عوام پنهنجي راءِ جو اظهار ڪري! … ايم صفر گوپانگ

0
78
عوام پنهنجي راءِ جو اظهار ڪري! ... ايم صفر گوپانگ

 پي ايس 15 جي عوام کي عرض آهي ته ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ حڪومتن جو آئيني مدو پنج سال پورو ٿيڻ وارو آهي، جنهن ڪري وفاقي توڙي صوبائي اسيمبليون ٽوڙڻ جا اعلان پڻ ڪيا پيا وڃن، گذريل پنجن سالن ۾ پي ايس 15 جي هينڊسم، نوجوان، اعليٰ تعليم يافتا ۽ طاقتور ايم پي اي گهنور خان اسراڻ جي ڪارڪردگي مان اوهان ڪيترا مطمئن آهيون ۽ ايم پي اي گهنور خان اسراڻ اوهان جي شهرن، ڳوٺن، پاڙن ۾ هڪ چونڊيل نمائندي جي حيثيت ۾ ڪيترا، ڪهڙا ترقياتي ڪم ڪرايا آهن ۽ اوهان جي ڪيتري سار لڌي آهي مهرباني ڪري ڪمينٽ ڪندا، ڪوشش ڪبي ته اوهان جي راءِ کي ڪالم يا اخبار ۾ خبر جي صورت ۾ شايع ڪيو وڃي .

                         (نوٽ: ڪمينٽ ۾ پنهنجي راءِ اخلاق جي دائري ۾ شهر، يوسي ۽ ڳوٺ جي نالي سميت ڏيندا ته مهرباني ٿيندي.) الله ڏنو بروهي لکي ٿو ته: هي ڳوٺ شيردل خان بروهي جا روڊ آهن، اڃا ڇا ڪم ڪرائيندو…؟انعام الله تنيو پوسٽ جي موٽ مي ٻڙين جي قطار لڳائي. جڏهن ته عابد حسين مولاءِ لکيو ته:

مستقبل ڪا ايم پي اي عامر خان گوپان، انشاءُ الله. ملڪ محسن علي ٻڙي ٻڙي چئي جواب ڏنو. محمد امين جاگيراڻي پوسٽ جي جواب ۾ لکيو ته: ڳوٺ بلاول جاگيراڻي تعلقي سجاول جوڻيجو وارهه ڪئنال سان روڊ گھمڻ جي قابل ناهي، ڪجھه وقت اڳ اخبار ۾ به آيو ھو ته اهو ٺهڻ لاءِ منظور ٿي ويو آ، حڪومت ختم ٿيڻ واري آ، اڃا ڪا به خبر ناهي مال ڪاڏي ويو؟ اھو توهان ئي ٻڌائي سگھو ٿا. نيڪ محمد چانڊيو لکيو ته: سائين الله سائين خوش رکيس باقي، حيدر چانڊيو يوسي ۾ هڪڙو به ڪم ڪو ڏيکاريو، گنهور جي سليڪشن ۾ خبر پوندي ته ڪارڪردگي جي،

جنهن ڀلو ڪم ڪيو هوندو ان کي موٽ به ڀلي ملندي، باقي ايم پي اي تڪ جي عوام جا ڪم لاهي ڇڏيا آهن، هي هڪڙو ڀيرو به سيلاب دوران پڇڻ نه آيو ته ڪو مئو آهي يا ڪو بچو؟ سيد عبدالنبي شاهه پنهنجي ڪمينٽس ۾ ٻڙي ٻڙي لکيو.