عورتن کي وراثت جي شرعي حق کان محروم رکڻ مڪروھ عمل آهي: سپريم ڪورٽ

0
305
نيب ترميمن خلاف پي ٽي آءِ چيئرمين جي درخواست تي فيصلو محفوظ
نيب ترميمن خلاف پي ٽي آءِ چيئرمين جي درخواست تي فيصلو محفوظ

ڪراچي (م ڊ) سپريم ڪورٽ عورتن جي وراثت بابت لکت وارو فيصلو جاري ڪري ڇڏيو آهي، سپريم ڪورٽ جي سينيئر جج جسٽس قاضي فائز عيسيٰ عورتن جي وراثت بابت فيصلو لکيو جنهن ۾ عورتن کي مردن طرفان وراثت جي شرعي حق کان محروم رکڻ کي نفرت جي قابل ۽ مڪروهه قرار ڏنو

عدالتي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته عورتن کي شرعي وراثت کان محروم ڪرڻ مڪروهه عمل آهي ۽ عورتن کي شرعي وراثت سان محروم ڪرڻ الله جي حڪم جي به ڀڃڪڙي آهي

عدالت جو چوڻ آهي ته عورتن کي فراڊ ۽ ٻين حربن ذريعي وراثت کان محروم ڪرڻ عام آهي پر عورتن لاءِ وراثت کان محرومي تڪليف جو سبب بڻجي ٿو، ملڪ ۾ هر ڏينهن مرد وارث عورتون وارث کي حق کان محروم ڪري ٿو

ھي به پڙھندا

غير جمهوري سيٽ اپ قبول نه ڪنداسين، ڇڏي هليا وينداسين: چيف جسٽس گلزار احمد