائين ردي جي ٽوڪري ۾ اڇلائي ڇڏيو. هاڻي اوهان پاڻ اندازو ڪريو ته ملڪ جي ڪل آبادي ۾ زراعت سان واڳيل ماڻهن , مزدورن , فيڪٽرين ,دڪانن تي ڪم ڪندڙن توڙي نجي ماڻهن جي گهرن ۽ ڪاروبارن تي نوڪري ڪندڙن جو تعداد ڪيترو ٿئي ٿو. انهن کي سخت پورهيي بعد ملندڙ رقم مان  ڪو حڪومتي عهديدار ئي ٻڌائي ته ڇا انهي آمدني مان هو کائڻ پيئڻ جا ماهوار خرچ پورا ڪري سگهن ٿا,  مان سمجهان ٿو پاڪستان ۾ پاڻ کي معاشي حوالي سان افلاطون سمجهندڙ به اگر ملڪ جي آبادي ۾ سڀ کان وڏو تعداد رکندڙ  هارين , مزدورن ۽ محنت ڪشن جي ماهوار آمدني مان رڳو کاڌي پيتي تي  ماهوار ايندڙ خرچن جي بجٽ پوري ڪري ڏيکارين ته سندن مهارت جو پتو پئجويندو. مونکي يقين آھي ته پاڻ کي ملڪ جا معاشي ماهر سمجهندڙن جي سموري مهارت نڪري ويندي پر هو عام ماڻهن جي آمدني مان ان جي گهر جو ماهوار کاڌي پيتي جي خرچن جو پورائو نه ڪري سگهندا .

 سنڌ سوڌو ملڪ جون ٻهراڙين جي آبادي لڳ ڀڳ پنجاه سيڪڙي کان وڌيڪ آھي. عام طور تي ڏٺو ويو آھي ته ٻهراڙين توڙي شهرن  ۾ رهندڙ  غريب ماڻهو عيد يا ڪنهن ويجهي عزيز جي شادي تي ڪپڙا وٺندا آھن پر ڇا هن مها مهانگائي جي راڪاس

واري صورتحال ۾ عيد تي به ٻارڙن کي ڪپڙا, چپل وٺي ڏيڻ ممڪن آھي؟ اگر عيد جي ڏينهن تي به عام ماڻهو ائين نه ڪري سگهن ته انهن جي دردن جو ڪاٿو ڪو امير ماڻهو نٿو ڪري سگهي. نه ئي ان ڪرب جو احساس ئي ڪري سگهي ٿو. اگر عام ماڻهو عيد جي ڏينهن تي ٻارڙن کي اوڌري تي ڪپڙا چپل يا بوٽ وٺي به ڏئي پر اها اوڌر قرض مان مرض ٿي سندس زندگي کي وڌيڪ پريشان ڪن بنائي ٿي.

عيد تي خرچي هڪ رواج آھي. ٻارڙا ته هڪ ٻئي سان ريس ڪندا آهن. ٻارڙن کي اهو ادراڪ ناهي هوندو ته منهنجي والدجي ڪمائي ڪيتري آهي ۽ جنهن ٻار سان ريس ڪريان پيو، ان جي والدجي ڪمائي ڪيتري آھي.

اڄ عيد جو ڏينهن آھي. هر محلي , هر ڳوٺ جي صاحب حيثيت کي ڏسڻ گهرجي ته ان جي ڀرسان اهڙو ڪهڙو غريب رهي ٿو، جنهن وٽ عيد جي ڏينهن به گوشت وٺي کائڻ لاء پيسا ناهن. کين بنا گهرڻ جي اهڙن گهراڻن کي قرباني جو گوشت ڏيڻ گهرجي. ائين نه ڪرڻ گهرجي ته قرباني  جو گوشت فريز ڪري رکي ڇڏجي . اگر اسان پنهنجون ٿوريون گهڻيون سماجي ذميواريون ادا ڪنداسين ته اسان جي معاشري ۾ غربت جي گهاڻي ۾ پيسجندڙ ماڻهن جي ٿوري تڪليف گهٽ ٿيندي. باقي حڪومتي پاليسيون غربت گهٽ ڪرڻ بجاء غريب ختم ڪري رهيون آھن ۽ حڪومتي پاليسين سبب غربت ۾ غير معمولي اضافو ٿي رهيو آھي.