عوام ۽ اشرافيه جي طرزِ زندگيءَ جو فرق

0
144
عوام ۽ اشرافيه جي طرزِ زندگيءَ جو فرق

 پوري ملڪ ۾اليڪشن جون تياريون شروع ٿي ويون آهن. مختلف پارٽيون پنهنجي پارٽي جي ٽڪيٽ لاءِ اميدوارن سان لھ وچڙ ۾ آھن. ٺٽي ۾ به سياسي ڌريون ٽڪيٽون وٺڻ ۽ باقي مڪ مڪائن ۾ مصروف آهن. گذريل 25 سالن کان ٺٽي ۾ ھڪڙي ئي پارٽي سيٽن تي قابض رھي آھي اميدوارن ۾ به ڪا تبديلي ناهي آئي. بس پٽ پيءُ، پٽ ماءُ، ڌيءَ، پيءُ جي وچ ۾ بادشاهيءَ نظام وانگي اقتدار جو سسٽم تبديل ٿيندو ھلي ٿو. انھن 25 سالن ۾ ٺٽي ۾ ڪا به ترقي ناھي ٿي، ھا جن کي ووٽ ڏئي اڳواڻ ڪري موڪليو سين، انھن مڪمل ترقي ڪئي ۽ ڪن پيا. اسڪولون تباھ ٿي ويون ۽ ٻارن جي تعليم تباھ ٿي وئي پر اڳواڻن جا ٻار آڪسفورڊ يونيورسٽي تائين تعليم حاصل ڪري رهيا آهن ۽ ٺٽي جي ٻارن لاءِ پرائمري تعليم حاصل ڪرڻ نَھ چوٽي زور برابر جي آهي. حالت اھا آھي جو جن کي ووٽ ڏئي ڪاميابي ڏياري انهن جي پاڙن ۽ گھر ويجھو اسڪول تباهي جو ڏيک ڏئي رهيا آهن. روز ايندي ويندي ان اسڪول جي زبون حال عمارت کي ڏسي به رحم نه آيو، ڇو ته اسان  ٺٽي جي عوام اکيون ٻوٽي 25 سال ساڳئين ماڻھن کي پنهنجي تباهي لاءِ چونڊيندا اچون. ۽ جيڪڏهين مسئلن کي هڪ هڪ ڪري ڏسندا اچون صحت کاتي طرف ته ضلعي جي مک اسپتال کان وٺي رورل علائقن تائين ھر اسپتال ۾ مريضن لاءِ ڪا به سهولت ناھي. صرف ھڪ نارمل ٻار جو پيدائشي ڪيس به جي ٿورو پيچيده ٿئي ٿو ته اھو مريض مختلف ھيلٿ يونٽن تان ريفر ٿيندو ضلعي ھاسپٽل پھچي ٿو، جنھن بعد اھو ڪيس حل ٿيو ته واھ نه ته اڪثر ڪري ڪراچي ريفر ڪيو وڃي ٿو.  چونڊيل نمائندن کي خبر به ناهي ھوندي ته انھن جن کان ووٽ ورتا، انھن جا ٻار يا عورتون يا اھي پاڻ ھڪ سئي يا گوري لاءِ تڙپي تڙپي فوت ٿي ويا، ڇو ته انهن ڪڏهن پاڻ يا پنهنجي ٻچڙن کي انهن اسپتالن ۾ ڏيکارڻ جو تصور به ناهي ڪيو اھي. سياسي سريال پنهنجي خاندان سميت پرائيويٽ ھاسپٽل ۾ وڃن ٿا.

جي اچون پاڻي طرف پاڻي پئيڻ جو ھجي يا روزمره جي استعمال جو يا وري زراعت جي کپت جو عوام ٽنھي ضروتن لاءِ تڪليف ۾ مبتلا آهي پيئڻ جو پاڻي پيسن تي روزمره جو پاڻي پيسن تي خريد ٿئي زراعت لاءِ سياسي ڀوتارن جي زمينون آباد ڪرڻ لاءِ مڪمل پنهنجي ضرورت جو پاڻي کڻي پوءِ وارا بندي سان ننڊن آبادگارن کي ڏنو وڃي ٿو، جنھن ڪري 2 کان 3 ايڪڙن واري ھارين يا آبادگارن جون زمينون بنجر بڻيل آهن. پوڇڙ وارن علائقن ۾ ڏڪار جي صورتحال آھي ڇو ته ڳوٺ جي اڳواڻن زوري زبردستي انھن کي کٽرائي ٺٽي کان اسلام آباد ڪراچي جي وڏين ھوٽلن ۾ مزيدار خوراڪ کائڻ لاءِ موڪليو. ضلعي جا ھزارين ڳوٺ بجلي کان محروم آهن. 18 ڪلاڪ روزانو لوڊ شيڊنگ برقرار آهي پر چونڊيل نمائندن کي ڪو به مسئلو ناهي، ڇو ته انھن وٽ جديد آٽو سسٽم وارا جنريٽر ۽ لکين روپين جا سولر سسٽم انھن جي آفيسن اوطاقن گھرن فارم ھائوسن تي لڳل آهن، سو انهن جي ننڊ ۾ خلل ناھي پوندو. باقي رھيا ووٽر ته انهن پاڻ ئي 25 سالن کان انھن کي اھو ٺيڪو ڏنو آهي. ضلعي جي روڊن رستن جي حالت انتهائي خراب آهي. ھن جديد دور ۾ جتي ماڻهو جھازن ذريعي سفر ڪن ٿا، اتي ٺٽي جا ماڻھو وينن ڪوسٽرن ۾ 3 جي سيٽ تي 4 ماڻهو ويھي ڪلما پڙھندي ٻئي شھرن تائين پھچن ٿا. باقي رھيل ضلعي اندر سفر جيڪو ڳوٺن يا ننڍن شھرن تائين ڪيو وڃي ٿو، ان لاءِ سوزڪيون چنگچيون رڪشا ھلن ٿا، جنھن ۾ عورتون ٻار مرد سفر ڪن ٿا، جنھن کي جيڏانهن وڃڻو آھي، ھنن بنا لائنسس واري سيکڙاٽ ڊرائيورن سان موت جو سفر ڪري سگھن ٿا. اسان جي ضلعي جو عوام به گھٽ ناھي. وينن جي ڇت تي ويھي سوزوڪين جي ڊالن سان لٽڪي ڳوٺ جي لنڪ روڊ تائين پهچي ويندو ۽ باقي سفر پنهنجي 11 نمبر گوڏا گاڏي تي ڪندي اچي پنهنجي ماڳ پھچندو. ان سڄي سفر ۾ جن کي ووٽ ڏئي نچي ٽپي وڏين گاڏين تي ويھاريو، اھي گڏ ناھن ھوندا، نه ئي وري ڪو آڌي اَسور پنهنجي گاڏي ڏيندا. ڳوٺ ۾ اڀري سڀري ڪچي پٽڙي ڳوٺ جي سريالن جي گهرن ۽ اوطاقن تائين موجود آهي، باقي ڳوٺن جا رھواسي کڏن کوٻن ڪچي پٽڙي تي گذارو ڪن. جي برسات پوي ته ڪجهه وقت لاءِ ڳوٺن ۾ آرام ڪن. باقي جي بيمار سيمار ٿيا ته پنهنجا ذميوار پاڻ آھيو. باقي جي مريض کي بچائڻ چاھيو ٿا ته رلي جي ٽنگا ٽولي ٺاهي پوءِ مريض کي پڪي تي پھچائي سيکڙاٽ ڊرائيور جي سوزڪي يا لوڊر رڪشا ۾ کڻي اسپتال پھچايو. ان وچ ۾ جي ڪو موڪلائي ويو ته ان جو ذميوار اوھان کان ووٽ وٺندڙ سياسي اڳواڻ ناھي، ڇو ته ان جا ٻار ٻچا ۽ خاص ماڻھون شھرن ۾ رھن ٿا ۽ بهترين سواري موجود ھئڻ ڪري انھن کي ڪنھن به وڏي شھر جي ھاسپٽل تائين رسائي مشڪل ناھي. ٻارڻ ۾ به ٺٽي وڏي ترقي ڪئي آهي. ضلعي جي ڪجھ علائقن کي ڇڏي باقي سڀ سئي گيس جي اچڻ جا خواب ڏسي رھيا آھن. ڪنڊ ڪڙڇ ۽ آس پاس جا سڀئي علائقا سوئي گيس جي سھولت کان محروم آهن. سانوڻ ۽ سياري ۾ برسات وگھي ڪاٺيون آليون ھئڻ سبب جي چلھ نه ٻري ۽ اوھان جي گھر ڀاتين بک تي وقت ڪڍيو ته ڪا وڏي ڳالهه ناھي، ڇو ته ڀت جي ٿيلهي تي بک جو سودو ڪري ووٽ ته پاڻ ئي ڏنو.

روزگار جا وسيلا نه ھئڻ ان ۾ به سياسي ڌرين جو ڪجهه اچي نڪو وڃي. اھو نصيب اسان جو. جيڪا روزي ھوندي اھا ملندي، ڇو ته جن کي ووٽ ڏناسين، انھن جي روزي ته ھلي پئي. ضلعي جون سرڪاري نوڪريون وڪڻي سياحتي ماڳن تان ڪمائي ۾ حصو پتي. ٺٽو ولين جو شھر ته انهن ولين جي درگاھن تان اوقاف کاتي جي مد ۾ لکين رپين جو حصو پتي ۽ ضلعي جي اندر روڊن رستن تي اچ وڃ لاءِ زبردستي جو ٽول ٽيڪس جي صورت ۾ به چڳي خاصي رقم ووٽ وٺندڙن ۽ انھن سان لاڳاپيل ماڻھن جي رزق ۾ اضافو ڪري پئي. باقي پنهنجي نصيب ۾ بک بدحالي تي ٺپو پاڻ نچي ٽپي ھنيو آهي، ھاڻي جيڪو نصيب. منشيات جو واپار اھو واحد ڪم آهي، جنھن ۾ سياسي اقتدار جا والي انتھائي جفاڪشي سان ڪم ڪري رھيا آھن. ضلعي جي ھر ڪنڊ ڪڙڇ ۾ منشيات جي پھچ مڪمل پروٽوڪول ڏئي پھچائي وڃي ٿي. گھرن ۾ دڪانن تي اٽي جي کوٽ ته ٿي سگھي ٿي پر منشيات جي نه، ڇو ته انھن جو مشن آهي ڪو به ماڻهو ھوش ۾ نه رھي، ڪنھن جي شعور جي رڳ سجاڳ نه ھجي ته ڪٿي اھي پنهنجي حقن لاءِ سجاگ ٿي سگھن. جنهنڪري سوال اهو آهي ته ڇا اسان ٺٽي واسي وري به ايندڙ اليڪشن ۾ ساڳئي ماڻهن کي ووٽ ڏئي پنهنجي تباھي لاءِ انهن کي پڳ ٻڌرائينداسين..؟