عوام کي ڪجهه ڏيو نه ٿا ته ڏکويو ته نه

0
179
سنڌ حادثاتي موتن جو ميدان

موجوده پي ٽي آءِ حڪومت کي جيڪڏهن سڀني کان وڌيڪ خطرو آهي يا  ان جي اصلي مخالف ڌر آهي ته اها  هڪ مهانگائي آهي  ۽ ٻيو وري ان مهانگائي جي دفاع ۾ دليل ڏيندڙ سندس وزي  ترجمان آهن. عوام جيڪڏهن مهانگائي جو سور سهي به وڃي پر حڪومتي وزيرن ۽ ترجمانن جون وضاحتون ،دليل عوامانهن  جي ڦٽن تي لوڻ ٻرڪڻ وارو ڪم ڪري رهيا آهن. شايد ئي ڪنهن حڪومت ۾ اهڙا وزير ۽ ترجمان رهيا هجن جيڪي پنهنجي حڪومت خلاف عوام کي مڇرائڻ جو ڪم ڪندا هجن. مخالف ڌر به حڪومت خلاف عوام کي ايترو مڇرائڻ ۾ ڪامياب نه ٿي سگهي آهي جيترو هنن وزيرن ۽ ترجمانن عوام جي دلين ۾ حڪومت خلاف محاذ ٺاهڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو آهي سچ چوندا آهن ته “بيوقوف دوست کان داناءَ دشمن ڀلو”.

15 ڏينهن اڳ حڪومت پيٽرول جون قيمتون 5 رپيا في ليٽر تي وڌائڻ جو فيصلو ڪيو هو توڙي جو اوگرا رڳو هڪ رپيو في ليٽر تي قيمت وڌائڻ جي سفارش ڪئي هئي پر حڪومت هڪ ئي ڌڪ سان اها قيمت 5 رپيا في ليٽر وڌائي ڇڏي هئي جنهن کانپوءِ اهو امڪان هو ته شايد حڪومت ايندڙ 15 ڏينهن کانپوءِ قيمتن ۾ ڪا واڌ ڪرڻ بدران ساڳيون قيمتون برقرار رکندي ته جيئن مهانگائي جي ماريل ماڻهن تي ڪو وڏو بار نه پئجي سگهي پر ٻه ڏينهن اڳ حڪومت وري انهن قيمتن ۾ 4 رپيا في ليٽر اضافو ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي جنهن ڪري عام ماڻهو کانوٺي مڊل ڪلاس ۽ سفيد پوش ماڻهن جو به مٿو چڪرائجي ويو آهي. ڇاڪاڻ ته رڳو پيٽرول جون قيمتون نه وڌيون آهن پر سروي مطابق  هن وقت مهانگائي جي شرح پاڪستان ۾ خطي جي سڀني ملڪن کان وڌيڪ آهي.انهي پيٽرول جي قيمتن ۾ واڌ واري فيصلي جو جنهن انداز ۾ وفاقي وزير ۽ حڪومتي ترجمان دفاع ڪري رهيا آهن اهي رهندو عوام جي ڦٽن تي لوڻ ٻرڪي رهيا آهن ۽ پي ٽي آءِ سرڪار جي بدنامي ۽ ٺٺول جو سبب بڻجي رهيا آهن. وفاقي وزيرن جو چوڻ آهي ته پيٽرول جون قيمتون هن وقت به خطي ۾ سڀني کان گهٽ آهن پر انهي وقت اهي وزير ۽ ترجمان اهو نه ٿا ٻڌائين ته ملڪي  جي ڊي پي ڇا آهي، ماڻهن ۾ قوت خريد ڪيتري آهي ۽ انهن جي في فرد آمدني ڪيتري آهي. جڏهن اوهان وٽ ڪمائڻ لاءِ 5 رپيا هجن  ته اوهان کي 400 رپيا خرچ ڪرڻ ۾ ڪا هٻڪ نه ٿيندي پر جيڪڏهن اوهان ڪمايو 300 رپيا ۽ خرچ هجي 500 رپيا ته پوءِ ڏکيائي ڇا ماڻهن جو جيئڻ ئي جنجال ٿي ويندو. جنهن جو مثال هاڻي انفرادي خودڪشين بجاءِ اجتماعي خودڪشين جا واقعا ٿيڻ آهي   جنهن مان ثابت ٿئي ٿو ته غربت ۽ بيروزگاري هاڻي ماڻهن کي پنهنجي ۽ خاندان جي حياتي کسڻ جي واٽ تي اچي بيهاريو اهي ۽ اسان جا وزير ۽ ترجمان وري وتن ٿا عجيب قسم جا دليل ڏيندا. هن وقت پاڪستان جي جي ڊي پي خطي جي سڀني ملڪن کان گهٽ آهي، مهانگائي جي شرح سڀني خطي جي ملڪن کان وڌيڪ آهي ۽ في ڪس آمدني علائقي ۾ سڀني کان گهٽ آهي. مسئلو رڳو اهو به ناهي مسئلو اهو به آهي ته خطي جي ملڪن ۾ تعليم کان وٺي صحت تائين سهولتون سرڪاري سطحت تي عوام کي مفت ۽ بهتر مهيا ٿي رهيون آهن هتي ته ماڻهن کي تعليم ۽ صحت لاءِ به سرڪار تي ڀاڙڻ بدران پنهنجي خرچ تي خانگي ادارن ڏانهن واجهائڻو پوي ٿو جنهن ڪري اهو به انهن جي ئي کيسي تي بار آهي. جڏهن اوهان ماڻهن کي بنيادي سهولتون به نه ڏئي سگهو ۽ وضاحتون اهي ڏيو ته پيٽرول جون قيمتون علائقي ۾ سڀني کان گهٽ آهن ته انهي تي ماڻهو يا ته کلي سگهي ٿو يا وري حڪومت خلاف ڪاوڙ پيدا ٿي سگهي ٿي.

اسان سمجهون ٿا ته پيٽرول جون قيمتون هڪڙي مهيني اندر 10 رپيا وڌائڻ نه رڳو زيادتي پر عوام سان ظلم آهي ۽ انهي تي وري سرڪاري وزيرن ۽ ترجمانن جون وضاحتون عوام مٿان ٺٺول ۽ انهن جي ڦٽن تي لوڻ ٻرڪڻ آهن. چوڻي آهي جيڪڏهن ڏيو نه ٿا ته ڏکويو ته نه، پر هي حڪمران اهڙا بي حس ٿي چڪا آهن جو ڏيڻ ته پنهنجي ذميواري نه ٿا سمجهن پر ڏکوئڻ کي پنهنجو فرض سمجهي پورو پيا  ڪن .