حيدرآباد (بيورو رپورٽ) عوامي جمهوري پارٽي جي صدر خادم ٽالپر، سيد لعل شاهه، نورنبي راهوجو، نظير قريشي، ڊاڪٽر اسلم پرويز عمراڻي پنهنجي گڏيل بيان ۾ چيو آهي ته  عوام دشمن بجيٽ پيش ڪري پورهيت مسڪين عوام جا درد ۽ ڏک ٻيڻا ڪيا ويا آهن،  بجيٽ کي سنڌ جو عوام مڪمل طور تي رد ڪري ٿو، ڇاڪاڻ ته سنڌ جي ماڻهن هارين، مزدورن، پورهيتن جي لاءِ ڪو به رليف ناهي ڏنو ويو، سنڌ جي عوام ۾ بيچيني ۽ بدحالي، غربت اڃان وڌندي. هنن چيو ته آئي ايم ايف جي چوڻ تي ڳريون ٽيڪسون لاڳو ڪري عوام دشمني جو ثبوت ڏنو ويو آهي، دنيا جا ملڪ چئلينجن کي منھن ڏئي رھيا آھن، پر اسين انھن مان ڪجھه به سکڻ لاءِ  تيار ناھيون.